پاڪستان جي عالمي پذيرائي، دشمن جي ناپاڪ ارادن تي ڪاري ضرب..؟؟؟

پاڪستان جي عالمي پذيرائي، دشمن جي ناپاڪ ارادن تي ڪاري ضرب..؟؟؟

غلام مصطفيٰ جمالي
بين الاقوامي سياست ۾ ڪنهن به ملڪ جي عزت، وقار ۽ اثر رسوخ جو دارومدار صرف ان جي فوجي طاقت تي نه هوندو آهي، پر ان جي سفارتي ڏاهپ، معاشي استحڪام، قومي يڪجهتي، مضبوط ادارن، عوام جي اعتماد ۽ عالمي برادري سان متوازن لاڳاپن تي به هوندو آهي. اڄ جي دنيا ۾ اهي ئي قومون ترقي جي منزلن ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن، جيڪي پنهنجي قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي مؤثر سفارتڪاري، مضبوط معيشت ۽ اندروني استحڪام کي ترجيح ڏين ٿيون. پاڪستان به گذريل ڪجهه سالن دوران اهڙي ئي هڪ اهم مرحلي مان گذري رهيو آهي، جتي ملڪ نه رڳو سفارتي سطح تي پنهنجو وقار بحال ڪيو آهي، پر عالمي برادري جو اعتماد پڻ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. پاڪستان جي عالمي پذيرائي ۾ اضافو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته دنيا هاڻي هن ملڪ کي صرف هڪ جغرافيائي حيثيت سان نه، پر هڪ ذميوار، باوقار ۽ اهم رياست طور ڏسي رهي آهي.
اڄ پاڪستان جا لاڳاپا چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيه، آذربائيجان، قطر ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، جڏهن ته يورپي ملڪن ۽ ٻين عالمي طاقتن سان به واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تعاون جي شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي رهي آهي. پاڪستان عالمي فورمن تي اسلاموفوبيا، فلسطين، ڄمون ۽ ڪشمير، موسمياتي تبديلي، عالمي امن ۽ پائيدار ترقي جهڙن اهم معاملن تي واضح، متوازن ۽ ذميواراڻو موقف اختيار ڪري رهيو آهي، جنهن کي عالمي سطح تي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي ٿو.
پاڪستان جي عالمي سطح تي وڌندڙ پذيرائي ڪا اتفاقي ڳالهه نه آهي، پر اها مسلسل سفارتي محنت، قومي قربانين، دهشتگردي خلاف ڪامياب جدوجهد ۽ ذميواراڻين رياستي پاليسين جو نتيجو آهي. جڏهن به پاڪستان ڪنهن سفارتي، معاشي يا سياسي ميدان ۾ ڪا وڏي ڪاميابي حاصل ڪري ٿو، تڏهن ملڪ دشمن قوتون ان خوشگوار ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ نوان نوان حربا استعمال ڪن ٿيون. انهن جو مقصد پاڪستان جي ترقي جي رفتار کي سست ڪرڻ، عالمي برادري ۾ منفي تاثر پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ اندر عدم استحڪام پيدا ڪرڻ هوندو آهي، پر هر ڀيري پاڪستاني قوم، هٿياربند فوجن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري انهن سازشن کي ناڪام بڻائي ٿي.
ڪراچي ۾ رينجرز جي ڪيمپ تي ٿيل دهشتگرد حملو به اهڙي ئي ناپاڪ سازش جو حصو هو. دشمن قوتن جو مقصد اهو هو ته ملڪ جي معاشي دل سمجهي ويندڙ شهر ۾ خوف پيدا ڪيو وڃي، سيڪيورٽي ادارن جي حوصلي کي ڪمزور ڪيو وڃي ۽ عالمي برادري کي اهو پيغام ڏنو وڃي ته پاڪستان اڃا تائين غير محفوظ آهي. پر پاڪستان جي بهادر رينجرز، پوليس، فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بروقت ۽ مؤثر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا. هي واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ثبوت بڻيو ته پاڪستان جا سيڪيورٽي ادارا هر خطري کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا ۽ دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.
دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، تن جو مثال دنيا ۾ تمام گهٽ ملي ٿو. هزارين فوجي جوانن، پوليس اهلڪارن، رينجرز جي سپاهين، قبائلي اڳواڻن، استادن، ڊاڪٽرن، صحافين ۽ عام شهرين پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اربين ڊالرن جو معاشي نقصان برداشت ڪيو ويو، ڪيترائي شهر ۽ علائقا دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آيا، پر پاڪستاني قوم پنهنجي عزم تان پوئتي نه هٽي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪامياب آپريشنن ذريعي دهشتگردن جا مضبوط ٺڪاڻا ختم ڪيا ويا ۽ ملڪ ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ تاريخي قدم کنيا ويا.
انهن قربانين جو اعتراف اڄ عالمي برادري به ڪري ٿي. ڪيترائي عالمي ادارا ۽ دوست ملڪ اهو تسليم ڪن ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردي خلاف ايتري وڏي جنگ نه وڙهي ها ته شايد سڄو خطو وڌيڪ خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو هجي ها. پاڪستان نه رڳو پنهنجي سرزمين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، پر عالمي امن لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
اڄ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي نقطو معاشي سفارتڪاري بڻجي چڪو آهي. دنيا سان بهتر واپاري لاڳاپا، پرڏيهي سيڙپڪاري، توانائي جا منصوبا، علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ برآمدات ۾ واڌ ملڪ جي ترجيحن ۾ شامل آهن. پاڪستان جي جغرافيائي حيثيت ان کي ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، چين ۽ وچ اوڀر جي وچ ۾ هڪ اهم واپاري پل بڻائي ٿي. گوادر بندرگاهه ۽ علائقائي رابطن جا مختلف منصوبا مستقبل ۾ پاڪستان کي عالمي واپار جو اهم مرڪز بڻائي سگهن ٿا.
پاڪستان جي ترقي جو سفر رڳو حڪومت يا رياستي ادارن جي ذميواري نه آهي، پر اها پوري قوم جي گڏيل ذميواري آهي. جڏهن عوام، حڪومت، هٿياربند فوجون، عدليه، ڪاروباري برادري، هاري، مزدور، استاد، شاگرد، صحافي ۽ سول سوسائٽي هڪ مقصد لاءِ گڏ ٿين ٿا ته پوءِ ڪا به طاقت ملڪ جي ترقي کي روڪي نٿي سگهي. قومي اتحاد ئي اهو هٿيار آهي، جنهن سان پاڪستان ماضي ۾ به هر بحران تي قابو آندو آهي ۽ مستقبل ۾ به هر سازش کي ناڪام بڻائي سگهندو.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان جي دهشتگردي خلاف قربانين کي ساراهيو آهي. پاڪستان نه رڳو پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جا نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ لاءِ اهم قدم کنيا، پر عالمي امن لاءِ پڻ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو. گڏيل قومن جي امن مشنن ۾ پاڪستاني فوج جو ڪردار به عالمي سطح تي ساراهيو ويندو رهيو آهي، جنهن سان ملڪ جو وقار وڌيڪ بلند ٿيو آهي.
ساڳئي وقت پاڪستان موسمياتي تبديلي، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي جي کوٽ، توانائي جي بحران ۽ پائيدار ترقي جهڙن عالمي معاملن تي به پنهنجو آواز بلند ڪري رهيو آهي. جيئن جيئن پاڪستان جي عالمي اهميت وڌي رهي آهي، تيئن تيئن دشمن قوتون پنهنجون سازشون به تيز ڪري رهيون آهن. ڪڏهن دهشتگردي، ڪڏهن ڪوڙو پروپيگنڊا ۽ ڪڏهن معاشي بيچيني پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، پر پاڪستاني قوم هر ڀيري انهن سازشن کي ناڪام بڻائي ٿي.
ملڪ جي معاشي ترقي به قومي سلامتي سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي. مضبوط معيشت، مضبوط رياست جي ضمانت هوندي آهي. جيڪڏهن صنعت، زراعت، واپار، برآمدات، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جا شعبا ترقي ڪندا ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، غربت گهٽ ٿيندي ۽ ملڪ وڌيڪ خودمختيار بڻجندو. نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارتون ۽ روزگار جا موقعا ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ نوجوان ئي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن.
ذميوار صحافت، سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال، قانون جي حڪمراني، شفاف احتساب ۽ قومي يڪجهتي به پاڪستان جي استحڪام لاءِ لازمي آهن. هر پاڪستاني جي ذميواري آهي ته هو افواهن ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا کان بچي، قومي ادارن تي اعتماد رکي ۽ پنهنجي وطن جي ترقي ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سياسي اختلافن کي آئيني ۽ جمهوري دائري اندر رکيو وڃي، قومي مفادن کي ذاتي مفادن تي ترجيح ڏني وڃي، سفارتي ڪاميابين کي معاشي خوشحالي ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ رياستي ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. جيڪڏهن پاڪستان اتحاد، ايمانداري، محنت، قانون جي احترام، مضبوط معيشت ۽ مؤثر سفارتڪاري جي راهه تي ثابت قدم رهي ٿو ته نه رڳو عالمي سطح تي ان جو وقار وڌيڪ بلند ٿيندو، پر دشمن جا سڀ ناپاڪ ارادا به هميشه وانگر ناڪام ٿيندا.
پاڪستان جي عالمي پذيرائي صرف حڪومت يا ڪنهن هڪ اداري جي ڪاميابي نه، پر اها سڄي قوم جي قربانين، محنت، ثابت قدمي ۽ قومي عزم جو نتيجو آهي. اسان جي هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، شهيدن جي خاندانن، هارين، مزدورن، استادن، ڊاڪٽرن، واپارين، صحافين ۽ نوجوانن سڀني پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جيڪڏهن قوم اهڙي ئي اتحاد، نظم، محنت ۽ حب الوطني سان اڳتي وڌندي رهي ته پاڪستان مستقبل ۾ هڪ وڌيڪ مضبوط، پرامن، خوشحال ۽ باوقار رياست طور دنيا جي سامهون اڀرندو، ۽ دشمن جي هر ناپاڪ ارادي تي هميشه لاءِ ڪاري ضرب لڳندي.

پهنجو تبصرو موڪليو