طفيل مگسي
اها ته سڀني کي پروڙ ھوندي ته رياست پاڪستان جيڪا ايشيا جي ڏکڻ ۾ واقعي آھي.۽ جنهن جي پکيڙ ته تمام وڏي آھي.ليڪن رياست جي سرزمين جي انچ تي به رياست جي عوام جي ڪا حاڪميت ناهي .جڏھن ته رياست جي ئي خاطر عوام پنهنجو سڀ ڪجه قربان ڪري ڇڏيو هو.هن رياست تي جيڪڏھن ڪنهن جو حق آھي به ته اهو اميرن.وڏيرن.جاگيردارن .سردارن .بيوروڪريسي سان گڏ ئي خلائي مخلوق جو ئي آھي.جيڪي پنهنجي مرضي يا ڏاڍ وڏنڊي جي زور تي لکين ايڪڙ زمين تي پنهنجيون سوسائٽيون.فارم هائوسز وغيره بنا ڪنهن روڪ رنڊڪ جي ٺاهي رهيا آھن.۽ کين ڪو چوڻ وارو ناهي پر جي ڪنهن غصي يا ڪاوڙ منجهان چئي به وڌو ته سندس خير ناهي.
هن رياست جو جيتوڻيڪ مڪمل نالو ته اسلامي جهموري پاڪستان آھي.مگر سدائين اسلام ۽ جهموريت جي زيور کان ئي محروم رهي آھي.يعني نه هتي اسلام جي حقيقي روح کي نافذ ڪيو ويو ۽ نه ئي جهمريت جي اصلي چهري کي برداشت ڪيو ويو آھي.
هن رياست جي پياري جهنڊي ۾ ٻه رنگ آھن.سائو ۽ اڇو رنگ .مگر سائي رنگ ۾ اوهان کي مولوين جي فوج نظر ايندي .جڏھن ته اڇي رنگ ۾ توهان کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جي چٽي جهلڪ ڏيک ڏيئي ٿي يعني اها به اجاره داري جي صورت ۾ .
هن رياست جون چار فيڊريشنون آھن.مگر حاڪميت جو حق هڪ ئي فيڊريشن کي آھي.باقي ٻيون فيڊريشنون غلامي جي شڪل ۾ قائم آھن.
هن رياست يعني پاڪستان 1947ع ۾ انگريزن کان آزادي ورتي.مگر 1947ع کان 2023ع تائين انگريزن جي غلامي کان آزاد ناهي ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ڪڏھن ڪا ڪوشش ڪرڻ جي زحمت ڪيائين.هن رياست جي هر حڪمران عوام کي ڳڀي.ڪپڙي ۽ گهر جا ٺلها آسرا ڏنا پر ابتڙ کانئس کان ڳڀو.گهر ۽ ڪپڙو کسڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته هن وقت رياست پاڪستان جيڪا چئن فيڊريشن يا رياستن تي مشتمل ئي ناهي رهي.بلڪ ڪيترن ئي سو رياستن جو هڪ مجموعو آھي.جتي هر رياست جا پنهنجا پنهنجا قانون .قاعدا ۽ ضابطا آھن.جيڪڏھن هڪ رياست ٻي رياست جي مامرن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته سندس ٽنگيون ٽوڙيون وڃن ٿيون.جهڙي ريت“سنڌ جي رياست“آھي ۽ ھن رياست کي صرف زرداري ليگ کي ئي ٺيڪي تي ڏنو ويو آھي.
اهڙي ريت هن رياست ۾ الله جي فضل وڪرم سان مولوي صاحبان جي به ڪا کوٽ ناهي.جن وري رياست ۾ پنهنجيون پنهنجيون رياستون ٺاهي ڇڏيون آھن.جيڪڏھن پاڪستان جي رياست ڪڏھن انهن جي مامرن ۾ مداخلت ڪئي به ته اهي مدرسن جي فوج وٺي رستن تي نڪري پون ٿا ۽ پاڪساني رياست جو ساه مٺ ۾ ڪري ڇڏين ٿا.
هن رياست جي اندر سمورا ادارا به الڳ رياستن جي ۡحيثيت رکن ٿا ته ڪو به ادارو رياست پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ ناهي ۽ نه ئي ان قسم جي ڪا ڏور ڏور تائين اميد ڏيک.ڏيئي ٿي.
پاڪستان جي رياست جو سڀ کان وڏو شعبو ماشاء الله زراعت تصور ڪيو ويندو آھي.مگر پوء به بدقسمتي سان ڪڻڪ ٻاھريان گهرائي وڃي ٿي.
دفاع جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته يقينن هي رياست ان قدر مضبوط آھي ته وڏي کان وڏي پاڙيسري ملڪ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سگهي ٿي.۽ ڪمزور وري ويچاري ايتري آھي ته جيڪڏھن ڪٿان کان ڪي چار مولوي نڪري پون ٿا ته اهي کانئس کان ڪنٽرول نٿا ٿي سگهن.
رياست جي واپارين جي ڪهڙي تعريف ڪجي.جيڪي عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا.مگر رياست کي ٽيڪس ڏيندي کين ٽيئڙ تپ چڙھيو وڃي ٿو.۽ انهن جا ٽيڪس وري رياست عوام اوڳاڙي ٿي.
پاڪستان جي رياست جنهن جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي صنعت ڪرپشن آھي.جنهن ۾ ڏينهن جو ٻيڻو ۽ رات جو چوڻون واڌارو ٿيندو رهي ٿو.
رياست ۾ پهرين نمبر تي مذھب ۽ ٽين نمبر تي سياست جو بول بالا آھي.
تعليم.صحت ۽ انصاف پڻ وڏن ڪاروبارن ۾ شامل آھن.جنهن کان ڪروڙين اربين روپين جا امير ته فائدو وٺي رهيا آھن .جڏھن ته غريب انهن شين کان محروم آھن.
رياست جي آئين جي به ڪهڙي ڳاله ڪجي.هتي آئين جي معني اها آھي“جنهن جي لٺ ان جي مينهن“مطلب ته جهنگ جو قانون رائج آھي.مها ڏوهاري ملڪ جا حاڪم ۽ غريب جيلن جي سيخن پٺيان.
رياست جو معاشي نظام اهڙو ته بهترين آھي جو امير ڏينهون ڏينهن امير کان امرين ترين ٿيندو پيو وڃي .جڏھن ته عوام بک.بدحالي ۽ ڪمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي.
هن رياست يعني پاڪستان کي هلائڻ وارا سڀ ماڻھو هن رياست سان ايترو ته پيار.محبت رکن ٿا ته سڀني ٻين ملڪن ۾ شھريت حاصل ڪري ڇڏي آھي.۽جيئن اقتدار يا عهدي کان فراغ ٿين ٿا ته فورن پنهنجي اباڻي ملڪ هليا وڃن ٿا.جتي سندن ناڻو ۽ ڪاروبار آھي.بس هتي صرف پئسن گڏ ڪرڻ جي لاء حاڪميت ڪن ٿا.وري جڏھن مٿن موت اچي ٿو ته اتان جي ڌرتي کين تسليم نٿي ڪري بلڪ سندن مڙھ موٽي اچي هن رياست ۾ دفن ٿيئي ٿو.جن جي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندا رهجي وڃن ٿا.
رياست ۾ رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ نهايت ضروري آھي.جي ائين نٿو ڪيو وڃي ته ڪنهن به معمولي ڪم جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي.
هن رياست ۾ شخصي حفاظت ۽ امن وامان صرف سياسي اڳواڻن(چورن) ۽ طاقتور شخصيتن(ڦورن) کي دستياب آھي.جڏھن ته غريب ويچارو الله جي آڌار هوندو آھي.
رياست وڏن وڏن اربن ۽ کربن روپين جي قومي خزاني جي ڏوھارين کي وي آئي پي پروٽوڪول ڏيئي ٿي ۽ ننڍڙن ڏوهارين کي وڏيون وڏيون سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
منهنجا غريب.مسڪين ۽ بيوس پاڪستاني رياست جي اصل رهواسيو مون کي اوهان جي عظمت ۽ حوصلي تي رشڪ اچي ٿو ته اوهان رياست جون سموريون تڪليفون برداشت ڪيون.ليڪن اوهان فڪر نه ڪريو.هن رياست جيڪي اوهان کي هن فاني رياست وڏيون تڪليفون ڏنيون آھن .مگر الله وٽ واريء جي ذري ذري جو به حساب آھي.ان ڪري آخرت ۾ اوهان ئي سرخرو رهندو.ڇاڪاڻ ته الله هر شيء تي غالب آھي ؛؛؛










