تحرير:- طارق راڄپر
هونئن ته ڪرڪيٽ ۾ خاموشيءَ جو منظر ان وقت نظر ايندو آهي، جڏهن آخري اوور ۾ ميچ وچ ۾ ڦاٿل هوندي آهي. ان وقت گرائونڊ تي عجيب خاموشي ۽ ماٺار لڳي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ وقت هڪ هنڌ بيهي ويو هجي ۽ تماشائين جون نگاهون سُن بڻجي ويون هجن. پر 2025ع ۾ جيڪا خاموشي ڪرڪيٽ ۾ ڇانيل آهي، اها صرف هڪ اوور نه پر ڪرڪيٽ جي عظيم دور جي پڄاڻيءَ جي خاموشي آهي. ڪرڪيٽ رومانس جي راند کان وڌيڪ احساسن جي راند آهي، جنهن جي بال بال تي شائقين ۽ تماشائين جي دل تيز ڌڙڪندي آهي. فائنل هارائڻ وقت به شائقين ايترو غمگين ۽ اداس ناهن ٿيندا، جيترو هڪ اهم رانديگر جي رٽائرمينٽ تي ٿيندا آهن. اهو بيٽسمين، جنهن جي بيٽ دلين تي راڄ ڪندي هجي، ۽ منظر عام تان غائب ٿيڻ لڳي ته اهو لمحون چاهيندڙن لاءِ ڪيڏو نه اذيتناڪ هوندو. اهو رانديگر، جنهن جي بائونڊري ڪراس ڪرڻ سان ئي گرائونڊ تي تماشائين جون نگاهون ۽ شور هجي، ۽ سندس ٽيم جي فاتح بڻجڻ لاءِ اميدون هجن، اهي رانديگر پنهنجي واپسيءَ جي ٽڪيٽ وٺن ته ڪيڏو نہ عجيب ڏکوئيندڙ وقت هوندو.
2025ع جو سال ڪرڪيٽ لاءِ تمام مختلف رهيو. سائوٿ آفريڪا جو گهڻي عرصي کانپوءِ ٽيسٽ ڪپ ۾ چئمپين ٿيڻ، رائل چئلينجرز بينگلورو جو ارڙهن سالن کانپوءِ آءِ پي ايل جو فاتح ٿيڻ، ۽ مختلف ڪرڪيٽ ٽيمَن جي ليجنڊز رانديگر پاران الوداعي اعلان ڪرڻ، جن جي چاهيندڙن جو تعداد لامحدود آهي. جن سان گرائونڊ جي چوڌاري رونق لڳل هوندي آهي. جن کان آٽوگراف وٺڻ لاءِ قطارن ۾ ماڻهو بيٺل هجن، جن جون شاٽون ميچن جو رخ بدلائي ڇڏين ۽ اهي پنهنجي اننگز جي واپسيءَ جو اعلان ڪن ته هڪ صدمي برابر هوندو.
ڪرڪيٽ هڪ ڪهاڻي آهي، جنهن جو باب رانديگر جي الوداع سان پورو ٿئي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي شروعات خوشيءَ واري هوندي آهي، پر پڇاڙي غمگين هوندي آهي. ڀارت جي عظيم دور جي رانديگر ويرات ڪوهليءَ ٽي ٽوئنٽي ميچ کانپوءِ ٽيسٽ مان به الوداع جو اعلان ڪيو ته سندس کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گرائونڊ جي چوڌاري پکين اڏامي سلامي ڏني. ان کانپوءِ “هٽ مين” سڏجندڙ، ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبل سينچريون اسڪور ڪندڙ روهٽ شرما به ويرات ڪوهليءَ سان گڏوگڏ ٽيسٽ کي الوداع ڪيو. حيران ڪن ڳالهه اها آهي جو جنوب آفريڪا جي مشهور تيز رانديگر هينرڪ ڪلاسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽس کي آخري سلامي ڏني. اهڙيءَ طرح نڪولس پورن 29 سالا عمر ۾، مارٽن گپٽل نيوزيلينڊ ٽيم جو اهم رانديگر، بنگلاديش جو تميم اقبال به انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي سڀني فارميٽس کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو. آسٽريليا ٽيم جو “ون مين آرمي” سڏجندڙ رانديگر گلين ميڪسويل به ون ڊي مان رٽائرمينٽ ورتي. گلين ميڪسويل آءِ پي ايل مان اهڙي شهرت ماڻي جو سندس نالو عظيم رانديگرن ۾ شامل ٿيو. سندس نظر، باز وانگر بالر جي بال جو شڪار ڪندي هئي، ۽ ميدان ۾ خوف ۽ دٻ دٻو هوندو هئس. ان کان علاوه اسٽيو سمٿ ۽ مارڪس اسٽوئنس به ون ڊي ميچ مان الوداع ڪئي. سريلنڪا جو بهترين آل رائونڊر اينجلو ميٿيوز به ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ميدان تان رخصتي ورتي. جڏهن ته ٻين ڪيترن ناليوارن رانديگرن هلندڙ سال ۾ ڪرڪيٽ کان خيرباد ڪري، ڪرڪيٽ جي احساس ۽ جذبات کي ظاهري طور تي ڌچڪو رسايو.
ويرات ڪوهليءَ ۽ روهٽ شرما ٽي ٽوئنٽي کانپوءِ ٽيسٽ کان رستا ان ڪري جدا ڪيا ته جيئن نوجوان ۽ نوان رانديگر اچي ڪري ٽيم کي مضبوط بڻائين. سندن جو ٽيم لاءِ ڪردار سونهري لفظن ۾ لکجڻ جهڙو ۽ ساراه جوڳو آهي. ڀارت ٽيم اهڙن رانديگرن کي موقعو ڏيندي رهي ٿي، جن کي پنهنجي ٽيم کي فاتح بڻائڻ جو جذبو هوندو آهي. وڏن وڏن رانديگرن جي اولاد کي ڇڏي ڪري قابل رانديگر ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا آهن.
نڪولس پورن ۽ اينڊري رسل، جن جي ٽيم کي ئي ڪاري آندهي چيو ويندو آهي، هنن جي سامهون خطرناڪ کان خطرناڪ بالر به بالنگ ڪرائڻ کان لهرائيندا آهن. بيٽ لڳڻ کانپوءِ بال گوليءَ جي اسپيڊ جيان تيز رفتار بائونڊري پار ڪندو آهي. سندن آڏو بائونڊريءَ جون وڏيون حدون به ڪا معنيٰ نه رکنديون آهن. گرائونڊ تي لهڻ سان ئي مخالف ٽيم خوف جو شڪار بڻيل هوندي آهي. ڇا نڪولس پورن جو 29 ورهين جي عمر ۾ رٽائرمينٽ صحيح فيصلو آهي؟ نه! ٽيم کي اهڙن ڪامياب رانديگرن جي ضرورت ۽ کوٽ هوندي آهي. اهڙن رانديگرن جي الوداع سان ويسٽ انڊيز ٽيم پنهنجي عروج کان زوال طرف ڌڪجي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ويسٽ انڊيز جي رانديگرن پاران ليگ ٽورنامينٽ کيڏڻ ۽ انهن کي اهميت ڏيڻ جي ڪري پنهنجي ٽيم کي انٽرنيشنل ميدان تان ڪافي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ زمبابوي جيان هڪ ڪمزور ٽيم بڻجي وئي آهي.
گلين ميڪسويل، سمٿ، اسٽوئنس به آسٽريليا جي ڏکين گهڙين ۾ پنهنجي ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندن نالو ٽنهي فارميٽ ۾ نمايان ڪردار جي ڪري دنيا ۾ گونجي ٿو. گلين ميڪسويل ۽ سمٿ جو ڪريز تي بيهڻ مخالف ٽيم جي شڪست جو سبب بڻبو هو ۽ ميچ “ون سائيڊ” ٿي ويندي هئي. ميڪسويل جي افغانستان جي خلاف کيڏيل اننگز کي يادگار رکيو ويندو.
هينرڪ ڪلاسن جي رٽائرمينٽ، رٽائرمينٽ نه پر ڪرڪيٽ شائقين لاءِ دردناڪ ڪهاڻي آهي. هڪ اهڙي ڪهاڻي، جنهن ۾ اميدن جي ابتڙ مايوسي، احساسن سان گڏ افسوس، ۽ خاموشيءَ بدران روئڻ آهي. الوداعي جو سبب، ڪٽنب کي وقت ڏيڻ هو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان هن پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڏيو.
اهڙي طرح ٻين ناليوارن رانديگرن جي الوداع ڪري، ڪرڪيٽ شائقين ۽ چاهيندڙن لاءِ هلندڙ سال افسوسناڪ حالت جو سبب بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته سندن جا پسند جا رانديگر پنهنجي ٽيم لاءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ميدان تي ايڪشن ۾ نظر نه ايندا. هيءَ هڪ اهڙي ڏينهن جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو سج ڳوڙهن سان لهي چڪو آهي، جيڪو ٻيهر اڀري نه سگهندو. پر شائقين کي دلگير نه ٿيڻ گهرجي، ڪرڪيٽ جي ميدان جي تاريخ اڃا جاري آهي، نوان اڀرندڙ ستارا ليجنڊز جي تجربن تي مستقبل ۾ آسمان تي چمڪڻ لاءِ تيار آهن.










