پب جي گيم هڪ ٻئي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

پب جي گيم هڪ ٻئي نوجوان کان حياتي کسي ورتي

ميرپورماٿيلو (ن سنڌيار)ميرپور ماٿيلو ۾ گيم کيڏڻ ۾ مصروف نوجوان کي ريل چيڀاٽي ڇڏيو.حادثي کان پوءِ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ٽرين عوامي ايڪسپريس ميرپورماٿيلو ريلوي اسٽيشن جي ويجهو بيهي رهي. نوجوان جي سڃاڻپ رونق رضا جي نالي سان ٿي آهي جنهن جي لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.واقعي جي اطلاع تي ماڻهن جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ پهچي ويو. پوليس ٻڌايو ته نوجوان ٽريڪ تي ڪنن ۾ هيڊ فونز لڳائي گيم کيڏي رهيو هو ته ٽرين جي وڪڙ ۾ اچي ويو. رونق رضا جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان هر وقت موبائيل ۾ گيم کيڏندو رهندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو