ڪپتان جي جيت ڇا اپوزيشن جي شڪست آهي؟

ڪپتان جي جيت ڇا اپوزيشن جي شڪست آهي؟

پاڪستان جي تاريخ ۾ نرالا فيصله پيا ٿين ، وزيراعظم جناب عمران خان کي سينيٽ اليڪشن خاص اسلام آباد جي سيٽ تي ڪپتان پاران سينيٽ لاء بيهاريل اميدوار عبدالحفيظ شيخ کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي سابق وزيراعظم جناب يوسف رصا گيلاني سرسري حاصل ڪري شڪست ڏني جنهن کان پوڀ اپوزيشن پن ڪپتان مٿان تاپڙ تا حمله ڪيا پاڪستان جي تاريخ م ڪيترائي ئي لاها چاڙها اچن ٿا جنهن ۾ ڪو پاس ٿئي ٿو ته ڪو فيل ٿئي ٿو پر ظاهرن پاڪستان تحريڪ انصاف کي شڪست ملي ، جنهن کان پوء اهم ملاقاتون پڻ ٿيون ، وزيراعظم جناب عمران خان به دليرانه فيصلو ڪندي چيو ته مان چونڊي نمائيندن کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو ، جنهن فوري صدر کي اجلاس گهرائڻ جي اپيل ڪئي ۽  قومي اسيمبلي جي اجلاس جو اعلان ٿيو  جنهن  بعد وزيراعطم جناب عمران خان قوم کي خطاب پڻ ڪيو جنهن ۾ به قوم سان گڏ پنهنجي چونڊيل نمائيندن سان به مخاطب ٿيو ، برحال قومي اسميبلي جي اجلاس ۾ 178 ووٽ حاصل ڪري ڪپتان وري وزيراعظم جي لاء ڪليئر ٿي ويو اهي خدشا پڻ ختم ٿي ويا جڏهن ته اپوزيشن پي ڊي ايم اهو اعلان پڻ ڪيو ته اسان هن اعتماد وٺڻ واري اجلاس ۾ شرڪت نه ڪنداسين پر پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان اهو ثابت ڪيو ته مان عوام جي سهڪار سان اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته هن وقت پاڪستان وزيراعظم جناب عمران خان جي ساک بچي وئي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته  اپوزيشن جنهن مٿان 3 کان چار ارب رويپا چونڊيل ميمبرن کي ڏيئي ان سان گڏ پارٽي ٽڪيٽ جي آسري تي انه کان اپوزيشن ووٽ خريد ڪيا ، پر منهنجي نظر ۾ کلاڙي رانديگر ان کي چئجي جيئن پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان ڪيو مان سلام پيش ڪيان ٿو مان سمجهان ٿو ته ٽي کان چار ارب روپيا به پاڪستان جي وڏي کان وڏي سياستدان جناب آصف علي زرداري صاحب کان وٺي ويو جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو اهي اڄ کيس سان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ به گڏ هيا ته انهن ووٽ به ڪپتان کي ڏيئي اپوزيشن جي هر حڪمت عملي تي انهن کي خاموشش ڪري ڇڏيو آهي ، مان سمجهان ٿو ته جيئن هاڻ پاڪستان جو وزيراعظم پاڪستان جي سياست کي سمجهي ٿو شايد ڪير سگهجي ، هونء به هي پاڪستان جو دنيا جو ڪامياب ڪپتان ثابت ٿيو هو هاڻ به هن وٽ بهترين رانديگر آهن جڏهن چاهي جهن کي چاهي هو چت ڏيئي سگهي ٿو اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو وڃي، جيڪي هارائي ويا اهي نامنظور ۽ جيڪي کٽي ويا اهي منظور، ڇا اهو کليل تضاد ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حڪمن ۽ فيصلن تي اعتراض آهي ته اهو آئيني رستو اختيار ڪري. اليڪشن ڪميشن آئين جي بالادستيءَ لاءِ بهتر طريقي سان پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائيندي رهندي. جمعي ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سلطان سڪندر راجا جي سربراهيءَ ۾ منعقد اجلاس بعد ميڊيا کي جاري ڪيل پريس پڌرائيءَ مطابق اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سينيٽ جي اليڪشن آئين ۽ قانون موجب ڪرائڻ تي اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون. ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آيا آهيون، نه ئي اينداسين، ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، وزيراعظم جي بيان سان ڏک پهتو آهي، ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلن تي اعتراض آهي ته آئيني واٽ استعمال ڪئي وڃي، اسان ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه آيا آهيون ۽ نه ئي اينداسين، اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊ نتيجن تي ناراضگي ۽ تبصري کي رد ڪري ٿو. اليڪشن ڪميشن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته هڪ ئي ڇت هيٺان جيڪي هارائي ويا اهي نامنظور ۽ جيڪي کٽي ويا اهي منظور، ڇا اهو کليل تضاد ناهي؟ آئيني ادارن تي چَٿَرَ ان جي ڪمزوري برابر آهي. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آزاد آئيني ادارو آهي، اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو، ڳجهي بيلٽ، جمهوريت ۽ آزاداڻا اليڪشن جو حسن آهي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم قانونسازي يا آئين ۾ ترميم ناهي، حڪومتي شَخصِيتُون ٿورو ته احساس ڪن، جيڪڏهن ڪٿي اختلاف آهن ته شاهدين ساڻ اچي ڳالهه ڪريو، جيڪڏهن توهان جون تجويزون ٻڌي سگهون ٿا ته شڪايتون ڇو نه. اليڪشن ڪميشن چيو ته سينيٽ چونڊون خوش اسلوبي سان انجام تي پهتيون، سينيٽ اليڪشن جي آئين ۽ قانون موجب انعقاد تي الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون. اليڪشن جي رزلٽ بعد ميڊيا ذريعي جيڪي خيال اسان جي مشاهدي ۾ آيا انهن کي ٻُڌي ڏُک ٿيو. ان سلسلي ۾ وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ آزاد ادارو آهي، ان کي ئي ڏسڻو آهي ته آئين ۽ قانون ان کي ڪهڙي اجازت ڏئي ٿو ۽ اهو ئي ان جو معيار آهي. اسان آئين ۽ قانون کي نظر انداز نٿا ڪري سگهون ٿا ۽ نه ئي ڪا ترميم ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي حڪمن/فيصلن تي اعتراض آهي ته اهو آئيني رستو اختيار ڪري. اليڪشن ڪميشن سان ڪو به وفد ملڻ چاهيو اليڪشن ڪميشن ان جو مؤقف ٻُڌو ۽ انهن جي تجويز جو تفصيلي جائزو ورتو. اليڪشن ڪميشن صرف ۽ صرف آئين ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ ئي پنهنجا فرض ادا ڪندو آهي ۽ آزاداڻي طور تي فيصلا ڪيا ويندا آهن ته جيئن پاڪستاني عوام ۾ جمهوريت کي هٿي ملي، هڪ ئي ڇت هيٺان هڪ ئي اليڪٽرول ۾ هڪ ئي عملي جي موجودگيءَ ۾ جيڪو هارجي ويو اهو نامنظور جيڪو کٽي ويو اهو منظور، جڏهن ته باقي سمورن صوبن جا نتيجا قبول ڪيا ويا. پريس پڌرائيءَ مطابق ڳجهو بيلٽ آئين جي گُهرج هئي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم قانونسازي ناهي پر قانون جي پاسداري ڪرڻ آهي. تجويزون ٻُڌي سگهون ٿا ته شڪايتون ڇو نه. اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميداري چڱيءَ ريت ۽ آئين جي بالادستيءَ لاءِ بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندي رهندي ، برحال الڪيشن ڪميشن کي به لازمي  غضو آيو هوندو ان ڪري هنن به اهو سمجهيو ته وزيراعظم جناب عمران خان کي جواب ڏيڻ گهرجي ۽ انهن ڏنو به آهي ، ٻئي پاسي پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان کي ڪاميابي به ملي هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سينٽ جي سيٽ تي ڪير ٿو ڪامياب ٿئي ، هن وقت به ان چونڊيل نمائيندن جي ضرورت درڪار آهي  مان عرض ڪندس ته ڪپتان پنهنجو اهڙو ته پتو کيڏيو آهي جو جيڪو به ڪپتان کان پاسو ڦيريندو ان جي پڪڙ جو سلسلو به شروع ٿي سگهي ٿو ان  ڪري ڪپتان پنهنجي چونڊيل نمائيندن سڌيون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ته جيڪو منهنجي هن اعتماد وٺڻ واري رٿ جي اجلاس ۾ نه پهتو اهو پنهنجا تڏا ويڙيهي سگهي ٿو ، جڏهن ته اپوزيشن پڻ وڏي امتحان مان گذري رهي آهي ، جهڙي ريت ڪپتان ڇڪو هنيو اها به هڪ تاريخ رقم ٿي آهي منهنجي نظر م هي عوام جو وزيراعظم آهي پوء ڀلي جو عوام جي هن اها خدمت ناهي ڪئي يجڪا ٿيڻ گهرجي ها ، هاڻ به ڪپتان لاء موقعو آهي ته پوء عوام جي خدمت ڪري جيئن عوام  ان سان پيار ڪري ، بجيٽ جي تياري به ٿيندي ان بجيٽ ۾ صرف از صرف غريبن سان رعايتي پيڪيج هجي ، جيئن ڪو شڪايت نه ڪري ،  برحال ڪپتان جي شڪست جا براڀ راست اثر  سياسي اڳواڻن سميت ڪيترن .ئي ادارن مٿان به سوال اٿن ٿا جن جو جواب پڻ  ڪنهن زميوار کي ڏيڻ گهرجي ، جڏهن ته انساني حقن جي تنظيم جي ڳواڻ فقير محمد عباسي پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪئي آهي  ڪپتان جي جيت اپوزيشن جي شڪست آهي چيئرمين سينيٽ به هن ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٿيندي ، ڊپٽي چيئرمين اي ڪيو ايم پاڪستان حاصل ڪري سگهي ٿي ، جڏهن ته سوا ٻه سال گهٽ ۾ گهٽ ڪپتان صاحب عوام ڏانهن رخ ڪري جيئن عوام جي بنياڊي مسئلن کي حل ڪري سگهجي.                                       

پهنجو تبصرو موڪليو