ٽي ملڪي سيريز ،زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست

ٽي ملڪي سيريز ،زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو. دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي زمبابوي جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. برائن بينيٽ 49، سڪندر رضا 34، ماروماني 30 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان محمد نواز 2، ابرار احمد، صائم ايوب، سلمان مرزا ۽ شاهين آفريدي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 4 بال اڳ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي ماڻي ورتو، فخر زمان 44، عثمان خان 37، صائم ايوب 22، محمد نواز 21 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو