ڇا ڪجھ تبديل ٿيندو ؟

دلشاد ڀُٽو
آمريڪا.يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ رھندڙ اڪثر دوست ۽ عزيز ويندي سنڌ ڌرتي لاء ھنيا ڦاٽندڙ قومپرست ڪارڪن گھڻو ڪري چوندا آھن تہ ڇڏ دوزخ جھڙي ملڪ پاڪستان کي.اچي يورپ ۽ آمريڪا جھڙي جنت ۾ رھ.ڇا رکيو آھي پاڪستان ۾؟ پاڪستان ائين پيو ھلندو.ڪجھ تبديل نہ ٿيندو. جواب ڏيندو آھيان تہ ھا بلڪل ڪجھ ڪرڻ سان ئي سڀ ڪجھ تبديل ٿيندو.
اسان کان پٺتي پيل ملڪ ۽ قومون اڄ دنيا جون ترقي يافتہ ، مھذب ۽ خوشحال ٿي ويون آھن.
انھن پنھنجي محنت ، پورھئي ۽ سوچ سان منزلون ماڻيون آھن.اسان جيان رڳو پنج ھزار سال تھذيب يافتہ ۽ ڀٽائي تي ڀاڙي نہ ويٺا آھن.سڀني نہ رڳو ممڪن کي ممڪن بنايو آھي پر نا ممڪن کي ممڪن بنايو آھي.اسان وٽ ھر وقت نراسائي ۽ نا اميدي آھي،
ميان ! ڪجھ ڪو نہ ٿيندو ، اجايو پيا جَک ماريو.اڳم ڇا ٿيو آھي جو ھاڻ ڪجھ ٿيندو؟
ڪا ڪوشش ڪرڻ بجاءَ اسين نتيجن جو ڦل حاصل ڪرڻ جا گھرجائو آھيون.
اسين محنت ۽ رزق حلال لاءِ ڪمائڻ بجاءَ مفت خور ، پنڻ ۽ ڏوڪڙ وڻن ۾ ٽنگيل ھجن جا خواھشمند ،جتان لاھي مفت ۾ عياشي ڪريون.پنھنجي ڪا بہ ذميداري محسوس نہ ڪنداسين .چونداسين حڪومت ڪجھ نٿي ڪري، ڳوٺ ۽ محلي وارا ڪجھ نٿا ڪن.شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاءِ دلال يا وڏيري جو پاسو وٺنداسين.اڪثريت ماڻھن جي اھڙي آھي جيڪا چاھي ٿي تہ اسان جو ڪم بہ ڪو ٻيو ڪري.سرڪاري ادارن جو ان کان وڌيڪ ڪارو مُنھن آھي.ھيٺيان چوندا مٿيان ڪم نٿا ڪن ۽ مٿيان چوندا تہ ھيٺيان ھڏ حرام ، نا اھل ۽ نڪما آھن.ماڻھو پيا درن تي ليلائيندا ۽ ٻاڏائيندا.گھڻا وري با شعور چوندا ادا سنڌين سان وڏو ظلم آھي.سنڌي پنجاب جا غلام آھن ،تڏھن تہ سنڌين کي سنڌي چيچلائن پيا.سنڌ ۾ تعليم ،صحت ۽ سمورا ادارا تباھ. پوءَ پٽڪو ادا :وفاق ۽ پنجاب جو ظلم آھي.سوال ڪبو تہ بابا شھرن ۾ گندگي آھي.ماڻھن کي پيشاب ۽ غلاظت وارو پاڻي بہ پنجاب پيو پياري ؟
جواب ھا سائين اوھان سمجھو نٿا باقي پنجاب سامراج ۽ وفاق ملوث آھي.
بابا اربين ۽ کربين روپين جي بجيٽ جيڪا ڪاغذن ۾ تہ استعمال ٿي، ڪاڏي وئي؟
چئي سائين.پنجاب سامراج ئي کائي ويو.
سوچ جو رخ مٽيل، بنا محنت اجورو حاصل ڪرڻ ۽ بنا ڪوشش جي منزل مقصود جا نتيجا اوڳاڙڻ واريون قومون صديون گذرڻ باوجود صرف گوڏا پٽينديون.
جيڪڏھن چئجي تہ ڦوڪن ، ٻٽاڪن ۽ پوزين تي قوم ترقي ۽ خوشحالي نہ ماڻيندي تہ جواب ملندو اوھان قوم کي بدنام پيا ڪريو،پنھنجي قوم کي نيچ ڏيکاري ڌارين جي ايجندا تي پيا ڪم ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو