تحرير زوار حسين شاهه
پاڪستان ۾ جيڪڏهن صحت جي حوالي سان سچ لکان ته اهو به ڪڙو سچ آهي ته جمهوريت هوندي عوامي حڪومتون هوندي به شايد عام مانهن کي صحت جون سهولتون مهيا ناهين ڪري سگهيون جيڪا حقيقت آهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، پر ٻيو سچ اهو به آهي ته ڪڏهن ڪڏهن فرض شناس آفيسر جي مقرري بهترين ڪردار ادا ڪري عوام کي غريبن کي خوشي ڏيڻ م مدد مهيا ڪري ٿي اهڙي ريت جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي ڳالهه ڪندس ته اهي به عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ڏٺا آهن اهو ئي ڪڙو سچ آهي ، اهو ئي سبب به آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ اندر تقريبن سرڪاري اسپتالن کي نجي ادارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي پوء ڪٿي بهترين ڪم پيو ٿئي ته ڪٿي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن پئي ٿئي پوء ڪوئي حق سچ لکندو ڪوئي نه لکندو . ڪڙو سچ اهو به آهي ته لکين روپيا پگهارون کڻندر سرڪاري ڊاڪٽرس پنهنجون نجي استپتالون کولي ڪجهه وقت سرڪاري اسپتال ۾ اچي حاضري ڀري وري غائب ٿيو وڃن جيڪڏهن نجي اسپتالن جي انهن ڊاڪٽرن جيڪي سرڪاري آهن پر ڪروڙين روپين جي ملڪيت جوڙي گاڏيون عيش عشرت واري به زندگي بسر ڪري رهيا آهن اهو به ڪڙو سچ آهي پر جيڪڏهن مان ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسن ابڙو ان جي ٽيم جي ڳالهه ڪيان ته انسان پرست غريب دوست غريبن جو هڏ ڏوکي شخصيت جو مالڪ شفيق انسان جنهن جي بهترين پلاننگ ضلعي خيرپور ۾ ڪيترن ئي اسپتالن اندر انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي منهنجي دل چوندي ته کيس ڪيل خدمتن تي سلام پيش ڪيان اها ئي عبادت الاهي آهي تڏهن ته الله سائين بار بار فرمايو آهي ته اي بنده ٿي سگهي ٿو مان پنهنجا حقوق معاف ڪيائين پر جيڪڏهن ڪنهن بندي کي تنگ ڪيئي پريشان ڪيئي ان جو حق کاڌئي ته مان توکي ڪڙي کان ڪڙي سخت سزا ڏيندس ، اهڙي ريت ئي راڻيپور ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي ڄامڙو به هڪ آهي بهترين شخصيت جو مالڪ بهترين پيار محبت شفقت جي پرچار ڪندڙ جنهن ٿوري وقت ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي مڪمل صورت هال تبديل ڪري ڇڏي آهي ، راڻيپور جي عوام جي قسمت ڀلي جو اهڙو ايم ايس مليو آهي ضلعي خيرپور جي چند اسپتالن مان جي منهنيج نظر م پهرئين نمبر ٿي هوندي ، چوويهه ڪلاڪ ئي اسپتال کليل ، هر وقت ڊاڪٽرس موجود اها وڏي ڳالهه آهي هن وقت هي اسپتال هڪ سهڪار آهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري ، پر مان اها به ڳالهه ڪندس ته ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو هجي يا ڊاڪٽر امتياز هجي يا ڊاڪٽر رحمت الله هجي ، يا داڪٽر محسن هجي يا ڊاڪٽر ٻيا پوري ٽيم جس لهڻو سلام پيش ڪيون ٿا راڻيپور جي تاريخ جو هڪ بهترين ڪم جيڪو نيوٽريشن انٽرنيشنل جي طرفان راڻي پور جي عوام لاء خاص تحفو ڪينگرو مدر ڪيئر وارڊ قائم ڪيو ويو آهي جنهن سان تعاون ڊسٽرڪٽ هيلت آفيسر آئي ايڇ ايس جي مشترڪه تعاون سان ڪنيگرو مدر ڪيئر سينٽر جو قائم ٿيڻ هڪ وڏو اعزاز آهي وارڊ قائم ٿيڻ سان سوين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ضلعي خيرپور ۾ رورل هيلٿ سينٽر راڻيپور جو منفرد ڪردارآهي ، قبائلي جهڳڙن سبب هاڻ ايم ايس جي پوسٽنگ کان ڊاڪٽرس ڪيٻائين پيا برحال مان سمجهان ٿو ته بهترين سسٽم آهي جنهن ۾ انسان زات سان پيار جو سبق به ملي ٿو ، جيڪو وقت کان اڳ پيدا ٿئي ان کي بچائجي سنڌ ۾ ڪيترائي آر ايڇ سي سينٽرز ڪم ڪري رهيا آهن پر راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جي ٻين سينٽرن کان بهترين ڪارڪردگي رهي آهي راڻيپور م نيوٽريشن انٽرنيشنل جي طرفان ۽ ڊي ايڇ او خيرپور محمد حسين ابڙو ۽ آئي ايڇ ايس جي خاص سهڪار سان ڪينگرو مدر وارڊ قائم ڪيو ويو جڏهن ته ڊي ايچ او خيرپور محمد حسين ابڙو ، آئي ايڇ ايس صوبائي مينجر سليم شيخ ريبن ڪٽي افتتاح ڪيو جڏهن ته آئي ايڇ ايس صوبائي مينجر سليم شيخ ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ ايس ايس قدم علي جامڙو نيوٽريشن انٽرنيشنل جو ضلعي ڪوآرڊينيٽر عبدالوحيد ملاح ، تعلقه هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ڊاڪٽر محسن منڱريو ، پيراميڊيڪ چيئرمين اشفاق حسين وساڻ صدر پڻ موجود هيا ، افتتاح ڪرڻ بعد ڪينگرو مدر ڪيئر وارڊ جو وزٽ ڪيو جتي ڊاڪٽرس پاران مهيا ڪيل تمام جديد سهولت بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن بعد ڊي ايچ او خيرپور محمد حسين ابڙو ، اين ايچ ايس صوبائي مينجر سليم شيخ ، ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي جامڙو ، ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي ٻين سٽي پري ڪلب راڻيپور جي قلم ڪارن سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جديد کان جديد سهولت مهيا ڪري موت مار بيمارين کي مات ڏيئي سگهون ، جڏهن ته اهي معصوم ٻار جيڪي وقت کان اڳ هن دنيا م اچن ٿا جيڪي انتهائي ڪمزور هئڻ سان گڏ انتهائي خطرناڪ پوزيشن ۾ هوندا آهن انهن کي آڪيسجن باڪس ۾ رکي ماء جهڙي ئي حرارت ڏيئي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته حياتي بچائي سگهجي جڏهن ته انورٽر اي سي واٽر ڊسپينسر ، ٽيبل ڪريسون ويٽ مشين ، سميت ڪئي ڪٽس پڻ ڪنيگرو مدر وارڊ ۾ ڏنيون ويون آهن هر طرح سان خيال رکيو ويو آهي اهڙا وارڊ ضلعي خيرپور جي چار اسپتالن م قائم ڪيا آهن جڏهن ته اسان انهن جو تعداد وڌائي هڪ هڪ رورول هيلٿ سينٽر ۾ سهولت ڏينداسين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور محمد حسين ابڙو وڌيڪ چيو ته هن وقت قبائلي جهيڙن جهڳڙن جي ڪري ڪافي سينيئر ڊاڪٽرس ايم ايس جي پوسٽنگ ڪرائيڻ کان ڪيٻائين ٿا پر راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جو بهادر فرض شناس آفيسر ايم ايس ڊاڪٽر قدم علي جامڙو بهترين ڪردار ادا ڪندي پنهنجو فرض سمجهندي جهيڙن جهڳڙن هوندي به سينٽر نه ڇڏيو هن ئي سينٽر ۾ رهيو جنهن تي مان سلام پيش ڪيون ٿا اهڙن ڊاڪٽر تي اسان کي فخر آهي ، جڏهن ته ڊاڪٽر قدم علي جامڙو ، امتياز حسين وساڻ ٻي ٽيم افتتاحي تقريب ۾ آيل مهمانن جنهن ڊي ايچ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ، آئي ايچ ايس صوبائي مينجر سليم شيخ ، آئي ايچ ايس جي غلام عابد ٽالپر ، نيوٽريشن انٽرنيشنل جي ضلعي ڪوآرڊينٽر عبدالوحيد ملاح ، ڊاڪٽر محسن منڱريو ، ڊاڪٽر راجيش ڊي سي آفيس پوليو سينٽر ،خيرپور پيراميڊڪ چيئرمين اشفاق حسين وساڻ صدر غلام اصغر ملاح کي سنڌي سوکڙي اجرڪ پيس ڪيا ويا جڏهن ته ڊي ايڇ او ٽيم سٽي پريس ڪلب سميت ٻين قلم ڪارن کي سنڌي اجرڪ بهترين ڪارڪردگي تي اوڍايا آخر ۾ ڪيڪ ڪٽي ملڪ جي بقا سنڌ جي سلامتي ۽ رورل هيلٿ سينٽر جي ڪاميابي سرخروئي لاء خاص دعائون گهڙيون ويون مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن حڪومت سنڌ صحت جون سهولت ڏيڻ لاء ڪجهه تجربه ڪري ته ڪافي ڪامياب ٿيندا پر ان جي نگراني ڪن خاص ماڻهن کان ڪرائين انهن کي اهو اختيار هجي ته عام ماڻهون به اسپتالن ڏانهن اچي هو بجيٽ بابت دوائن بابت ڄاڻ حاصل ڪري ان سان گڏ اهو به عرض ڪندس ته جيڪڏهن ڊي ايڇ او محمد حسين ابڙو جهڙن آفيسرن کي آزادانه ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته ضلعو خيرپور ته پارس ٿي وڃي پر جيڪڏهن سنڌ تائين مانيٽرنگ ٽيم تشڪيل ڏين جنهن ۾ اهڙن آفيسرن کي موقعو ڏنو وڃي ته جتي ڪٿي اچانڪ ڇاپه هڻو پوء ڏسو ته سڀ وقت تي جاب به ڪندا اسپتالن کي ٽائيم به ڏيندا پر شرط صرف هڪ هوندو ته ان ۾ سياسي مداخلت نه هجي پوء ڏسو ته زندگيون ڪيئن ٿيون بچن صحت جون سهولت ڪيئن ٿون بهتري ٿي سگهن ۽ مهيا ڪجن پر گهڻو فقدان صرف سياسي مداخلت ڪاموراح شاهي جي مداخلت سياسي بنيادن تي جبرن بدليون ،اهي پڻ روڪيون وڃن ، پوء ان جو نتيجو ڏسندا ته سنڌ م صحت جون اسپتالون ڪيئن ٿون ترقيون ڪن پر مونکي اهو به ياد آهي ته سول اسپتال خيرپور جي جهڙي خراب صورت هل هئي اها به اسان کان لڪيل ناهي اچو هاڻ ڊي ايڇ او محمد حسن ابڙو ان جي ٽيم جي ڪوشش ڏسو فرق ڪيئن آيو ، جاڻ سنڌ جي بهترين اسپتالن ۾ آهي ٻئي طرف خاص طور آئي ايڇ ايس جي صوبائي مينجر ، آئي ايڇ ايس جي مير عابد ٽالپر جي محنت ڏسي عرض ڪندس ته جٿي ڪٿي توهان سروس مهيا ڪيو ٿا بهترين دوائون به ڏيو ٿا پر پوء به جيڪا عوام غريب جي پڪار دانهن آهي اسان ٿي سگهي ٿومتان ان کي سيريس نه ورتو هجي پر مالڪ اکاهي سريس وٺندو جيڪڏهن عاقابت سنوارڻي آهي ته گڏجي عوام جي خدمت ڪيو امير ڀوتار جاگيردار ته سرڪاري اسپتال نه انيدو اهو ئي ايندو جنهن وٽ وسائل نه هوندا برحال ضلعي خيرپور ۾ چوٿو ڪنيگرو مدر ڪيئر وارڊ قائم ڪرڻ سان هڪ اميد ته جاڳي آهي ته وقت کان اڳ پيدا ٿيندڙن کي زندگي جي هي لاٽ حياتي ڏيئي سگهي ٿي ، مان عرض ڪندس ته سٽي پريس ڪلب لائيو سيشن عوام جو حقيقي آواز بڻجي خدا پاڪ کي حاضر ناظر سمجهندي پنهنجو فرض ادا ڪندي جيڪو ڏٺو اهو لکي عوام تائين ادارن تائين سڌ پهچايون ٿا پر جيڪڏهن نظر نه ٿو اچي ته صرف ڀوتارن جاگيردارن سياستدانن کي باقي انسان پرست ڏسن به ٿا ڪم به ڪن ٿا










