ڪورٽ مارشل  ضرور ٿيڻ گھرجي

حامد مير
واه خان صاحب واهه _ اوهان تھ اسان جي  دل ئي باغ بھار ڪري ڇڏي ، اسان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان فرمايو  آھي تھ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ  ته هن روس جي خلاف تقرير ڪئي ھئي. خان صاحب جو اهو بيان ٻڌڻ کان پوءِ مون هڪدم تاريخ ڏٺي، اھو 3 مارچ 2023ع  ھئي ۽ جمعي جو ڏينھن ۽ خان صاحب لاهور جي زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي باجوا صاحب جي شعلھ بياني ۾ مصروف ھو،باجوا صاحب جي جنهن  تقرير تي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو ويو،
اھا تقرير 2 اپريل 2022 تي اسلام آباد سڪيورٽي ڊائيلاگ جي آخري ڏينهن ڪئي وئي، ان وقت عمران خان وزيراعظم هو، آئين جي آرٽيڪل 243 موجب پاڪستاني فوج  وفاقي حڪومت جي  ماتحت ادارو تصور ڪيو ويندو آھي ۽  جيڪڏهن آرمي چيف جي تقرير آئين جي آرٽيڪل 244 تحت ھن جي حلف جي ڀڃڪڙي هئي ته عمران خان دفاع واري وزارت ذريعي باجوا  صاحب جي ڪورٽ مارشل جو حڪم ڏئي سگهيو  ٿي. ان وقت تھ اسان جو خان صاحب خاموش رهيو پر يارنهن مهينن کانپوءِ  ھو باجوا جي ڪورٽ مارشل لا جو  مطالبو ڪري رھيو آھي.
جڏهن شهباز شريف وزيراعظم آهي. توهان کي ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته فيبروري 2022 جي آخري هفتي ۾ عمران خان روس جو دورو ڪيو هو،  جنھن  ڏينهن عمران خان ماسڪو پهتو انھيءَ ئي ڏينھن  روس يوڪرين تي حملو ڪري ڇڏيو،يورڪين انھن ڪجھھ ملڪن مان ھو جن آگسٽ 2019 تي ھندوستاني حڪومت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. عمران خان روس مان واپس آيو ته باجوا کيس صلاح ڏني ته توهان کي يوڪرين تي روسي جارحيت جي مذمت ڪرڻ گھرجي، عمران خان اها تجويز رد ڪندي چيو ته اسان کي ھندوستان جيان ان  معاملي ۾ غير جانبدار رهڻ گهرجي، باجوا جو مسئلو ھندوستان يا ڪشمير نھ ھو، هن جو مسئلو هڪ ٻي ايڪسٽينشن حاصل ڪرڻ ھو ۽ هن آمريڪا کي خوش رکڻ چاهيو ٿي، عمران خان سندس ڳالھھ نھ مڃي  تھ ھن ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ڪانفرنس دوران روس جي مذمت ڪئي، جنهن تي خان صاحب رڳو ڏند ڪرٽيا ٻيو ڪجھھ ڪرٽيا به نه ڪيو.هڪ طرف عمران خان باجوا جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف هو موجوده آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ چوي ٿو هو تھ ساڻس ملڻ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن اهو  نٿو ملڻ چاهي تھ  ھو  ڇا ڪريان، دراصل صدر عارف علوي اھڙي ملاقات لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪري چڪو آھي پر ڪوشش  ڪامياب نه ٿي آھي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جنرل عاصم منير عمران خان سان ملاقات ڪندو ته پوءِ اھي الزام ڪيڏانھن ويندا جيڪي  خان صاحب فوج جي حاضر سروس آفيسرن تي ڪو ھڪ نھ پر ڪيترائي ڀيرا لڳائي چڪو آھي؟ پر جيڪڏهن مان مسٽر خان جي جاءِ تي هجان ها ته ڪڏهن به جنرل عاصم منير سان ملڻ جي خواهش جو ا ظهار نه ڪريان ها.
هي اهو ئي عاصم منير آهي جنهن جون 2019ع ۾ وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايس آءِ سربراهه  جي حيثيت سان ٻڌايو ھو تھ سندس آس پاس موجود ڪجهه ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث آهن، جنهن تي عمران خان سخت ناراض  ٿي ويو. هن فورن جنرل باجوا کي چيو تھ  عاصم منير کي هٽائي فيض حميد کي آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻايو وڃي،باجوا صاحب جو مدو 4 مهينن ۾ پورو ٿيڻ وارو هو ۽ عمران خان جي پنھنجي مدي ۾ واڌ لاءِ ڏينهن رات  خوشامد ڪندو رھندو هو، هن خان صاحب جي فرمائش تي اکيون بند ڪري عمل ڪيو ۽ عاصم منير کي هٽائي ان جي جاءِ تي فيض حميد کي آءِ ايس جو سربراهه بڻائي ڇڏيو،فيض حميد اھڙي ٿڌي ٿوري  جي بدلي ۾ پھرين تھ وزيراعظم کي ايڪسٽنيشن جي لاءِ راضي ڪيو  ۽ پوءِ پارليامينٽ ۾ مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين جي حمايت حاصل ڪئي (سواءِ سينيٽر مشتاق احمد خان ۽ محسن داوڙ جي). ھڪ ايڪسٽينشن کان پوءِ باجوا ٻي ايڪسٽينشن وٺڻ پئي چاهي ۽ خان صاحب کي دٻاءُ هيٺ رکڻ شروع ڪيو، خان صاحب کان اهو پريشر نٿو وسري ۽ اڄ هو باجوا جي ڪورٽ مارشل ڪرڻ چاهي ٿو.
ھن جي زبان مان باجوا جي ڪورٽ مارشل جوٻڌي ڪري منھنجي دل ان ڪري باغ بھار ٿي وئي آھي جو جڏھن آئين  سان غداري جي مقدمي ۾ جسٽس وقار  سيٺ اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي تھ  عمران خان ۽ جنرل باجوا گڏجي پرويز مشرف کي سزا کان بچايو ھو،اڄ خانصاحب پاڻ سان گڏ ڏوھ ۾ شامل جوتھ ڪورٽ  مارشل ڪرڻ چاهي ٿو، پر انهن ڏوھن جي اعتراف ڪرڻ کان لھرائي رهيو آهي جيڪي ھن باجوا سان گڏجي ڪري ڪيا ھئا،ھنن ٻنهي جو ھڪ گڏيل ڏوهه اهو آهي تھ هنن گڏجي پاڪستان کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻايو،آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو تھ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختيار ڪيو وڃي ته جيئن ڊالر جي قيمت تي حڪومت جو ڪنٽرول ختم ٿي وڃي، ان وقت جي اپوزيشن کانسواءِ حڪومت جا ڪجهه ميمبر به اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري جو بل پاس ڪرائڻ جي خلاف هئا پر عمران خان ۽ باجوا جي گڏيل خواهش تي جنرل فيض حميد آءِ ايس آءِ ذريعي پارليامينٽ جي ميمبرن تي دٻاءُ وجهي اهو بل  منظور ڪرائي ورتو.
عمران خان جو جنرل باجوا جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو دراصل پنهنجي خلاف ڪيس کولڻ جي درخواست آهي، باجوا جي ڪورٽ مارشل جو مطلب آهي ته پراجيڪٽ عمران خان جي تحقيق جي شروعات ڪئي وڃي، اها جاچ  جنرل  احمد شجاع پاشا ۽ جنرل ظھير الاسلام کان ٿيندي جنرل فيض حميد تائين پهچندي، باجوا خلاف ھڪ شاهدي تھ اچي چڪي آھي، چوڌري پرويز الاهي الاهي پاڻ ٻڌايو چڪو آھي ته گذريل سال جنرل باجوا ئي کيس صلاح ڏني هئي ته هو پي ڊي ايم ڇڏي عمران خان جي حمايت ڪري،اھا صلاح  آئين جي آرٽيڪل 244 جي ڀڃڪڙي هئي، ڳالھھ اتي نھ رڪجندي ، شهباز شريف کي به خبر آهي ته باجوا ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪٿي ڪٿي آرٽيڪل 244 جي ڀڃڪڙي ڪڏهن آھي.
بلاول ڀٽو زرداري کي بھ اهو  ٻڌائڻو پوندو ته ڪنهن کيس فون ڪري دبئي سڏائي ڪري ڇيو ھو تھ ھو پنھنجي والد صاحب کي طبي بنيادن تي پاڪستان مان ٻاھر موڪلي ڇڏي ؟ مولانا فضل الرحمان به ٻڌائيندو ته کيس آرمي هائوس ۾ قيمتي پرفيوم جا تحفا ڇو ڏنا ويا ھئا ؟ اھو ڪورٽ مارشل انتھائي ضروري آھي، عمران خان ھمٿ کان ڪم وٺي ۽ اعلان ڪري تھ جڏهن سندس پارٽي اقتدار  ۾ واپس آئي ته جنرل باجوا جو ڪورٽ مارشل ڪندي، سموري قوم جي دل باغ بھار ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو