ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ سڄي دنيا ۾ جاکوڙ ڪندڙ تنظيم

ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ سڄي دنيا ۾ جاکوڙ ڪندڙ تنظيم

تحرير محمد فاروق ٻرڙو

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل نالي سان قائم سڄي دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ اين جي او جنهن جو هيڊڪوارٽر جرمني جي شهر برلن ۾ آهي، اھا تنظيم 1993 ۾ قائم ڪئي وئي، تنظيم جو ڪم ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ سڄي دنيا ۾ جاکوڙ ڪرڻ آهي ۽ ان تنظيم جا ھڪ سؤ کان وڌيڪَ چيپٽرس آهن جيڪي سندن ملڪن ۾ ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندا رھن ٿا.اھا تنظيم تقريبن ھر سال دنيا جي ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي آهي، ان تنظيم ھن سال به دنيا جي ملڪن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن بابت پنھنجا انگ اکر پڌرا ڪيا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان 2019 ۾ ڪرپشن جو انڊيڪس 120 ھو جيڪو 2020 ۾ 124 ٿي ويو آهي يعني گذريل سال پاڪستان ۾ ڪرپشن 4 درجا وڌي آهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب ڪرپشن بابت 180 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان جي رينڪ 124 جڏهن ته اسڪور 31 ھيو، رپورٽ ۾ وڌيڪَ ڄاڻايو ويو آهي ته 2019 ۾ ڪرپشن بابت فھرست ۾ پاڪستان جو رينڪ 120 ۽ اسڪور 32 ھيو جڏھن ته 2018 ۾ ڪرپشن بابت ان فھرست ۾ پاڪستان جو رينڪ 117 ۽ اسڪور 33 ھو، ڪرپشن کان پاڪ ملڪن ۾ 88 اسڪور سان گڏ ڊينمارڪ ۽ نيوزيلينڊ پھرين نمبر تي ھيا جڏهن ته شام صوماليا ڏکڻ سوڊان بدترين ڪرپٽ ملڪ رھيا جيڪي رڳو14 پوائنٽون حاصل ڪري سگھيا. ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي شايع ٿيل رپورٽ اسان جو کڻي وار به ونگو ڪندي نه ھجي ان ھوندي به  دنيا جي ملڪن ۾ ان رپورٽ جي روشني ۾ پاڪستان بابت جيڪي پاليسيون تيار ٿينديون، تن پاليسين ذريعي پاڪستان کي معاشي سطح تي ڪيترو نقصان ٿيندو ان جو ڪاٿو لڳائڻ في الحال ممڪن ناهي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل واري رپورٽ ھڪ طرف حڪمران جماعت پي ٽي آء جي سرڪار جي ساک کي متاثر ڪندي ته ٻئي طرف حڪومت خلاف سرگرم مخالف سياسي جماعتن کي ڳالھائڻ لاءِ پڻ ھڪ ڊگھي زبان ملي ويندي ان سلسلي ۾ رد عمل ظاهر ڪندي ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ حڪومت جي بيانيئي جي منھن تي ھڪ چماٽ آهي، جڏهن ته  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 2017 ۽ 18 جا انگ اکر حاصل ڪيا آهن رپورٽ جو اردو ۾ ترجمو ٿيندو ته  سڀ ڪجھ واضح ٿي ويندو، اھي انگ اکر اڳوڻي حڪومت جي دور جا آهن بھرحال ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ پڌري ٿيڻ کان اڳ اسان پاڪستان ۾ ھلندڙ ڪرپشن بابت ھنن ئي ڪالمن ۾ ڪنهن حد تائين بحث ڪيو آهي اسان واضح لفظن ۾ لکيو ھو ته اسان جي ھاڻوڪن ۽ اڳوڻن حڪمرانن ھڪ ٻئي تي ڪرپشن سميت مختلف قسم جا الزام ھڻي ھڻي پاڻ کي سڄي دنيا ۾ بدنام ڪري ڇڏيو آهي ۽ اھا ڳالھ سڄي دنيا ۾ عام ٿي چڪي ھو پاڪستان جھڙو ڪرپٽ ترين ملڪ دنيا ۾ ٻيو ڪو به  نه آهي، اسان اھو به لکيو ھو ته اسان جو ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو ڪرپشن کان آجو ناهي ھر ماڻھو ڪنھن نه ڪنھن طرح ڪرپشن ۾ ملوث ضرور نظر اچي ٿو، اسان اھو به لکيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن کان پاڪ صرف اھو آھي جيڪو اڃا ماءُ جي پيٽان ڄائو ئي ناهي، اسان جي خيال ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ ملڪ جي حڪمرانن ۽ مخالف ڌر جي پارٽين پاران ھڪ ٻئي تي لڳايل ڪرپشن وارن الزامن جو واضح پاڇولو آهي جنهن کان ڪو بہ انڪار ڪري نٿو سگهي، جڏهن تہ وفاقي سرڪار پنهنجي جان آجي ڪرائڻ لاءِ اھو چئي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته رپورٽ ۾ گڏ ڪيل انگ اکر اڳوڻين حڪومتن جا آهن جن سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، اسان ان رپورٽ جو ڪنھن حد تائين جائزو ورتو آهي، پاڪستان کي جن ڪوتاهين ۽ بدعملي جي الزامن ھيٺ آڻي ڪرپٽ ملڪن جي فهرست ۾ اڳتي قدم کڻندي، ڏيکاريو ويو اھي انگ اکر آبپاشي روينيو، پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ ھيٺين سطح تي ھلندڙ ڪرپشن وارن انگن اکرن کي شامل نه ڪيو ويو آهي جيڪڏهن اھي انگ اکر به فھرست ۾ شامل ڪري نتيجو  ڏنو وڃي ھا ته شايد پاڪستان ۾ ڪرپشن وارو انگ اڃا به وڌيڪ مٿاھون نظر اچي ھا،ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جنهن بنياد تي ڪرپشن وارا الزام لڳايا آهن اھا ڪرپشن انھن پاران ڪئي پئي وڃي جيڪي سرڪار جي مک ادارن جي چوٽيءَ تي ويٺل آهن جن جي قلم جي ھڪ جنبش سان کين ايتري رشوت ملي وڃي ٿي جنهن سان اھي دنيا جي ملڪن ۾ شاندار ٻيٽ خريد ڪري سگھن، دنيا جي ملڪن ۾ سيڙپ ڪرڻ ذريعي اتان جي اسٽاڪ ايڪسچينج کي ٻاڙائي کان ڪڍي ان کي نئين زندگي ڏيئي ڇڏين ٿا، اسان سمجهون ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت بابت جيڪڏهن ڪنهن کي چيو وڃي ته اھو حڪومت جي ڪارڪردگي بابت ٻن لفظن ۾ تشريح ڪري ته اھو به شايد اھو ئي چوندو ته وزيراعظم پنھنجي حڪومت جا 2 سال ته رڳو ھر برائي جو ذميوار اڳوڻين حڪومتن تي سنگين الزام ھڻندي گذاريا آهن جڏهن ته  ھن انھي عرصي دوران پنهنجي حڪومت جي باقي سالن لاءِ رڳو خواب ڏٺا ۽ ڏيکاريا آهن جنهن ڪري وزيراعظم ۽ ان جي وزيرن جي بيانيئي ۾ عوام کي فائدو ڏيندڙ ڪا به ڳالھ نظر نه اچي رھي آھي شايد اھو ئي سبب آهي جو ھاڻ عوام به ھن حڪومت بابت اھو ئي چوڻ شروع ڪيو آهي ته هن حڪومت مان عوام کي نه ڪو آسرو ئي نظر اچي ٿو،

پهنجو تبصرو موڪليو