ايڊووڪيٽ امر امتياز
ٻالڪ پڻ کان وٺي جواني ۽ پوءِ پوڙھائپ واري حدن ۾ داخل ٿيندي مون کيس جيئن جو تيئن ڏٺو پرکيو ۽ محسوس ڪيو، گھرجي جنھن اڱڻ تي امان ناني صبح سوير جو جڏھن ٿلھين ڪاٺين وارو ٻھارو ڦيري مڻ مٽيءَ جا پاسي ڪري اسانجي لاء آساني پيدا ڪندي ھئي ته جيئن اٿڻ سان رات جي ماڪيل ڊٻ ۾ اسانجا پير نه خراب ٿين، ان ڪچي اڱڻ تي اعجاز ممنائيءَ سان کيڏندي وجود جو ڪئي بھارون گذري ويون ھيون، ۽ پو وقت جي پکيءَ کي پر لڳا ۽ وھيءَ جون واڳون الھڙ پڻي کان جوانيءَ جي ڪِلَ ۾ اٽڪي پيون، ٻالڪ پڻ جي خوفناڪ تصورن ۾ ان وقت ۾ خاندان تي آيل مصيبتن جا پھاڙ، اڻ سھائيءَ سبب پاڙيسرين جي چرچ تي ٿيل آرمي ريٽ ۽ لانگ بوٽن جا کڙڪا، وڏي مامي اعجاز ممنائيءَ جي وڏي ڀاء مرحوم قربان کي ھٿن ۾ ھٿ ڪڙول اڄ به ڪنن ۾ ڪوڙاڻ جيان محسوس ٿيندا آھن، ۽ ان بعد لڪي ڳوٺ کاھي ممن مان ھجرت ڪري درٻيلي ۾ رھڻ مطلب ھر تڪليف اسانجي روحن گڏ محسوس ڪئي، اکين مان خواب جلاوطن ٿيا روح جي رنڀ آسمانن جي بلنديءَ کي ڇھي واپس اسانجي جھول ۾ اچي ڪري ۽ اھا آھه اڄ به اسانجي جھول ۾ ساڪن ستل آھي، وقت جي ستم ظريفي پنھنجن جي غير ڌياني حالتن جو سازگار نه ھجڻ ڪچي ذھن ۾ بگاڙ، تنگ ذھني، چڙ، نفرت، بغاوت، ۽ انقلاب جھڙا عنصر پيدا ڪندي آھي مگر، ملڪ لبنان جي کير جهڙي اڇي خليل جبران چيو هو ته جيڪڏهن تون جيئڻ جو فن سکي ورتو ته پڪ ڄاڻ تون دنيا جو سڀ کان وڏو فن سکي ورتو آهي.
هرڻيء جهڙي نماڻي ملڪ سنڌ جي لطيف سائين چيو هو ته
”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام“ ………..سو جيئڻ ڪا مذاق ڪونهي، پر ھتي، ان ڏک تڪليفون پيڙائون منتشر جيون وارن سمورن سلسلن ھوندي به شڪر جو پانڌ ڇڏيو ڪونه ويو، علم جي لاٽ ۾ راھه روشن ڪرڻ جا جتن جوٽيا ويا، ۽ سموري سلسلن جو اوچي ڳاٽ سان مقابلو ڪرڻ جو عھد ڪري منزلن طرف قدم کنيا ويا، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ڏکن کي شڪست ڏئي سکن جي راھه جي قدم بوسي ڪري اڳتي کان به اڳتي ھلڻ جو عظم ورجايو ويو،تنگ گلين جي راھي اعجاز ممنائي اونداھه کي اجالن ۾ منتقل ڪرڻ جو جيڪو عزم ڪيو، تنھنکي پنھنجي مفڪرانه سوچ ۽ علم ادب ڏاھپ سان جاڳرتا جو ھڪ سلسلو شروع ڪيو جيو سندس ويجھر ۾ آيل ڪتان (اندر جا اندوھه) جي صورت ۾ سامھون آيو، سندس ڏاھپ لطيفي فڪر تي لکڻ تي جيڪي اوجاڳا ڪري پورھيا ڪيا، سي سمورا سفل ٿي ويا ۽ نيٺ سندس ڪتاب (اندر جا اندوھه) ادبي حلقن ۾ پڙھندڙن جي اکين آڏو پنھنجي راء گھرڻ لاء پھتو.
اندر جا اندوھه ڪتاب اعجاز ممنائيءَ جو پھريون ڪتاب آھي جنھن تي ھو جس لھڻي ڇو ته نوشھرو فيروز ضلعي اندر جيترا به ايب ڏاھا لکن پيا تن شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر کي گھٽ لکيو پرکيو ۽ محسوس ڪيو آھي، گھٽ وسائل ۽ گھڻن مسئلن جي باوجود اعجاز ممنائيءَ جو لطيف جي فڪر کي پرکڻ ۽ ڏکين حالتن ۾ ڪتابي شڪل ڏيڻ واقعي به قابل ديد آھي. شاهه لطيف جي دؤر کي سمجهڻ لاءِ هڪ حد تائين ان جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کي سمجهڻ لازمي آهي. سياسي طرح هي دور هڪڙو فيصلي ڪن دور هو. برصغير جي تاريخ ۾ توڙي ايشيا ۽ يورپ جي تاريخ ۾ ۽ عالمي سطح تي، هڪڙي دور جي خاتمي جو نڪتو ۽ ٻئي دور جي آغاز جو نڪتو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾، جڏهن شاهه لطيف ڄائو هو، تڏهن اورنگزيب دکن روانو ٿي چڪو هو. ماورالنحر ۽ افغانستاني بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هن کي موڪليو ويو هو. اتان ٿي واپس آيو. انهيءَ سال هن اچي شيوا جي جي پٽ سنڀارجي تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو هئائين. مغل دور هندوستان مان موڪلائي ويو ۽ جيئن جيئن لطيف سائين جي جوانيءَ ۾ نادر شاهه 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪيائين. اھڙا کوڙ سارا مقالما ۽ لطيفي فڪر بابت ويچارڻ لاء 14 فيبروريءَ واري ڏينھن جنھکي عاشقن جو عالمي ڏينھن جي حوالي سان ملھايو ويندو آھي، سو ھر عاشق پنھنجي محبوب لاء گل کڻي پنھنجي ڀرپور پيار جو اظھار ڪرڻ لاء اتاولو ھوندو آھي، ۽ سمجھي سگھجي ٿو ته ڪنھن به اديب لاء سندس لکڻ واري پورھئي کانپوءِ ڪتابي شڪل ۾ اچڻ وارو مواد ئي محبوب ٿي پوندو آھي، تنھنڪري اسان نوشھروفيروز خيرپور دادوءَ سان واڳيل اديبن اعجاز ممنائيءَ جي محنت سان تيار ڪيل محبوب کي ڏسڻ، ۽ سندس منفرديت جي واکاڻ ڪرڻ پريس ڪلب نوشھرو فيروز ۾ پھتاسين،سست طبيعت سبب سدائين جيان دير سان گڏجاڻيءَ ۾ پھتس، تقريري نشست ڪافي ھلي چڪي ھئي مگر ڪتاب جي مھورت منھنجي دير ڪرڻ سبب روڪي وئي ھئي، مقالا پيش ڪندي دانشورن، محققن، اديبن ۽ ليکڪن، اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب (اندر جا اندوھه) جنھن ۾ خاص طور تي شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ موجود فڪر، موجود آھي، پنھنجي تجزين موجب فلسفي ۽ روحانيت کي عالمي طور تي روشناس ڪرائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀٽائي جو بي مثال پيغام نه صرف افراتفري، گهٽ ٻوسٽ واري ماحول جي انت جو واحد حل آهي پر هي پيغام عالم انسانيت لاءِ اونداهه ۾ روشن ڏيئي جي مثل آهي. سندن خيال ۾ نئين ٽهي ۾مطالعي ۽ تحقيقي رجحان جي اڻاٺ آھي مگر اعجاز ممنائيءَ جي لطيف جي فڪر تي تحقيقي ھن ڪتاب اندر جا اندوھه نوجوان نسل کي سوشل ميديا ۽ ٻين فضوليات ۾ پنهنجو قيمتي وقت ضايع ڪرڻ بدران تحقيق ۽ مطالعي تي ڌيان ڏيڻ جو اتساھه پيدا ڪيو آھي، . نامياري ليکڪ ۽ منھنجي بھترين دوست سيد رياض حسين شاھه جنھنکي لنگوٽيو دوست چوان ته وڌاء نه ٿيندو جنھن اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب (اندر جا اندوھه) بابت پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته پهريون دفعو ڏٺو آهي ته لطيفي سوچ بابت نوشھروفيروز فيروز ۾ ڪا سھڻي محفل رچائي اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب (اندر جا اندھه) تي سنجيده ماحول ۾ بيٺڪ ڪري پذيرائي ڪئي وئي آھي، جيڪو سٺو عمل آهي، اھا ھڪ تلخ حقيقت آهي ته نوشھروفيروز ۾ لکڻ جي حوالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ لاءِ وڏي ڪوشش نه ڪئي وئي آهي، اھا ھڪ اٽل حقيقت آھي ته شاهه لطيف جي پيغام سان پيار ۽ محبت سان متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جو سبق ملي ٿو، هن وقت معاشري مان منفي لاڙا ختم ڪرڻ لاءِ حق جو دڳ اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اھي پيچرا ۽ دڳ اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب ۾ واضع نظر اچن ٿا، اڃان تائين ثقافت کاتي پاران لطيف جي پيغام جي حوالي سان جيترو ڪم ٿيڻ کپي ان طرف هڪ قدم به نه کنيو ويو آهي،حاصل مقصد ته حڪومت جيڪڏهن لطيف جي پيغام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ بجيٽ رکي آهي ته ان بجيٽ مان ٿيندڙ ڪم بابت عوام پڇاڻو ڪرڻ جو حق رکي ٿو، اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته ڀٽائي جي درگاهه هڪ روحاني درسگاهه آهي، فوج ملڪ جي جاگرافيائي حدن جي محافظ آهي، شاهه لطيف، قلندر لال شهباز ۽ ٻيا بزرگ نظرياتي سرحدن جا محافظ آهن. ۽ اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب لطيفي فڪر ۾ ننڍڙي سپاھيءَ طور ڪردار ادا ڪرڻ لاء پنھنجي وک وڌائي آھي،مون ڪٿي جي ايم سيد جون اھي سٽون پڙھيون ھيون ته : “اهل تصوف ۽ فيلسوفن رقص کي آرٽ جو وڏو درجو ڏنو آهي، ھنن جي چوڻ موجب زندگي خود هڪ رقص آهي، جنھن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪبو، اوتري سجائي ٿيندي، ۽ان سٽن جي نظريي ۾ اديب ۽ ليکڪ جي حياتي به ردھم ۾ اچي اھڙيون ناياب تحقيقون ڪري اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب اندر جا اندوھه جيان ادب جي انڱڻ تي محوِرقص ٿي دل کي فرحت بخشينديون آھن، گل مورو به نوشھروفيروز جي سرموڙ تحقیق دانن مان ھڪ انمول ھيرو آھي جنھن اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب تي پنھنجو تنقيدي تجزيو ڪيو ۽ ڪتاب جي مختلف پھلوئن تي شرڪت ڪندڙ اديبن جو ڌيان ڇڪرايو، ۽ چيو ته شاھ لطيف دنيا جو اھو عظيم مفڪر شاعر آھي جنهن جي ھر شعر جي ھڪ ھڪ سٽ ۾ انتهائي عالماڻي فلسفياڻي لهجي جي سوچ شامل آھي. لطيف جي ان فن فڪر تي ھند سنڌ سميت پوري دنيا جي يونيورسٽين جا اسڪالر، عالم، اديب، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جو تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آھن. لطيف تي ٿيندڙ ان تحقيقي ڪم جي وڏي دلچسپ ڳالھ اھا به آھي ته پي ايڇ ڊي جھڙين وڏين ڊگرين جي ڪلاسن جا استاد شاگرد اسڪالر شاھه سائين جي سڄي ڪلام تي ڪم ڪرڻ ۾ نٿا ماپجن جنهنڪري سندن جي تحقيق جو عنوان لطيف جو ڪو ھڪ سُر يا وري ھڪ بيت ھجي ٿو جنھن تي بحث ايترو ته وسيع ٿي وڃي ٿو جو وڏي بحث ۽ کوجنا سان ان جا نتيجا ۽ عنوان جو جوھر نڪري ٿو. گل مورو جو گھڻو بحث ڪتاب ۾ شامل باب (ڀٽ شاھه ملڪ جو ماڊل شھر) تي رھيو، ان بعد ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر لطيف جي پارکو منھنجي دوست اصغر ڀٽي ڀريائي اعجاز ممنائيءَ جي ڪتاب تي پنھنجي ماھراڻي راء رکندي چيو ته شاهه لطيف تي گهڻ پاسائي تحقيقي ڪم هلي رهيو آهي شاھ لطيف هڪ اهڙو عظيم فلاسافر شاعر آھي جنھن جي علم عقل ۽ سوچ جي شاعري تي ھزارن جي تعداد ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي لائبريرين رسالن اخبارن ۾ مضمون مقالا ڪالم ۽ ڪتاب ڇپبا رھن ٿا.مگر اعجاز ممنائيءَ جي ھن تحقيقي ۽ مدبراڻي انداز واري ڪتاب پنھنجي مخصوص انداز سبب من موھيو آھي ۽ ھي ڪتاب سندس عزت ۽ وقار ۾ اضافو ڪندو. شاھ سائين جي شاعري نه صرف انساني سماج پر سندس ڪلام ماڻھن، مرن، پکين، جيتن جي چرپر کان ويندي زمين آسمان سميت ھوا باھ پاڻي جي رنگن جي چرپر کي اپٽاريو ويو آهي يا ائينءَ کڻي چئجي ته شاھ سائين پوري فطرت جي رنگن کي ڀاڪر ۾ کڻي پنهنجي ڪلام ۾ ميڙي گڏ ڪيو آھي ۽ ائينءَ گڏ ڪيو آھي جو اسان کي پوري دنيا جي تصوير سندس رسالي ۾ ساھ کڻندي نظر اچي ٿي. ڪتاب جي ڪجھه بابن واري معاملي ۾ تنقيد براء اصلاح وارو، بحث پڻ ڪيو ويو، منھنجي راء موجب جن حالتن ۾ اعجاز ممنائيءَ ڪتاب کي لکيو سھيڙيو ۽ پبلش ڪرايو ان جي وسائلن کي جن مسئلن جو منھن ڏسڻو پيو اھي ھر لطيفي فڪر لکڻ واري ليکڪ جي حياتيءَ ۾ رھندا آھن. انھن ۾ وڏو مسئلو وسيلن جو نه ھجڻ وڏن سرڪاري ليکڪ جيڪي غير معيار تحقيق ڪري ڪتابن جي ڳاڻاٽي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ثقافتي کاتي مان مراعاتون وٺڻ جي لالچ ۾ ھٿ ٺوڪي، فرضي ڪھاڻي گھڙي تاريخ جي ڪردارن ۾ بگاڙ جو سبب بنجن ٿا، جنھن سبب ڪري نون لکندڙن محققن ۽ مفڪرن جي لاء گھڻيون مشڪلاتون پيدا ٿين ٿيون، بھرحال اعجاز ممنائيءَ جي ھن ڪتاب اندر جا اندوھه ۾ لطيفي فڪر ۽ لطيف جي شعرن واري سوچ جو حاصل مقصد ۽ مطلب ڪڍڻ لاء فڪري اڏام ۽ پرواز نھايت بلند ۽ اعلا آھي، جڏھن اسين لطيف جي ان رنگ جي شاعري کي وائکو ڪنداسين، جيڪا اعجاز ممنائيءَ پنھنجي ڪتاب جي زينت ٺاھي آھر ته ان ۾ شاھ سائين جي شاعري جا گھڻا سُر پيار محبت ۽ حُسن پرستي کي پوڄيندي نظر ايندا ۽ ان قسم جي شاعري جي سرھاڻ هونئن ته سڄي رسالي اندر ھوندي ئي ھوندي آھي پر گھڻي قدر لطيف جي سُرن ۾ ان محبت جي جماليات جا رنگ گلن تي پوپٽ جيان پھرو ڪندي نظر ايندا انھن سُرن ۾ سُر سامونڊي، سُر کنڀات، سُر سھڻي، سُر سسئي، سُر رپ، سر آسا اھم آھن جن ۾ محبت جو ميٺاڄ حسُن جي پوڄا ۽ عشق جي تعريف ٿيل آھي، جن سرن ڪجھه جو ذڪر اعجاز ممنائيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڪيو آھي.
عمر خيام کان پڇيائون ته، ”ڪائنات ۾ تضاد آهي؟“ چيائين ته، ”تضاد ڪائنات گير آهي.“ وري پڇيائونس، ”تضاد ڪٿان ٿو اچي؟“ چيائين ته، ”شين جي اندر موجود آهي.“ هي پهريون وڏو ڪمال ماڻهو آهي جنهن اها ڳالهه سمجهي ته تضاد شين جي اندر سمايل آهي. لطيف جي شاعريءَ کي ان نگاهه سان ڏسون ته واقعي. تضاد جي هماگيريت تي لطيف جيڪو چيو آهي، ان تي غور ڪريو:
تري ۾ تن پياس، پاسائون پاڻي وهي.
کوهو جهُرُجهڻو ٿيو، لاڄو سڀ لڙياس،
جيڏانهن سڌر سکاڻياس، وهي تي وهه سامهون. ۽ اھڙن کوڙ سارن سرن ۽ شعرن جي روشنيءَ ۾ مختلف پھلوئن کي اعجاز ممنائيءَ پنھنجي ڪتاب اندر جا اندوھه ۾ سموھي لطيف جي فڪر ۽ سوچ کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي آھي کيس جس ڏجي ٿو.










