پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ؟

پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ؟

عاجز انور لاشاري
پيڪا قانون مطابق ھاڻي صحافت آزاد نه رھي، جھموري اسلامي ملڪ ۾ ملڪ جو چوٿون ٿنڀ صحافت کي سڏيو ويندو ھو آزادي کان اڳ ۽ پو۽ صحافت ملڪ لا۽ وڏي جدوجهد جاکوڙي اظھار جي آزادي سان ملڪ ۾ امن ۽ ڏوھن خلاف نشاندھي بعد ڪاروايون عمل ۾ آڻي شھرن ۾ امن جي فضا کي قائم رکيو ويندو ھو پر ھاڻي پيڪا قانون تحت قلم آزاد فضا ۾ ساھ کڻي نه سگھندو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا سميت سوشل ميڊيا تي به قانون لاڳو ھاڻي غلط خبر تي ترديد نه بلڪه ٽي سال سزا يا ويھ لک جو جرمانو ادا ڪرڻو پوندو هوشيار…..پيڪا ايڪٽ ترميم وارو بل چيو پيو وڃي ته سال 2015/2016 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي رھنمائن جي حڪمت عملي سان قومي اسيمبلي ۽ سينٽ ۾ آندو ويو ھو جيڪو سال 2025 ۾ ٻيھر پيڪا ايڪٽ بل قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت راء سان پيش ڪيو ويو، پيڪا ايڪٽ ۾ 108 ترميم تجويز ڪئي وئي آھي، توھين عدالت، غيراخلاقي مواد فحاش وڊيوز يا وري ھن ايڪٽ تحت ڪنھن کي ڏوھ ڪرڻ لاء بلاجواز اڪسائڻ به قانوني ڏوھ ۾ شامل ڪيو ويو ڪنھن تي به الزام تراشيون ڪوڙي خبرن سميت ڪاپي رائيٽ به ڏوھ ۾ شامل ھي قانون بنا صحافين جي مشوري ۽ مشاورات جي ملڪ ۾ صحافتي ۽ انساني حقوق جي علمبردار تنظيمين جي اظھار جي آزادي جي خلاف ھن قانون کي سمجھو پيو وڃي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ھر عام شھري به ھن قانون جي ذمري ۾ آندو ويو آھي آخرڪار ھي پيڪا ايڪٽ جو قانون چوي ڇا ٿو؟ سوال ايترو ئي آھي ڇوجو قانون ملڪ ۾ ھر ڪنھن لاء ھڪ جھڙو ئي ھجڻ گھرجي عام ماڻھن لاء ھڪڙا قانون ۽ وي آئي پيز لا۽ ٻيا قانون ملڪ ۾ منظور نه ٿيڻ گھرجن پيڪا ايڪٽ بابت معمولي روشني وجھندا ھلون.. پيڪا (peca) ايڪٽ… قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ وارو ھي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل 2025 ۾ چيو پيو وڃي ته ايف آئي اي سائبر ڪرائم ونگ کي ختم ڪري ان جي جاء تي سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اينڊ اٿارٽي کي قائم ڪيو ويندو. ھي اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فورمز جي رجسٽريشن يا رجسٽريشن کي غير رجسٽر ڪرڻ جو مجاز پورو اختيار پاڻ وٽ رکندي ان سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا پليٽ فورم جي سھولتڪارن سميت سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ عام ماڻھن کي تحفظ ۽ انھن جي حقوق کي به يقيني بڻائيندي، بل ۾ اھو به چيو ويو آھي ته پيڪا ايڪٽ جي خلاف ورزي تي ھي اٿارٽي سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف قانون موجب فوري ڪارروائي پڻ ڪندي ڪارروائي کان علاوه متعلق ادارن کي سوشل ميڊيا تي غيرقانوني مواد کي ھٽائڻ جو حق به پاڻ وٽ محفوظ رکندي، ھن بل ذريعي پيڪا ايڪٽ ۾ نئين سيڪشن 26 اي کي به شامل ڪيو ويو آھي جيڪو سيڪشن آن لائن فيڪ نيوز ڦھيلائيندڙن خلاف سزا جي متعلق پڻ آھي، بل ۾ چيو ويو آھي ته سوشل ميڊيا تي ڪو به ڄاڻي واڻي فيڪ نيوز رکي حڪومتي ادارن يا حڪومت کي گمراه ڪندڙ يا معاشري ۾ خوف پيدا ڪرائڻ، يا خرابين جو سبب بڻجندڙ فرد کي ٽي سال قيد يا ويھ لک روپين جو جرمانو يا ٻئي گڏ سزائون ڀوڳڻيون پونديون…ھن بل موجب سوشل ميڊيا پليٽ فورم کي اٿارٽي کان رجسٽرڊ ڪرائڻ لازمن قرار ڏنو ويو جڏھن ته قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ واري سوشل ميڊيا پليٽ فورم کي عارضي طور تي يا وري مستقل طور تي بنڌ پڻ ڪري سگھبو. سوشل ميڊيا تي غيرقانوني سرگرمين مان متاثر ٿيندڙ ھر اھو شخص اٿارٽي کي 24 ڪلاڪن اندر درخواست ڏيڻ جو پڻ پابند قرار ڏنو ويو. ھن ترميمي ايڪٽ تي عمل ڪرائڻ لا۽ وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ٽربيونل قائم ڪرائيندي جنهن جو چيئرمين ھا۽ ڪورٽ جو سابقه جج مقرر ڪيو ويندو جڏھن ته ٽربيونل جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ سٺ ڏينھن اندر چئيلنج پڻ ڪري سگھبو ھن اٿارٽي جا ٽوٽل (9) ميمبر ھوندا جنھن ۾ سيڪريٽري داخلا. چيئرمين پي ٽي اي ۽ چيئرمين پيمرا پڻ ھن اٿارٽي جو حصو ھوندا.
ھاڻي ھي غيرقانوني مواد آھي چا……. بل ۾ چون ٿا ته نظريي پاڪستان خلاف ۽ شھرين کي قانون ٽوڙڻ لاء اڪسائڻ يا گمراھ ڪرڻ جھڙي مواد کي بلاڪ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ھن اٿارٽي وٽ محفوظ رھندو، پاڪستان جي فوج، پارليمينت يا صوبائي اسيمبلين خلاف غيرقانوني مواد کي بلاڪ ڪرڻ جو به اختيار ھن اٿارٽي وٽ موجود رھندو، پارليمينت جي ڪارروائي دوران اسپيڪر قومي اسيمبلي يا چيئرمين سينٽ طرفان ڪيل گفتگو يا ارادن توڙي خيالن کي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ پڻ نه ڪيو ويندو، ترميمي بل جي مطابق پابندي عائد ادارا توڙي شخصيتن جا بيان پڻ سوشل ميڊيا تي اپلوڊ نه ڪري سگھبا، فيڪ نيوز خلاف حڪومت جو ھي سخت کنيل قدم ھر عام ماڻھون لاء به وڏو خطرو بڻجي چڪو آھي ڇاڪاڻ جو ھر اڻ پڙھيو ۽ عام ماڻھون پنھنجي پرسنل سوشل ميڊيا اڪائونٽ کي جڏھن ٻئي جي ھٿن ۾ استعمال ڪرڻ لا۽ ڏي ٿو ته اڪائونٽ ھولڊر لاء اتان کان به خطرو وڌي پوي ٿو بھرحال احتياط جي اشد ضرورت آھي فيڪ نيوز کان علاوه فيڪ آئي ڊيز يا پنھنجي پرسنل نمبر تان جعلي فرضي نالي سان فيڪ آئي ڊي ٺاھي ڪنھن مرد يا عورت کي حيسائڻ يا بليڪ ميل ڪرڻ وارن خلاف به ھي قانون حرڪت ۾ ايندو سوشل ميڊيا تي ڪٿان ھوائي ڪوڙي خبر ڏسڻ کانپو۽ پنھنجي وال ڏانھن ساڳي ڪوري خبر شيئر ڪرڻ به قانوني جرم ھوندو خيال رھي ته ھاڻي سوشل ميڊيا تي ڪنھن جي به خلاف لکڻ کان اڳ ثبوت گڏ ڪري رکڻ وڏي سياڻپ جو مظاھرو ھوندو ٻاراڻيون حرڪتون ڪوڙ مذاق مستي فيسبڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام،واٽسپ توڙي سمورين اھڙي سوشل ايپ تي ڪنھن جي به خلاف ڪيل تنقيد تنز يا ڪوڙ لکڻ چوڻ يا ٻئي جو غيرقانوني رکيل مواد کي ڪاپي ڪري پنھنجي آئي ڊي تي پوسٽ پيسٽ ڪري رکڻ ساڻ به قانوني جرم سمجھو ويندو ھاڻ ھي قانون پيڪا ايڪٽ ترميمي بل رڳو اھڙي ريت صحافتي توڙي انساني حقوق ادارن يا سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن خلاف ئي ڇو؟؟؟ ڇا ساڳيو قانون سياسي اڳواڻن توڙي سرڪاري اعلي اختيارين اعلي عملدارن خلاف به پيڪا ايڪٽ وارو قانون حرڪت ۾ ايندو يا وري نھ ڇوجو ڪافي فيڪ نيوز ڪوڙن واعدن مان جڏھن اليڪشن شروع ٿئي ٿي ته ھر اميدوار پنھنجي پنھنجي تڪ ۾ ووٽ وٺڻ کان اڳ عام ماڻھن ڳوٺاڻن شھرين سان فيوچر ۾ ٻه چار واعدا ڪري کسڪي ويندو ھو ڇا اھڙن واعدن کي فيڪ نيوز واري زمري ۾ آڻي سگھبو يا اھڙين فيڪ ڳالھين خلاف پيڪا ايڪٽ ترميمي بل ۾ ڪا جا۽ رکي وئي آھي ڇاڪاڻ جو پيڪا ايڪٽ ۾ سمورن لاء ساڳيو قانون ھجڻ گھرجي ھڪڙن لاء سزا ۽ ٻين لا۽ معافي ھرگز نه پيڪا ايڪٽ واري بل ۾ اضافي ڳالھيون به کوڙ ساريون داخل ڪيون ويون آھن جنھن جي خلاف صحافي برادري ۽ صحافتي تنظيمون سراپا احتجاج آھن ان حوالي سان سينئير صحافي حامد مير پاران ان قانون خلاف چئليج واري درخواست به ھا۽ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آھي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ھر فرد ان خوشفھمي ۾ آھي ته ھي قانون صحافين خلاف آندو ويو آھي صحافي ته ھر دور ۾ جھموري حڪومت ھجڻ جي باوجود به جيلن ۾ اڪثر ڪري قيد ٿيندا رھيا آھن پر ھاڻي سوشل ميڊيا تي ھر آيو شاشو خان سڏائي گھر ۾ بصر جي ڳنڊ سان ماني کائي ھن ھن جي خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا پيو ڪندو ھو ھي قانون انجي به ته خلاف عمل ۾ آندو ويو آھي ھي قانون ھرڪنھن تي لاڳو ٿيندو رڳو اظھار جي آزادي خلاف نه حڪومتي نمائيندن خلاف تنقيد ڪرڻ وارا به ھن قانون جي جال ۾ ڦاسي سزائون ماڻيندا ھاڻي سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز سميت فيڪ آئي ڊيز ۽ ٻڌي اڻ ٻڌي خبر کي کڻڻ پاڻ شيئر ڪرڻ واري عمل تي به سزائون ملنديون اڪائونٽ پڻ بنڌ ٿيندا نوان اڪائونٽ کولڻ کولرائڻ لا۽ اڪائونٽ رجسٽرڊ اٿارٽي کان لازمن ڪرائڻو پوندو سال 2025 ۾ پيڪا ايڪٽ نئن نظام کي جنم ڏنو آھي اڳتي ھلي سمورن کي پتو پڻ پئجي ويندو ته آخرڪار بنا دير بنا مشورن جي پيڪا ايڪٽ واري قانون کي قومي اسيمبلي ۾ آڻڻ سان ملڪ ۾ ڪھڙيون تبديليون آڻي سگھجن ٿيون

پهنجو تبصرو موڪليو