طفيل مگسي
قومي وحدت انهيء کي ناهي چئبو ته سموريون قومون ۽ سموريون وحدتون پنهنجين الڳ حيثتين ۽ سڃاڻپن کان وٿ ڊراء ٿي ڪري هڪ قومي ڪٻٽ ۾ خدا جي واسطي بند ٿي وڃن.
بلڪ قومي وحدت انهيء کي ڇئجي ٿو ته سمورين قومن جي الڳ حيثيت کي قبول ڪيو وڃي ۽ پوء هڪ فيڊريشن قائم ڪئي وڃي جيڪا انهن سمورن يونٽن کي پاڻ ۾ متحد ڪري.
ڪنهن قومي نظريي جي بنياد تي؟جي نه.انهن کي متحد ڪري وسيلن جي ورهاست جي هڪ متفق فارمولي جي بنياد تي….حقن ۽ ضرورتن جي بنياد تي جوڙيل عمراني معاهدي ۽ آئين جي بنياد تي.اسان جي رياستي مشينري وحدت جي ان ٻيئي ۽ بهتر تصور تي يقين نٿي رکي.رياستي مشينري چاهي ٿي ته اسان کي پاڪستان سڏيو وڃي ۽ اسان جن مفادن کي مرڪز مڃيو وڃي.پوء سموريون وحدتون پنهنجن مفادن کي اسان جي مفادن جي اڳيان سرينڊر ڪن ۽ ان سرينڊر ٿي وڃڻ کي قومي وحدت يا پاڪستانيت سڏيو وڃي.رياستي مشينري پنهنجن مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاء 1948ع کان ئي هڪ ڳاله تي ڳنڍ ڏئي ڇڏي آھي ۽ رٽيل ۽ رثائيل ڪجه ننڍا وڏا جملا ان سوچ جي نمائندگي ڪن ٿا.
مثلا.
اسان هڪ قوم آھيون.اسان جي وچ ۾ ڪلمي جو رشتو آھي.اسان جي ثقافت هڪ ئي آھي.هاڻي اوهان پنهنجي دماغ جي بتي کي آن ڪيو.هڪ هٿ دل تي رکو ۽ غور سان ڏسو ته اوهان بنا ڪنهن اڳواڻي جي ڄاڻي ويندو ته انهن منجهان هڪ ڳاله به درست ناهي.اسان هڪ قوم ناهيون بلڪ اسان مختلف قومن جو مجموعو آھيون.اسان جي وچ ۾ ڪملي جو رشتو ناهي بلڪ آئين جو رشتو آھي.پاڪستان جي پنهنجي ڪا ثقافت ناهي بلڪ ثقافت انهن قومن جي آھي.جيڪي پاڪستان ۾ رهن ٿيون.سرڪاري ڪرائيدار دانشورن جون اهي وحدت واريون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ نهايت ڀليون لڳن ٿيون.ڇو ڀلا؟ رياستي دانشور هڪ ٻي علمي دوکي بازي پکيڙي رکي آھي.
مثلا.
اهو قسم يعني( diversity) کي ورهاست جي روپ ۾ بيان ڪرڻ.
قومپرستي کي نسل پرستي جي روپ ۾ بيان ڪن ٿا.اهي اهڙيوون ڳالهيون آھن .جنهن جي باري ۾ ڪو جيڪڏھن ڳالهائيندو آھي ته ان قسم.جون ڳالهيون ڪرڻ وارن کي غداري جي ۾َ بيهاريو وڃي ٿوپاڪستاني حڪمرانن جي قومي وحدت واري ان نقط نظر کي ڪنهن سيادي پارٽي ڪڏھن بيان ناهي ڪيو.ڇاڪاڻ ته انهن سياسي پارٽين جو ڪو نه ڪو پنهنجو مفاد هوندو آھي. رياست جو درجو ماء جيان هوندو آھي ۡ۽ ماء پنهنجن ٻارڙن منجهان ڪنهن هڪ پيار ڪندي ته ٻيا نه صرف ڏکارا ٿيندا بلڪ ناراضگي جو اظھار پڻ ڪندا.
سڀني ڳالهين جو مقصد ؛
اسان هڪ قوم ڪلمي جي سبب کان هجون ها ته اوڀر پاڪستان الڳ نه ٿي وڃي ها.چين جو ڪلمو ناهي.مگر ان سان اسان جو رشتو هماليه جبل کان به اوچو آھي.ايران ڪلمي وارو آھي.مگر رڇ ۽ ڪتي وارو پاڻ ۾ وير آھي.
هاڻي سعودي عرب جهڙي ڪلمي واري ڀاء به ڪال بيڪ ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي.
افغانستان ۾َانهن ماڻھن جي حڪومت آھي جن کي اسان تاتيو و نپايو هو.جن ڪلمو به اسان جي مدرسن کان سکيو هو.انهن جو مذھب به ساڳيو آھي.مگر پوء به اسان وقت به وقت ڌمڪائيندا رهن ٿا.
انڊيا ڪلمي وارو ناهي مگر طالبان حڪومت ۽ سعودي جو رومانس ان سان ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.
جڏھن اوهان ڪلمي جي ڳاله عقيدي جي دائري ۾ ڪيو ٿا ته اهو اوهان جو تعلق اوهان جي خدا سان قائم ڪري ٿو.جڏھن لڪمي کي اسان جي سياست ۾ وٺي ڪري اچن ٿا ته اهو اوهان جو تعلق صرف حڪمرانن سان ڪري ٿو ۽ اوهان سان گڏ واري سان اوهان جي تعلق کي ڪٽي ڇڏي ٿو.
اوهان وري هواء ۾ تصويرون ٺاهيو ٿا.اوهان فلسطين.ڪشمير.عراق ۽ بوسينا جي مسلمانن سان ته پنهنجو رشتو ڪڍي وٺو ٿا.مگر پنهنجي ئي وطن ۾ رهڻ وارن جي ڀنيادي مسئلن کي“قومپرستي“چئي ڪري لاتعلق ٿي وڃو ٿا.حالانڪ اهي به ساڳئي ڪلمي وارا آھن.مگر ڏوه انهن جو اهو هوندو آھي ته هو اهو ڪلمو پڙھن ٿا.جيڪو کين کي ماء سيکاري ٿي.مگر اهو ته جيڪو رياستي حڪمران پوري شوق سان رٽائين ٿا.انهيء تي عمل نٿا ڪن










