طفيل مگسي
پاڪستان جي هن وقت وارين حالتن تي ڳوڙھي ويچار ڪرڻ کان پوء اسان کي اها پرک پئجي وڃي ٿي ته ملڪ جي اشرافيا ۽ مافيا( سياسي.معاشي ۽ انتظامي) سڀني گڏجي ڪري پاڪستان کي هڪ اهڙي چڪڻ ۾ وجهي ڇڏيو آھي ته الله پاڪ ئي اسان کي ان چڪڻ کان ڪڍي باقي ڳاله سمجھ کان ٻاھر آھي.
هونئن به جيستائين اسان جي ملڪ جو عوام سياسي.سماجي.مذھبي ۽ معاشي ورهاست ۾ ورهايل هوندو.تيستائين اها چڪڻ اسان کي هوريان هوريان ڳهي ڇڏيندي.ڏٺو وڃي ته اشرافيا ۽ مافيا هتي يرف ملڪ جي ڦرلٽ ۽ مال گڏ ڪرڻ جي لاء ويٺا آھن.باقي ٻيو سڀ ڪجه انهن جو ٻاهرين ملڪن ۾ آھي.يعني دولت ۽ جائيدادون وغيره.جڏھن ته باقي 22 ڪروڙ عوام هتان جو آھي.۽ کيس کي هتي ئي رهڻو ۽ مرڻو آھي.ليڪن پوء به خاموش تماشائي بنجي ڏسي رهيو آھي.
حقيقت جي عنيڪ اکين تي چاڙھي ڪري ڏسجي ته صاف نظر ايندو ته هن وقت پاڪستان نهايت ئي نازڪ صورتحال کان گذري رهيو آھي.هن ملڪ ۾ جتي سياسي افراتفري جو راڄ آھي.اتي معاشي بحران به ملڪ کي چئني پاسن کان گهيري ۾ ڪري رکيو آھي.مهانگائي جي بي پاڙي ول ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌي رهي آھي.۽ روزمره جي زندگين وارين شين کان عام انسان ڪوهين ڏور ٿيندو پيو وڃي.جنهن جو سڀ کان وڏو مسئلو نااهل ماڻھن جو هن ملڪ تي قابض ھئڻ آھي.
پاڪستان جنهن جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آھي ته هتي سياسي عدم استحڪام کان گڏوگڏ ئي 1947ع کان ڪوبه هڪڙو حڪومتي نظام ڪامياب ناهي رهيو.چاهي هتي جهموري حڪومت هجي يا ڊڪٽيٽرشپ واري روپ ۾ اچڻ واري حڪومت هجي.هتان جي عوام کي سدائين سندن حقن کان محروم رکنديون آھيون آھن .نه صرف اهو بلڪ پاڻ عوام به ڪنهن هڪ نظام ٿي متفق ناهي رهيو. هڪ گروپ اهڙن ماڻھن تي مشتمل آھي.جيڪو ملڪ کي جديديت ڏانهن وٺي وڃڻ چاهي ٿو.ٻيو گروپ هن ملڪ کي هڪ اسلامي اصولن تي قائم رياست جون ڳالهيون پيو ڪري.جڏھن ته ٽيون گروپ جيڪو وري سوشلسٽ نظريي جو حامي آھي.۽ سندن چوڻ آھي ته جيستائين ملڪ ۾ حقيقي سوشلزم جو نفاذ نه ٿيندو ملڪ جي حالت ڪڏھن به تبديل نه ٿيندي.
هن وقت ملڪ جون حالتون نهايت ئي تيزي سان سريلنڪا ڏانهن وڃي رهيون آھن.ليڪن اسان کي اهو سوچڻ کپي ته اسان جي ملڪ جي لاء ڪهڙو نظام درست ٿيندو۽ ڪهڙي فڪر جي ماڻھن کي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي.
آء هڪ ادني سوچ جي مالڪ هئڻ جي ناطي سان اها راء رکان ٿو ته موجوده صدي ۾ جيڪڏھن ڪو نظام بهتر ۽ فائديمند آھي ته اهو سوشلسٽ نظام ئي آھي.ڇاڪاڻ ته هتي سرمائيدراڻي نظام جي ڪري ماڻھن جو جيئڻ جنجال ٿي ڇڪو آھي.جنهن ۾ ھڪ عالمگير نظريو جيڪو ڪارل مارڪس ڏنو هو.ان جي تحت ئي قائم ٿيندڙ حڪومتي نظام اسان جي ملڪ جي لاء هڪ بهترين نظام ٿي سگهي ٿو.ڇوته هتي جهموريتون به ڏٺيوسين.آمريتون به ڏٺيوسين.مذھبي قوتن کي به آزمايوسين.مگر ڪنهن به نه ته هن ملڪ کي سڌاريو ۽ نه هتان جي عوام جي مسئلن کي حل ڪري سگهيون.










