ليکڪ ظھور ميمڻ
لڏپلاڻ قديم زماني کان ٿيندي رهي ٿي. ڪڏهن ٻوڏن، زلزلن، ۽ ڏڪار جهڙين قدرتي آفتن جي ڪري ته ڪڏهن انساني حوس جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جنگين جي ڪري ماڻهو پنهنجا پراڻا ٺڪاڻا ڇڏي نوان ٺڪاڻا تلاش ڪرڻ تي مجبور ٿيندا آهن. اهو هڪڙي قسم جو فطري عمل آهي، جيڪو ٿوري گهڻي فرق سان دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني حصن ۽ خطن ۾ ٿيندو رهي ٿو. ‘مهاجر’ ۽ ‘انصار’ يا چئجي ته مهمان ۽ ميزبان ٻئي اهڙي صورتحال کي قبول ڪندا آهن. سنڌ 1947ع کانپوءِ پوئين قسم جي لڏپلاڻ جو نشانو رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ شرط لياقت علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت باقاعده منصوبابنديءَ سان هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. سنڌين جون ملڪيتون، نوڪريون ۽ ڪاوربار وغيره انهن جي حوالي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن لاءِ الڳ تعليمي سرشتو لاڳو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ڌاري آبادڪاري گزريل ڪيترن ئي سالن کان جاري آھي سنڌ واسين کي پنهنجي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو ثبوت اھو آھي ته ڪراچي نادرا سينٽرن تي ڌارين جي لوڌ ھر جاء تي نظر اچي ٿي افغانن برمين بھارين لاء ڪا رڪاوٽ ناھي افسوس پيپلز پارٽي روڪٿام ۾ ناڪام به آھي ته سھولتڪار به.
هتان جا ماڻهن جي محبت ۽ عقيدت رکندڙ آهن جيتوڻيڪ ماضيءَ ۾ به ڌارين جا دؤر رهيا آهن، اُنهن جو سالن تائين سنڌ تي راڄ به ڪيو پر پوءِ جڏهن وقت ڦيرو کاڌو ته اُنهن جو وجود ڪَک پن ٿي اُڏامي ويو. اڄ به ڌارين جا وڏا وڏا مقبرا ويران بڻيل آهن، ٻئي پاسي جن هِن ڌرتيءَ سان محبت ڪئي ۽ نينهن جو ناتو نڀايو، اُنهن جي قبرن تي ڀلي ته مقبرا نه هُجن، پر عام عوام هميشه اُنهن کي ياد ڪري ٿي، هتان جي ماڻهن جي حق ۾ ڳالهائڻو پوندو، ڇو ته تاريخ اسان کي اِهو ئي سبق سيکاري ٿي ته پنهنجي ماروئڙن جي لاء حق لاء ڳالھايو.
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ملڪ کان ٻاهريان يا پاڪستان جي ٻين صوبن کان سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ڌاريا سنڌ وطن جي ڌرتيءَ کي پنهنجي ماءُ سمجھي ان جي خمير ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار ناهن. تنهن ڪري ڌارين جي مسلسل وڌندڙ آبادي سبب سنڌين کي سدائين اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو هجڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي وحدت به خطري هيٺ آهي. جڏهن معاملو سڄي قوم جي مستقبل سان واسطو رکندڙ هجي ته پوءِ ان جي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ قومي زندگيءَ جي سڀني شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي حصو وٺڻ گهرجي ۽ ڪنهن حد تائين ايئن ٿي به رهيو آهي. پر جيئن اسان ڄاڻون ٿا ته سماج جي چرپر ۽ ان ۾ پيدا ٿيندر مسئلن تي سڀ کان وڌيڪ اثر سياست جو ٿيندو آهي، تنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ ذميواري به سياسي پارٽين جي هوندي آهي انڪري سنڌ جي قومپرست پارٽين کي تمام گھڻي غور فڪر ۽ سنجيدگيءَ سان ويچار ڪري هڪ منظم ۽ سگھاري جدوجھد جو آغاز ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته جدوجهد ۽ قربانيون ڏيندڙ توڙي شهادتن جهڙو عظيم رتبو حاصل ڪندڙ سمورن سنڌ جي شهيدن سان سچي محبت ۽ انهن جي خون سان حقيقي انصاف به اهو ٿيندو ته اسان انهن جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌايون ۽ ڪاميابي جي منزل تي پھچايون. آء سمجھان ٿو ته شهيدن جي عظمت، جدوجهد ۽ سندن قربانين کي حقيقي مڃتا ۽ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪو ٻيو طريقو ڪونهي ته سڀني قومپرست پارٽين کي پاڻ ۾ ھڪ ٿي ڪري ڌارين جي يلگار کان سنڌ کي آزاد ڪرائيجي.










