ملتان(ويب ڊيسڪ)ٻئي ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ طرفان ڏنل 355 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان راند جي پڄاڻي تائين 4 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ملتان ٽيسٽ فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ 355 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي، پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ وڌيڪ 157 رنسن جي ضرورت آهي جڏهن ته 6 وڪيٽون باقي آهن. سعود شڪيل 54 ۽ فهيم اشرف 3 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. ان کان اڳ اڄ امام الحق جي زخمي ٿيڻ سبب محمد رضوان عبدالله شفيق سان گڏ پاڪستان جي ٻي اننگز جي شروعات ڪئي. محمد رضوان 30 رنسون ٺاهي اينڊرسن جي هٿان بولڊ ٿي ويو جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم هڪ رنسون ٺاهي اولي رابنسن جي شاندار ان سوئنگ بال تي بولڊ ٿي ويو، عبدالله شفيق به 45 رنسون ٺاهي مارڪ ووڊ جي هٿان بولڊ ٿي ويو، امام الحق به 60 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.










