تحرير : عاجز امتياز نوح پوٽو
سنڌ جي هن سرهي ڌرتي جي ڪُک مان حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي´ قلندر لعل شهباز´سچل سرمست´ سامي´ بيدل ۽ بيڪس سميت لکين ڪروڙين اوليائن اوشاقن ۽ صوفين بزگن´ شاعرن، اديبن´ مورخن´ ۽ ليکڪن جنم ورتو آهي انهن جي علمي´ ادبي ڪمن ۽ ڪارگذارين کي ڏسي مَنَ کي سُڪون مليو وڃي. سنڌ ڌرتيءَ جو ساهتي پرڳڻو به اهڙن ئي قلمڪارن سان مالا مال آهي ۽ هن ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشھرو فيروز جي محبتن ڀري ڀونء مان دنيا جي مڃيل سينئر توڙي جونئر شاعرن´ اديبن ۽ ليکڪن جھڙوڪ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وجهندڙ دادا گوبند مالهي´ قاضي فيض محمد´ ماسٽر چندر´ سيد راشد مورائي´ ميان غوث محمد `“گوهر“´ آصف مٺياڻوي´ ڊاڪٽر ظفر عباسي´ پروفيسر عبدالستار ابڙو´ احمد سولنگي´ حاجي عبدالله خان `“شاد“´ جلباڻي´ سيد مختيار َعلي شاه `“مختيار“´ پروفيسر اصغر ڀريائي´ ڊاڪٽر رخسانه “پريت“ چنڙ´ سنڌيا شاه ، ايس نسيم ميمڻ´ بانو محبوب جوکيو´ استاد محبوب علي جوکيو´ ڊاڪٽر برڪت ملڪ´ رضا لانگاه´ محبتي ملاح´ ڊاڪٽر الطاف جوکيو´ غلام رسول “ناطق“´ منظور حسين شاھ “منظور“ ، حميد سنڌي´ پروفيسر غلام حسين جلباڻي´ ڪوڙومل چند مل´ ماستر احمد خان تڳيو خان جلباڻي ´ حشُوڪيولراماڻي´ لطف سيال´ محمد عثمان عباسي´ غلام رباني آگرو´ خالد راجپر´ نجم سرهيو´ اسد مڱڻھار´ مرتضىٰ ناز´ جبار ملاح´ ممتاز ڏنگراج وغيره وغيره جنم ورتو آهي. اهڙي ئي خطي سان ڳانڍاپيل شھر خانواهڻ جي زرخيز ۽ محبوب مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ڏات ڌڻين ڊاڪٽر قريشي حامد علي “خانائي“´ قاضي قطب الدين´ حضرت علامه مولانا مفتي قاضي نظر محمد سومرو “ديهاتي“´ ڊاڪٽر نجم عباسي´ ڪلا پرڪاش´ استاد محمد پناھ ڦرڙو´ شوق خانواهڻي´ غلام نبي “ناشاد“´ گل ڪونڌر´ منظور قادر انڙ´ غفور سحر´ رفيق سيال´ انجم سومرو´ پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي´ “ناجي“ نورمحمد ڦرڙو´ بچل سيال´ شيخ جمال´ غلام مصطفىٰ شاه “گوهر“ ۽ سرمد عباسي سميت ٻين ڪيترن ئي اديبن´ شاعرن ´ ليکڪن مان ڀائو پارس حميد هڪ منفرد ۽ نمايان طور نظر آيو. هو هڪ بهترين انسان´ ڀلوڙ شاعر ۽ اديب طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

خانواهڻ ڀرسان هڪ تاريخي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي مان هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي استاد شمس الدين قاضي جي گهر ۾ پھرين جنوري 1957ع ڌاري جنم وٺندڙ محترم سائين پارس حميد ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي مان ورتي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاء اسڪول خانواهڻ مان ڪيائين. ايم – اي (معاشيات) 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين ۽ ايل – ايل – بي 1985ع ۾ سنڌ الاجي حيدر آباد مان سيڪنڊ پوزيشن ۾ ڪئي ۽ پاڻ سيڊ ڪارپوريشن حڪومت سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ سنڌ جي عھدي تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ فرائض سرانجام ڏنا ۽ 31 ڊسمبر 2016ع تي حيدر آباد مان رٽائر ٿيو. ڀائو پارس حميد جو اصلي نالو قاضي حميدالحق هو ۽ کيس لکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هوندو هو پر 1975ع ڌاري قاضي حميدالحق پارس حميد جي نالي سان نروار ٿي هڪ محبوب شاعر ٿي ادبي دنيا جي افق تي اڀري آيو ۽ پاڻ ڪنهن پريميڪا جي پيار جي پاڇي پَوَڻَ سبب ئي شاعري شروع ڪيائين ۽ سندس شاعري ان دؤر جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندي رهي.ڏات جي ديوي سندس مٿان ايتري ته مھربان رهي جو پاڻ ڪڏهن به لفظن جو محتاج نه پر هميشه لفظ سندس جا محتاج رهيا..جيسيتائين ڀائو پارس حميد سان منهنجو تعلق ۽ ويجهڙائپ رهي آهي ان کي بيان نه ڪرڻ منهنجي خيال ۾ منهنجي بدنصيبي ۽ سندس سان ناانصافي ٿيندي. مون کي منهنجو والد صاحب استاد احمد بخش نوح پوٽو ٻُڌائيندو آهي ته پارس حميد جو والد صاحب استاد شمس الدين قاضي ۽ منهجو والد صاحب فقير محمد ڄامن نوح پوٽو پاڻ ۾ تمام ويجها دوست رهيا آهن ايتري تائين جو هڪ گهر ۾ هڪ ئي فيملي جي ميمبر(فرد)مثل ٿي رهيا آهن.پارس حميد ۽ آءُ پهرئين درجي کان پنجين ڪلاس تائين گڏ پڙهيا آهيون ۽ اسان جا هڪٻئي سان ڀائرن جهڙا رشتا رهيا آهن ۽ اها حقيقت آهي ته پارس حميد هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد سان گڏ ننڍي هوندي کان ئي يارن جو يار´ بااخلاق´ باڪردار´ سلڇڻو´ سادي طبيعت جو مالڪ ۽ هر وقت کلڻو ملڻو محبتي انسان هوندو هو ۽ هر ڪنهن سان “ڀائو ڀائو“ ڪري محبت منجهان ڀاڪر پائي ملندو هو سندس اهڙي محبتن ڀري موٽ تي اسان ڪلاس جا سمورا هم ڪلاسي سندس جا پروانا هوندا هياسين. اهڙي طرح ڀائو پارس حميد سان منھنجا وڏڙن کان وٺي پراڻا رشتا ۽ واسطا رهيا آهن شايد ان ڪري يا هڪ ڳوٺائي جي حيثيت سان يا وري ادبي حساب سان پر مان سمجهان ٿو ته انهن مڙني محبتن وارن رشتن سبب ئي ڀائو پارس حميد مون سان جڏھن به ملندو هو ته پيار´ محبت´ پنهنجائپ ۽ دوستيءَ واري انداز ۽ شفقت ڀري نگاه سان (ڀائو ڀائو) ڪري ملندو هو ۽ سندس جي مون سان ايتري ته چاهت هوندي هئي جو ڪنهن مجبوري يا مصروفيات سبب اگر ٻه چار ڏينهن موبائل فون تي ڪچهري نه ٿئي ته ٻي ڳالھ آهي نه ته تقريبن روزانو جيسيتائين ٿوري يا گهڻي هيلو هاء نه ٿئي ته ڄڻ سڪون ئي ڪونه اچي پاڻ ايترو ته مهمان نواز ۽ کلي دل جو مالڪ هو جو منهنجو جڏهن به سندس گهر اهو ڀلي خانواهڻ ۾ هجي يا حيدرآباد هجي پر وڃڻ ٿيندو هو ته پاڻ رات رهڻ کان بغير ڇڏيندو ئي ڪونه هو ۽ رات جو هڪ ٻين وڳي تائين مختلف موضوعن تي علمي ادبي ڪچهري ڪندو رهندو هو ۽ وري صبح جو ناشتو ڪرائي ۽ ڪونه ڪو هڪ ٻه ڪتاب گفٽ ڏئي پوء ڇڏيندو هو´ اهو ئي سبب هو جو ڀائو پارس حميد ۽ مان ھڪ ئي گھر جا ڀاتي رھيا آھيون ڇاڪاڻ ته سندس اصلي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي ۽ منهنجو ڳوٺ چنيھ نوح پوٽو جي وچ ۾ صرف هڪ ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي يعني سڏ پنڌ تي ويٺل آهيون.

ڪنھن به ريت اسان پري نه رھيا آھيون. ڀائو پارس حميد ۽ مان هڪ ئي قلم قبيلي سان سلھاڙيل آھيون ۽ اھو رشتو سڀني رشتن کان نھايت ئي اهم افضل ۽ اتم رھيو آھي. اڄ کان تقريبن پنجيتاليھ سال اڳ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جو بنياد وجهندڙ سينئر شاعرن ۽ اديبن جي سٿ واري ڪوششن ۽ ڪاوشن ۾ ڀائو پارس حميد جو مُکُ ڪردار رهيو آهي ۽ پاڻ 1976ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ سان سلهاڙيل رهيو ۽ چار ڀيرا سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جو سيڪريٽري ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻين مختلف عھدن تي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان کان علاوه 1990ع کان 1992ع تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي باڊي ۾ سيڪريٽري جنرل تاج جويو، جوائنٽ سيڪريٽري اياز گل. خزانچي نياز پنهور سان گڏ ڀائو پارس حميد آڊيٽر جي عھدي تي مرڪزي عھديدار پڻ رهيو آهي. پاڻ سوغات پبلڪيشن – جيون جو عذاب، ۽ هوءَ مري وئي، ڪونج پبلڪيشن:سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ: ديس پرديس(1981ع)، سنگت ڪتابي سلسلو:سنڌي ادبي سنگت سنڌ (92-1990ع)، سنڌ راڻي پبلڪيشن حيدر آباد سميت ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر.سب ايڊيٽر.ڪمپائيلر وغيره رهيو.سندس پهريون ڪتاب(هٿ ترين تي روشن ڏک)شاعري جو مجموعو جنوري 2006ع ۾ ڪاڪ پبلشرز حيدر آباد پاران چپيو جنهن ۾ غزل.نظم.دوها ۽ وايون شامل آهن.ٻيو(چاهت اهڙو رنگ رچايو)سندس ڪتاب هٿ ترين تي روشن دک جو مھورتي سووينئر ڇپيل آهي جنهن ۾ سندس شعري مجموعي جي مھورتي تقريب ۾ سندس جي باري ۾ مختلف اديبن جا لکيل مقالا ۽ ڪجھ شاعري شامل آهي ۽ ٽيون (امن پکيئڙا) 2020ع ۾ ڇپيو آهي جيڪو ڪھاڻين جو گڏيل مجموعو آهي جنهن ۾ ڏهن ڪھاڻيڪارن جون ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جا ڀائو پارس حميد ۽ غلا مصطفىٰ سولنگي ٻئي مُرتب آهن.ان کان علاوه (ننڊ نيڻن جي آرسي آهي) جيڪو سندس اڻڇپيل نثري نظمن جو شعري مجموعو آهي.ڀائو پارس حميد ڪيترن ئي ڪتابن جا مھاڳ رايا ۽ بيڪ ٽائيٽل به لکيا آهن ۽ پاڻ سنڌ سطح تي سوين ادبي گڏجاڻين ڪانفرنسن سيمينارن ۾ صدارتون مھمان خاص ۽ اعزازي مھمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندو رهيو ۽ هڪ شاعر مقرر ۽ ٻُڌندڙ طور پڻ شريڪ ٿيندو رهيو.ڀائو پارس حميد شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ غزل گيت وائي ترائيل دوهو وغيره لکيا آهن پر آزاد ۽ نثري نظم سندس پسند جي صنف ۽ ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ آهي.ڀائو پارس حميد شاعري جي سفر ۾ ڪجھ تجربن کي به آزمايو آهي ۽ 1985ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ۾ هڪ نئين صنف “لمرڪ“ لکيا آهن جن مان ڪجھ “لمرڪ“ مشتاق گبول پنهنجي ڪتاب “شاعريءَ جون صنفون“ ۾ وضاحت سان مثال طور پيش ڪيا آهن.اهڙي طرح ڀائو پارس حميد جون ڪيتريون ئي علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏنل آهن ۽ پاڻ تقريبن 50 سال علم ۽ ادب کي ارپي ويو. 23 ڊسمبر 2020ع تي سائين پارس حميد جي صحت جي ناسازي واريون قاضي ذوالفقار حبيب متو غلام مصطفىٰ سولنگي اسد مگڻهار خالد راجپر ۽ ٻين جون فيس بوڪ تي رکيل پوسٽون اچانڪ سامهون آيون ته زمين پيرن هيٺان نڪري وئي ۽ منھنجي دل جي ڪيفيت بدلجي وئي ۽ يڪدم کيسي مان موبائل ڪڍي ڀائو پارس حميد جو نمبر ڊائل ڪيم پر افسوس جو“ ڀائو پارس“ جو نمبر بند مليو ۽ اڃان وڌيڪ فڪرات ٿي پر مجبورن ماٺ ڪري ويھڻو پيو ۽ تقريبن هفتو کن ڀائو پارس حميد بيماري سان زندگي موت جي جنگ وڙهندو رهيو پر آخر 2020ع جو منحوس سال ويندي ويندي اسان کي ڪيتريون ئي اذيتون ڏيندي ٻين کوڙ سارن اديبن جون زندگيون ڳڙڪايون ۽ 30 ڊسمبر 2020ع جي اها اڀاڳي شام جنهن هڪ پل ۾ راڪاس گهمائي ڀائو پارس حميد جھڙو ماڻهو موتيءَ داڻو اسان کان ۽ سموري سنڌ جي ساڃاھ وندن کان هميشه لاء کسي ورتو ۽ سڄي سنڌ سوڳوار بڻجي وئي ۽ ڀائو پارس حميد جي پيار ۾ هر پرواني جون اکيون اشڪبار ٿي ويون.آخر ۾ مان ڌڻي در دعاڳو آھيان ته شال رب العالمين ڀائو پارس حميد کي جنت الفردوس ۾ اعلىٰ مقام ۽ درجو نصيب ڪري ۽ سندس ڪٽنب ۽ عزيزن ۽ رشتيدارن کي صبر ۽ تحمل جي توفيق عطا ڪري. سندس وفات تي مون هي سٽون سرجيون هيون.
پکي پيار وارا اُڏاڻا هليا ويا، رهي رات هڪڙي نماڻا هليا ويا.
سڄي رات روئي روئي گذاريم!، پُسائي ڇڏيا مون وهاڻا هليا ويا.










