ڪرڪٽ جو جيترو ٽيلنٽ پاڪستان م آهي ڪٿي به ناهي، خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي نشرياتي حقن بابت معاهدن واري تقريب کي خطاب دوران چيو آهي ته ڪرڪٽ جو جيترو ٽيلنٽ پاڪستان ۾ آهي ايترو ڪٿي به ناهي.ڪرڪيٽ لاءِ نئين نظام سان ٽيلينٽ پالش ٿيندو ۽ پاڪستاني ٽيم دُنيا جي بهترين ٽيم بڻجي ويندي، هن چيو ته ملڪ ۾ نظام نه هجڻ سبب ڪرڪيٽ جي دُنيا جو ٽئلينٽ اُڀري نه سگهيو، اسان سدائين چوندا آهيون ته پنهنجي ڪرڪيٽ جو ڍانچو ٺيڪ ڪريون ته قومي ٽيم شڪست نه ملڻ جوڳي ٽيم بڻجي ويندي، بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو ذاتي مفادن لاءِ نظام کي ٺيڪ ٿيڻ نه ڏيندا هئا، پاڪستاني ڪرڪيٽ جو نظام ٻين ملڪن کان بلڪل مختلف هو، معاهدن واري تقريب دوران معاهدو ٿيڻ تي پي سي بي چيئرمين ۽ پي ٽي وي کي به واڌايون. وزيراعظم اڳوڻن ڪپتانن وسيم اڪرم، مصباح الحق، محمد حفيظ، ٽيسٽ ڪپتان اظهر علي، ڪرڪٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ وسيم خان وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. جنهن م هنن ڊپارٽمينٽل ڪرڪٽ بحال ڪرن جي راءِ ڏني جيڪ هن رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته جڏهن نظام بدلبو آهي ته مخالفت ٿيندي آهي ۽ هڪدم نتيجو نه ايندو آهي. نئين نظام تي فوڪس ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو