پراڻي ۽ نئين دور جو پاڪستان ۽ مهانگائي جو سوال

پراڻي ۽ نئين دور جو پاڪستان ۽ مهانگائي جو سوال

ليکڪ گلشن سنڌو

پاڪستان جي سياستدانن جي منطق کي سمجھڻ ڏاڍو اوکو عمل آھي ھر ايندڙ حڪومت’ گذريل حڪومتن جي گلا ۾ پنج سال پورا ڪرڻ لاء الزام تراشين ۾ عوام جي ذھنن کي منجھائيندي پنھنجا مقصد پورا ڪري ٿي اھو ھڪ ڪڙو سچ آھي خوابن جي  دنيا جي  صحرا ۾ عوام کي پنھنجون خوشيون ڪنھن سراب وانگر لڳن ٿيون ۽ غريب عوام ھميشہ جيان ان آسرن اميدن جي سراب پٺيان ڊُڪندي پنج سال پورا ڪري وري ڪنھن ٺڳ سياستدانن جي ھٿان ٺڳجي وڃي ٿو نِٽھڻ اُس ۾ ووٽ وجھندي عوام پنھنجي اکين ۾ خوشحاليء جا انيڪ خواب سجائيندي سوچي ٿو تہ شايد ايندڙ حڪومت سندس ڳڙندڙ پگھر جو اُجورو حق سچ ۽ ايمانداريء سان کين ارپيندي ملڪ مان غربت جھڙي ناسور کي ختم ڪندي پر افسوس….سندن خواب’ خواھشون’ حسرتن ۾ تبديل  ٿي وڃن ٿا  مطلب تہ عوام جون  اميدون ڪڏھن تبديليء جي حامي حڪمرانن تہ ڪڏهن وري موروثي سياستدانن جي مفاد پرستيء جي ور چڙھي مھانگائي’ بي روزگاريء جي  رِپَ ھيٺان ٻُوساٽجي وڃن ٿيون شايد سياستدانن  جي خيال ۾ اھا ئي تبديلي آھي

پي پي پي ۽ نواز ليگ تہ ٻہ ٽي دفعا اقتدار ۾ آئي نواز ليگ پنجاب ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا جڏھن تہ ننڌڻڪي سنڌ ۾ رڳو مسئلا ڪر کنيو بيٺا رھيا ڪڏھن صوبي جو بڪواس ڪڏھن ٻيٽن تي قبضن جو رينگٽ ڪڏھن ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جا مسئلا. ڪھڙي بہ پارٽي اقتدار ۾ ھجي سنڌ  کي پنج سال صرف منجھائيندي پريشان ڪندي گذرندا آھن پوء سنڌ ترقي ڪٿان ڪري. ڪيترن ئي سالن کان ھڪ ئي پارٽي جي حڪومت ھوندي بہ سنڌ جي حالاتن جي حالت بلڪل اھا رھي تہ “جتي اوھان ڇڏيون اّتي ئي آھين”

پاڪستان جي عوام اھو سوچي پي ٽي آئي کي ووٽ ڏنا تہ جيئن ان کي بہ آزمائجي ۽  2018 ۾ پي ٽي آئي پھريون دفعو اقتدار ۾ آئي ۽ نئين پاڪستان جي ھام ھڻندي عوام کي سبز باغ ڏيکاريندي ‘ چور چور جو شور مچائيندي تقريباً  پنھنجو مُدو پوروڪرڻ واري آھي پر ان دوران عوام مھانگائيء جي سڪرات ۾ رھيو آھي ھڪ نہ ٻئي ڏينھن پيٽرول مھانگو ڪيو وڃي ٿو گيس نہ ھجڻ جي برابر آھي لوڊ شيڊنگ جي ساڳي ڪار آھي عوام خوشحالي ۽ سستائي چاھيندو آھي تہ جيئن ھُو پنھنجي پوري ساري پگھار مان گذارو ڪري سگھي پر ھي نئين پاڪستان  جو خواب عوام کي ڏاڍو مھانگو پيو آھي پيٽرول جي قيمتن ۾ جڏھن واڌ ٿئي ٿي تہ ازخود ھر شي مھانگي ٿي وڃي ٿي تحريڪ انصاف وارن جو چوڻ آھي تہ” اگر پيٽرول مھانگو ٿيو آھي تہ عوام کي گھرجي تہ پيٽرول گھٽ استعمال ڪري” ان جو مطلب تہ اھو ٿيو تہ اگر ٻارن کي بائيڪ تي اسڪول ڇڏڻ وڃجي تہ انھن کي اڌ رستي ۾ ئي لاھي باقي پنڌ ڪرائجي پيٽرول گھٽ استمال ٿيندو يا وري شايد سندن چوڻ جو مقصد آھي تہ اگر توھان ڪار تي دادوء وڃي رھياھجو تہ حيدرآباد ۾ ئي لھي باقي پنڌ ڪري دادوء وڃو پيٽرول گھٽ استعمال ٿيندو قول ۽ فعل ۾ تضاد رکندڙ حڪومت کان حڪومت سنڀالجي نہ ٿي تہ پوء کِرِوِسِڙي حالت ۾ بجاء مسئلن جو حل ڳولڻ جي عوام کي عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي . موجودہ دور جو پاڪستان’ نئون پاڪستان نہ  بلڪہ پراڻي دور جو نئون پاڪستان آھي جتي گذريل دور وانگر گئس نہ پر ڪاٺيون استعمال ڪرڻ گھرجن پيٽرول مھانگو آھي تنھن ڪري ٽانگن’ گڏھن گھوڙن ۽ اُٺن تي سفر ڪجي بجلي جي لوڊ شيڊنگ آھي تنھن ڪري چمنيء تي يا ميڻ بتيء تي گذارو ڪري اجائي سوچ  کان بچندي پراڻي دور جي آجيان ڪرڻ ئي عوام کي دلي سڪون ڏيندو نہ تہ آسرن جو سٽيل عوام خبر ناھي مھانگائيء کي ڪيئن منھن ڏيندو حڪومتن جا تہ پنج ئي سال ٻين حڪومتن تي الزام تراشين ۾ ئي گذرن ٿا يعني “ڪم پڄي پاڻ کان ڪونہ’لک لعنت گوڏن تي” واري ڪار چئبي.

ھينئر مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي ۽ چونڊيل حڪمران ڪرسين کي چنبڙيل آھن سڀ سياستدان ھڪجھڙا آھن’عوام مھانگائيء جي طوفان ۾ لڙھندي پيٽرول جي پريشانيء ۾ غوتا کائيندي ڪناري جي تلاش ۾ دربدر آھي ۽ حڪمران پنھنجي اي سي بنگلن ۾ اي سي ڪارن ۾ اي سي دفترن ۾ آرام ڪندي عوام  جو تماشو ڏسي  رھيا آھن. ھينئر دال بہ غريب جي پھچ کان پري آھي مھانگائي عوام کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيو آھي اگراھو حال رھيو تہ اھو وقت پري ناھي جڏھن ماڻھو پٿر جي زماني ۾ ھليو ويندو مھانگائيء سبب ماڻھو قافلن ۾ سفر ڪندا ۽ وڻ جي پنن جو لباس پائيندا ۽ صرف لسي ۽ پاڻيء  تي گذر ھوندو ۽ پوء حڪمران ڪنھن درٻار ۾ جھَلِيء (پکو) جي جُھلندڙ ھوا ۾ عوام جا فيصلا ڪندا ۽ حڪمران وري شاھي سواري استعمال ڪندا ائين پراڻي دور جو نئون پاڪستان وجود ۾ ايندو ۽ اسان قائد اعظم وارو پاڪستان  ڳوليندا رھجي وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو