لاهور(ويب ڊيسڪ) ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي پهرين ميچ جي ٻئي ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي اننگ شروع ڪئي ته وڏو اسڪور نه ڪري سگهيا، اڳ ۾ محمد رضوان 75، نعمان ۽ ساجد زيرو، شاهين 7، سلمان آغا 93 رنز تي آئوٽ ٿي ويا. حسن علي زيرو تي ناٽ آئوٽ رهيو. جنهن بعد ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ شروع ڪئي، ڪپتان ايڊن مرڪرم 20 رنز ٺاهي نعمان جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، ويان ملڊر به نعمان جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، ون ڊائون ريان رڪلٽن سلمان آعا جي بال تي بابر هٿان 71 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو، ٽرسٽان اسٽبس 7 رن ٺاهي نعمان جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو، ڊيوڊ بريوس ساجد خان جي بال تي شان مسعود هٿان زيرو تي ڪيچ ٿيو، ڪائل ويريين کي نعمان ايل بي ڊبليو ڪيو، ٽوني زي زورزي 81 ۽ سينيورن موٿاسامي 6 رنز تي ناٽ آئوٽ آهن. بظاهر راند تي پاڪستان جي گرفت مضبوط آهي.










