حسين آزاد
جيڪڏهن ساڌي سوڌي سوچ رکجي ته اليڪشن ۾ عوام چاهي ته هر قسم جي تبديلي آڻڻ لاء اهل آھي ڇاڪاڻ ته ووٽ بيلٽ باڪس وجهڻ ۾ اڏي ڏکائي نه آھي ۽ ڪنهن به مشڪل کان سواء دٻي ۾ ووٽ پئي سگهي ٿو ۔ پر جيڪڏهن وڏيرڪي پريشر جي ڳالھ ڪجي ۽ عوام جي اهليت ۽ قابليت لاء جي داخلي ۽ خارخي پاسن کي ڏٺو وڃي ته عوام خصوصن سنڌ ۾ اڄ تائين ان جي اهل نه ٿي ڏسڻ ۾ اچي ۔ اها ٻي ڳالھ آھي ته انسان حالتن جو پيدا ٿيندڙ لقائن واقعن تي انحصار رکي ٿو ۽ سندس خواهشن جي ابتڙ حالتن جي وهڪري ۾ وهي هلندو آھي پر اهڙي حالت سنڌ جي وڏيرائي ۽ سرداري راڄ ۾ پيدا نه ٿي آھي جنهن سان اهڙو ڪو ٺوس اظھار ڪري سگهجي ته عوام هاڻ مڪمل پنهنجي ووٽ ڏيئڻ ۾ آزاد آھي ۔ چاهي ماضي ۾ حالتون عوام جي ڪيترو نه مخالف ۽ اذيت ناڪ ٿي گذريون هجن ۔ عوام ووٽ جي آزادي سان ڏي ته ان کي عوامي جمهوريت چئبو آھي ۔ وڏيرڪي سياست جو مقابلو سنڌ جو عام ماڻھو خصوصن ٻھراڙي سان تعلق رکندڙ مان اڪثريت جي قابل ئي نه آھن ته ڀوتارڪي مڪر ۽ ڦرلٽ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي ظلم اڳيان ڪو زبردست مذاحمت جو اظھار ڪري سگهن ۔ جيتوڻيڪ هن پ پ پ ۽ مسلم ليگ توڙي پي ٽي آء جي گذريل حڪومت جي ناقص ڪاردگي ۽ ڀوتارڪي ڦرلٽ ۽ ڪاموراشاهي جي ڪرپشن سڀني جي سامهون آھي۔ سنڌ ۾ ماڻھو پ پ پ جي اميدوارن کان سوال ڪن ٿا ۽ کائين پنهنجي روڊن رستن ,اسڪولن, اسپتالن , ٻوڏن ۾تباهي ٿيندڙ امداد جو مال هڙپ ڪرڻ تي پڇا ڪن ٿا ۔ پر اهو تمام ٿوري تعداد ۾ ٿي رهيو آھي ۔ اهو به ان ڀوتار سان جو عوام سان لاڳاپي ۾ تمام گهٽ رهيو آھي ۔ پر ٻئي پاسي ساڳيان ڀوتار ساڳيان ماڻھون ۽ ساڳيون لنگيون پٽڪا نعرا جهومريون لڳن پيون , جنهن مان يقينن اهو اندازو ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻھو جي ذھنن تي اڃان به ڀوتار ۽ اهو اقتدار ڇانيل آھي جيڪو ماضي ۾ ھو ڏسندو آيو آھي ۔ ان جا سبب هي آھن جو عوام مسلسل اقتدار ۾ ڪجھ خاندانن کي ڏسندو آيو آھي ۽ اهي ان جي برتري جا قائل ٿي چڪا آھن ,سندن ذھنن ۾ وڏيرن ڀوتارن کانسواء باقي ماڻھو قبول ئي نٿا پون ۔ سندن نسل در نسل غلامي ڪندي ۽ تابع رهندي کين پنهنجي وجود جي اهميت ۽ سندس خانداني حيثيت تمام هيٺاهي سطح جي لڳي ٿي, اهي ان ڪمتري مان اڄ تائين ٻاهر نه نڪري سگهيا آھن ۔ ان کان سواء مڊل ڪلاس عدم تحفظ جو شڪار آھي ۽ پنهنجي کليل اظھار کان خائف آھي هو پنهنجي عزت ملڪيت خاطر ڀوتار سان رام رام چڱي ڪري پيو , سندس شان ۾ پارٽيٽون لذيذ تام, کاڌا کارائي رهيو آھي ۽ ميٽينگون ڪندي کائن اڻ سڌي طرح گهر ڪري رهيو آھي ته اسان هن خوشامند صدقي توهان کان جان مال جي تحفظ جي گهر ڪريو ٿا ۔ پورهيت ۽ هاري يا ننڍو زميندار جنهن جو ٻھراڙي سان تعلق آھي اهو پنهنجو پاڻ کي ڀوتار جي آشرواد کان سواء غير محفوظ سمجهي ٿو ۔ ڇاڪاڻ اقتدار ماضي ۾ ڪهڙي به طرح انهن ساڳين ڀوتارن جي هٿ ۾ رهيو آھي جيڪي هن وقت اليڪشن ۾ بيٺل آھي ۽ سندن اقتدار جي دور ۾ هو عوامي هر اداري تي غالب رهيا آھن جنهن سان نوڪر شاهي سندن اشارن تي ئي هر ماڻھو سان اهو ورتائو ڪيو آھي جيئن ڀوتار چاهيندو هجي ۔ تنهنڪري اهو پورهيت ماڻھو پنهنجي گذر , امن امان ,جي زندگي خيرات وٺڻ , ۽ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جي آڌار ڪري ۽ ڪهڙي به حالت ۾ ڀوتار جو حامي لڳي ٿو ۔ لڳي به ڪيئن نه ڇاڪاڻ ماضي ۾ جن به ڀوتار کي اليڪشن ۾ انڪار ڪيو آھي اهو بلئڪ لسٽ تي چڙھي ويو آھي ۽ اقتدار ايندي ئي ان ويچاري سان جا جٺ ڪئي ويئي آھي ان وقت ئي توبھ ڪري ڇڏي ھئي ته بس پنهنجي عزت ئي بچائڻي آھي ۔ ٻئي پاسي عوامي جمهوريت طبقاتي ۽ قومي سياست ڪندڙ ڌرين جي سياسي پاسي تي عوام کي ڀروسو ناهي ان جا سبب هي آھن ته هڪ ملڪ جي سياست شروعات ئي جاگيرداري ۽ ڀوتارڪي سياست سان ڪئي وئي آھي جنهن ۾ ملڪ جي عڪسري ادارن جو وڏو دخل رهيو آھي شروعات ۾ ته ڊرائينگ رومن تائين سياست محدود هئي پر بعد ڀٽي صاحب جي دور کان عوامي جدوجهدو هليو جنهن ۾ عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو حيدر بخش جتوئي فاضل راهو ۽ ايم آرڊي تحريڪ ۾ سياست ڊرائينگ روم کان نڪري عوامي سياست جو بنياد بيو , پر ان سياست تي وڏا پهرا هئا جنهڪري اها اقتدار هٿ ڪري نه سگهي ,سواء ذولفقار علي ڀٽي جي پ پ پ جي جيڪا بعد ۾ مخصوص ساڳي طبقي جي هٿ ۾ هلي ويئي ,جنهن جو انجام اڃ ڏک ڏيئي رهيو آھي ,سواء ڀوتار ۽ سردارن جي ٻيو باقي خير آھي ۔ ان روشن خيال سياست ۽ نظريات جون پاڙون عام ماڻھو وٽ پختيون ناهن ڇاڪاڻ سنڌ جي تعليم هٿرادي يرغمال هئڻ ڪري پرائمري تعليم جيڪا بنيادي تعليم آھي اها سنڌ جي موجوده نسل کان اڳيائين تباھ ڪئي ويئي آھي, جنهڪري موجوده نسل جي نصاب ۾ جاگيرداري سياست جي ڊرامابازي اٽڪل بازي ۽ ڪرپشن جي لاء ڪوبه سبجيڪٽ شامل نه آھي, جنهن سان هن نسل جو ذھن جڙيل ۽ تيار ٿيل هجي, نه صرف ايترو پر ماڻھو ڪتاب پڙھڻ کي به عار سمجهڻ لڳن ٿا ۔ ۽ ساڳئي وقت روشن خيال ڌرين جو عوامي ليول تي عوام سان رابطو نه هئڻ برابر آھي ۔ جنهڪري عام ماڻھو جيڪو وڏيري ڀوتار جي تابع هئڻ ۾ پاڻ کي پوليس ٿاڻن زمين جي ڪوڙن کاتن ۽ مختلف سرڪاري کاتن ۾ سفارش جي نام نهاد روايت جي حيثيت ۾ هو خود کي تحفظ جي ڇٽي هيٺ محسوس ڪري ٿو ۔ تاريخي حوالي سان سواء عوامي تحريڪ جي باقي ٻيل قومي طبقاتي ۽ جمهوري سياست ڪندڙن پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت اسٽڊي سرڪلن ۽ ورڪشاپن جي ذريعي نه هئڻ جي برابر ڪئي آھي جنهنڪري اڪثريت عوام ۾ اها سوچ ۽ سمجھ پيدا نه ٿي سگهي آھي جنهن سان عام ڪارڪن توڙي عوام جا ذھن تنقيدي حوالي سان جڙي سگهن ۔ ڇاڪاڻ اڪثر وڏيري جي شادي ۽ موتي ۾ اچڻ کي ترقياتي ڪمن ۽ ڪرپشن تي فوقيت ڏني ويندي ڏٺي ويئي آھي ۔ جنهن جو مطلب ته ڪو سرڪاري وڏيرو ايم اين اي يا ايم پي اي ڀوتار جنهن وٽ عوامي دولت جي ڦرلٽ جي پئسن جا انبار لڳيل هجن جيڪڏهن ان جو پٽ يا سوئٽ وڏي ڪروڙن جي گاڏي مان اچي ڪاڄ ۾ لهي ته ته ڄڻ ڪاڄ واري جو فخر کان ڪنڌ اوچو ٿي ويندو آھي پوء ڀلي پوري سنڌ جو مال ڀيلي کائي وڃي ,۽ اهو ڀوتار جو پٽ ٻه هزار ڦرلٽ واري پئسن ڏئي ڏھ هزار جو لنگيون اجرڪون۽ بوسڪي جو پٽڪو کڻي ويندو آھي ۔هاڻ عوام جي اهڙي گهٽيا نفسيات مان سردار وڏيري تمام گهڻو فائدو ورتو آھي ۔ ان جو نتيجو هي ٿو نڪري ته تماشائي ڏسندڙ عوام به انهي عمل کان مرغوب ٿي وڏيري ۽ سردار جي ڀر وٺي ٿو ۽ ان طرف ڇڪجي وڃي ٿو ۔ هتي بنيادي ڳالھ سياسي تعليم جي کوٽ جي آھي جيڪا عوام تائين صحيح طريقي سان نه پهتي آھي جنهن سان عوام سندن اسيمبلي ۾ نمائدگي ڪندڙ نمائدن جي فرضن ۽ ذميوارين کان خبر پوي ته اصل ۾ اسيمبلي جي نمائدي جو ڪم ڪهڙو آھي ۔ جنهن سان ملڪ ۽ وطن کي خوشحال ڪري سگهجي ۔ مطلب ته عوامي ادارن کي ميرٽ جي بنياد تي ڪم ڪرڻ لاء ڪوشش ڪرڻ انصاف جي فراهمي يقيني بنائڻ ۽ عوام جا پئيسا عوام جي ڌرتي ۽ انهن جي تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪرڻ زراعت صنعت ۽ خارجي پاليسين ۽ کي بهتر ڪرڻ ٽيڪناجي کي هٿي وٺائڻ وغيره انهن سڀني شين کان عام ماڻھو جو کوکلو بنيل آھي ۔ تنهنڪري انهن سڀني ڳالهين کي مد نظر رکي هن اليڪشن ۾ به چئجي سگهجي ٿو عوام اڃان به ذھني طور ان سطح ۽ ڏانهڪي تي نه پهتو آھي جيڪو ووٽن ذريعي ڪا مثبت تبديلي آڻي سگهي ۔










