اعجاز ممنائي
سياست انساني خدمت جو اهو جذبو آهي جيڪو ذاتي مفادات کان بالاتر ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ بهتريء لاء اختيار ڪيو وڃي۔ پر اسانجي ملڪ جي سياست عوام جي فلاح ۽ بهتريء بجاء ذاتي ڪمن ۽ بئنڪ اڪائونٽس ٺاهڻ لاء ٿيندي رهي آهي۔ پاڪستاني سياست ۾ هڪ وڏي عرصي کان پوء عوام جو خواب پورو ٿيو ۽ خوش گوار ماحول پيدا ٿيو جو عمران خان وزيراعظم ٿيو ۽ ميثاق جمهوريت وارو ڊرامو ٺاهي واري واري سان اقتدار ماڻڻ وارو خيال چڪناچور ٿيڻ لڳ۔ ائين وقت گذرندي ڪرپشن جي خلاف احتساب جي نالي تي تبديليء جو نعرو لڳايو ويو ۽ پاڪستاني قوم کي اهڙو خواب ڏيکاريو ويو ته هر ڪرپٽ سياستدان ، بيورو ڪريٽس سميت هر ماڻهوء جو احتساب ٿيندو ۽ ڪوبه ان کان بچي نه سگهندو۔ ائين ملڪ جي سادي عوام کي به نظام ۾ تبديليء جا خواب ڏيکاري خود پاڻ ڪرپشن ڪندا رهيا۔اهو خواب 2018ع جي اليڪشن ۾ ڪامیابي حاصل ڪرڻ تائين ڏيکاري ويئي مگر عمران خان ۽ عوام اها ڳالهه وساري ويٺا ته جنهن رستي تي پاڻ هلن پيا يا جنهن جي ڪلهن تي هو اقتدار حاصل ڪن ٿا ان کي اسٽبلشمنٽ چئبو آهي۔2018ع ۾ عمران خان جي حڪومت به اسٽبلشمينٽ جي طرفان عمران خان کي تحفي ۾ ڏني ويئي هئي جيڪا تقريباََ 4 سال رهي۔عمران خان انهن 4 سالن ۾ نه ڪنهن ڪرپٽ سیاستدان جو احتساب ڪيو ۽ نه ئي ڪنهن بیورو ڪريٽس کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهيو۔ عمران خان پنهنجي زبان سان تقرير ۾ پاڪستان جي فوج ۽ جنرل باجوہ جي تعريف ڪندو رهيو آهي جيڪو رڪارڊ تي موجود آهي۔ عمران خان جيڪي قوم سان وعدا ڪيا انهن مان هڪ به وفا نه ڪيو۔ نه هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنائين ۽ نه عوام کي گهر ٺهرائي ڏنا ۽ نه چئن سالن جي اقتدار جي ناڪاميء جو ٺوس ثبوت يا دليل ڏئي سگهيو۔عمران خان کي فوج جي مڪمل حمايت حاصل هئي هو جيڪڏهن چاهي هان ته تبديلي سسٽم ۾ اصلاحات آڻي پئي سگهيو۔جيئن عدالتي نظام ۾ اصلاحات ، پوليس ۾ اصلاحات ، قانون ۾ اصلاحات وغيره۔ پر چئن سالن جي اقتدار ۾ ڪنهن به هڪ شعبي ۾ اصلاح آڻي نه سگهيو ۽ ملڪ کي عالمي سطح تي وڏو نقصان ڏنو۔ڇوته هڪ طرف امريڪا جي خلاف محاذ قائم ڪرڻ جا بيان جاري ڪيا ته ٻئي طرف ڏسجي پيو ته سندس ڪابينه ۾ شامل وزيرن جي اڪثريت امريڪي شهريت يافته هئي ان کان وڌيڪ منافقت ڪهڙي چئبي۔ جڏهن ته روزانو ٽي۔وي تي دلچسپ تقريرون ڪري، احتساب جون ڪوڙيون دعوائون ڪري ماضيء جي حڪمرانن کي تنقید جو نشانو بڻائيندو رهيو۔ان جو اهو رويو رڳو اقتدار دوران نه رهيو پر اقتدار وڃائڻ کانپوء پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ بجاء وري رياست ۽ فوج ۾ جهيڙي ڪرائڻ جو رستو اختيار ڪيو۔ عوام کي ياد آهي ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڪرائيدار ماڻهو گهرائي مسلسل احتجاج ڪري ڪنٽينر تي ويهي ”گو نواز گو“ جا نعرا لڳائي قوم کي ڀڙڪائي اقتدار ماڻيو ۽ آخر قوم کان به منهن ڦيري ڇڏيو۔ ڪنهن به ملڪ ۾ پنهنجي فوج يا ملڪي سلامتي وارن ادارن جي خلاف سازش ۽ بيان بازي ڪرڻ دراصل غداريء جي زمري ۾ ايندو آهي ڇوته ملڪ جي فوج ۽ سلامتي وارا ادارا پنهنجيون جانيون قربان ڪري ملڪ جو دفاع ڪندا آهن پر جڏهن دشمن کي پنهنجي ملڪ جا لڪيل راز ظاهر ڪري ڏبا آهن ته ملڪ جون پاڙون مضبوط ٿي وينديون آهن۔ عمران خان تبديليء جو نعرو ڏيئي ملڪ جا راز دشمن کي ڏنا۔تبدیلي اصلاحات سان ايندي آهي، تبدیلي سنجيدگي ۽ عمل سان ايندي آهي ، تبدیلي رياستي ادارن سان ملي احتساب ڪرڻ سان ايندي آهي۔پر عمران خان جيڪو رستو اختیار ڪيو اهو سڌوسنئون افواج پاڪستان ۽ سلامتيء وارن ادارن سان ٽڪراء وارو هو جنهنڪري سندس اقتدار نه پورو وقت هلي سگهيو ۽ نه ڪا تبديلي اچي سگهي۔هاڻي سوال اهو ٿو پیدا ٿئي ته عمران خان اهو رستو ڄاڻي واڻي ورتو يا ڪنهن جي صلاح مشوري سان اختيار ڪيو يا ڪنهن بين الاقوامي سازش جو شڪار بڻجي پي۔ٽي۔آء کي استعمال ڪيو ۽ ڪارڪنن کي ملڪي فوج ۽ سلامتيء وارن ادارن خلاف ڀڙڪايو۔ جڏهن ته نوجوان ملڪ ۽ قوم جو سرمايو هوندا آهن پر عمران خان انهن جي ذهن ۾ حقيقي آزادي ۽ حقيقي تبديلي جي نالي تي نفرتن جو ٻج ڇٽيو جيڪو مستقبل ۾ پڻ وڏو نقصان ڏيندو۔ ڇوته ادارن سان ٽڪراء ڪري ملڪ نه ٿو هلائي سگهجي۔ هن وقت PTI جا سوين ڪارڪن مختلف جيلن ۾ قيد آهن مٿن الزام آهي ته اهي ملڪ خلاف سازش ۾ ملوث آهن۔ هاڻي عمران خان کي نوجوانن جي آزاديء لاء ڪا اهڙي حڪمت عملي بڻائڻي پوندي جنهن سان نوجوانن جو مستقبل محفوظ رهي سگهي۔ اڃا به وقت نه ويو آهي عمران خان کي گهرجي ته ملڪ جي فوج ۽ شهيدن خلاف جيڪي غیر ذميدارانه بيان ڏيندو رهيو آهي انهن تي معذرت ڪري ۽ قوم کان معافي وٺي اصلاح جي ڳالهه ڪري ۽ ڪرپشن جي خاتمي جي ڳالهه ڪري عملي جامو پهرائي۔پاڻ پنهنجي ٻارن کي سڪون سان زندگي گذارڻ جو سبق ڏيئي عوام جي معصوم ٻارن کي روڊن تي احتجاج ڪري انتشار پيدا نه ڪري اها حب الوطني نه پر ملڪ ۽ قوم سان دشمني آهي۔جيڪڏهن انقلاب آڻڻو آهي ته پي ٽي آء کي عوام جي معصوم نوجوانن مردن عورتن ۽ بزرگن بجاء پهريان پنهنجي نوجوان اولاد مردن عورتن ۽ بزرگن کي ميدان ۾ آڻڻو پوندو جيڪي قرباني ڏيئي دنيا ۾ مثال قائم ڪن۔ڇوته هن وقت ملڪ کي انتشار بجاء استحڪام جي ضرورت آهي۔










