اڪثريت اقليت ۾ تبديل زبردستي ووٽ رد ڪري صادق سنجراڻي کي کٽرايو ويو

اڪثريت اقليت ۾ تبديل زبردستي ووٽ رد ڪري صادق سنجراڻي کي کٽرايو ويو

تحريرعبدالمجيد بروھي 

پاڪستان جي تاريخ ۾ سينيٽ اليڪشن جيڪو ڪجھ ٿيو آھي اھو سڀ ڪجھ سڀني جمھوريت پسندن جا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا آھن صبح سان سنيٽ حال مان ان جڳھ تان خفيا ڪئمرائون ھٿ ڪيون ويون جن لاء چيو پيو وڃي تـ ان بوٿ مان صادق سنجراڻي کي اچ وڃ ڪندي ڏٺو ويو انـ سڄي صورتحال باوجود جمھوريت خاطر اپوزيشن اتحاد پاران سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن جي لاء ووٽنگ طرف ويا و وٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ان ڳالھ تي بـ اچون ٿا تـ ڪجھ ڏينھن اڳ جيو نيوز جي ھڪ پروگرام ۾ وفاقي حڪومت جي اھم وزير شبلي فراز پاڻ چيو ھيو تـ اسان۔ بـ سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کٽڻ لاء ھاڻي ھر حربو استعمال ڪنداسين جن اڄ خفيا ڪئمرائون لڳائي شروعات ڪئي وئي ان بعد پرزائڊنگ آفيسر حڪومتي اتحاد جو لڳرائي ٻيو غيرقانوني قدم کنيائون ان تي مان ائين چوندس تـ پرزائيڊنگ آفيسر جي چونڊ تي پي ڊي ايم وارن کي اعتراض ڪرڻ گھربو ھيو ڇو تـ جي ڊي اي جو سربراھ فنڪشنل ليگ جو سربراھ آھي ھاڻي اھي حڪومتي اتحاد ۾ ھوندي ڪيئن ٿي سگھي ٿو تـ اھو غيرجانبدار رھي اڄ جي چونڊن ۾ صاف لڳي رھيو ھيو تـ پرزائيڊنگ آفيسر ڌر بڻيل ھيو ھو سيد يوسف رضا گيلاني کي مليل اھي ست ووٽ خارج ڪرايائين جيڪي ووٽ ڪندڙ سيد يوسف رضا گيلاني جي نالي جي مٿان لڳل ھئا ۽ خاني جي حدن ۾ ئي لڳل ھئا پرزائيڊنگ آفيسر پاران سيد يوسف رضا گيلاني کي قانون موجب ملندڙ ست ووٽ خارج ڪرايائين ان بعد جڏھن ان تي سيد يوسف رضا گيلاني جي پولنگ ايجنٽ پاران اعتراض ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو تـ توھان ھن بيلٽ پيپر کي ڏسو ھن ۾ صاف لکيل آھي تـه خاني جي اندر ٺپو لڳائڻ گھرجي خاني جي ٻاھر ٺپو لڳڻ سان ووٽ خارج ٿيندو پر ووٽ ان خاني ۾ لڳل آھن نالو بـ خاني جي اندر آھي ووٽ ٺپو سڀ ڪجھ صحيح طور تي لڳل آھن پر پرزائيڊنگ آفيسر ڇو انھن ان جي ڪري ئي پنھـجو آندو ھيو جيئن اھو انھن جا ووٽ خارج ڪرائي سگھي ۽ ھن پنھـجي آقائن کي خوش ڪرڻ جي لاء بلڪل ائين ئي ڪيو آھي جيئن ھن کي چيو ويو ھيو جي ڊي اي وارا حڪومتي اتحاد مان وڌيڪ ڪجھ وٺڻ جي چڪر ۾ پنھـجي ڪارندي جي ذريعي اڄ جمھوريت تي قاتلاڻو حملو ڪيو آھي اڄ جي تاريخ کي جمھوريت لاء سياھ ترين ڏينھن ۾ ليکيو ويندو اپوزيشن اتحاد کي پرزائيڊنگ آفيسر تي اعتراض ڪرڻ کپندو ھيو ان جي لاء تمام ضروري ھيو تـ پرزائيڊنگ آفيسر نيوٽرل ھجي ھا اھو ڪيئن ممڪن آھي جيڪو شخص حڪومتي مانجھاندن ۽ ڊنرز ۾ ۽ اھم اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو ھجي ان جي ھٿ ۾ سڀ ڪجھ ڏيڻ بعد ھو حڪومتي اتحاد کي سپورٽ نـ ڪري ھن سڀ ڪجھ پلاننگ تحت ڪيو آھي پرزائيڊنگ آفيسر نيوٽرل ھجڻ گھرجي ھا ان جي لاء جماعت اسلامي جي سيبيٽر کي پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪرائڻ لاء اپوزيشن اتحاد زور ڏئي ڇو ھنن اڳ ۾ ئي اھو اعلان ڪيو ھيو تـ ھو نـ حڪومت وارن کي ووٽ ڪندا ۽ نـ ئي وري اپوزيشن وارن کي سپورٽ ڪندا ھو نيوٽرل بـ ھئا ۽ ووٽنگ بـ شفاف ڪرائين ھا اپوزيشن اتحاد جي ٿوري لاپرواھي جي ڪري اڄ اپوزيشن اتحاد جيڪي اڪثريت ۾ ھئا ان باوجود اڄ ھڪ ڀيرو ٻيھر اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آھي ھي صاف آھي تـ سرعام اپوزيشن اتحاد جي ووٽ تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تـ اپوزيشن اتحاد وارا ھن ھيڏي وڏي سرعام ٿيل ووٽ چوري تي ڪورٽ سميت اليڪشن ڪميشن وٽ وڃن ٿا يا نـ 

پهنجو تبصرو موڪليو