يڪتارو ۽ چپڙي جي بيتاج بادشاه لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جي 22 ورسي

محمد خالد ميمڻ
ساھتي پرڳڻو سنڌي ادب، تعليم، صحافت، آرٽ ۽ موسيقي جي حوالي سان اوائلي دور کان وٺي مالا مال رھيو آھي. ۽ ھتان جي اديبن، شاعرن، دانشورن، تعليم دانن ۽ فنڪارن ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ پاڻ مڃائي سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. ساھتي پرڳڻي ھر مڪتب فڪر جي شعبي سان گڏوگڏ موسيقي جي ميدان ۾ پڻ وڏو نالو ڪمايو آهي. ڳالهه ڪجي موسيقي جي ته اسان وٽ استاد گلزار علي خان، ماسٽر چندر ۽ انور وسطڙي ۽ جلال چانڊيو جھڙا نالا تڪڙ ۾ ذھن تي اڪري اچن ٿا جن ڏيھ پرڏيھ ۾ نالو ڪمايو،
اڄ افسوس سان اھو چوڻو پوي ٿو ته اسان جي راڳين سنڌي موسيقيءَ کي جيئندان ڏئي جلا بخشي ۽ ٻڌندڙن ۽ روحاني فيض پھچائي کين جهومائي ڇڏيو پر اسان جي بي حس حڪومتن سندن کٽيو ته کاڌو پر سندن مالڪي نه ڪئي جنهن سبب ھو بي يارو مددگار ٿيندي راھ رباني وٺي رمندا رھيا.
راڳي لوڪ فنڪار جلال چانڊئي جو جنم سال 10 آگسٽ 1944ع ڌاري ساهتي پرڳڻي جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جو هٽ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ ٿيو. پيشي جي لحاظ کان سندس وڏڙا درزڪو ڪم ڪندا هئا. سندس والد کيس نوان جتوئي شهر ۾ هڪ درزڪي دوڪان تي درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ ويهاريو، پر اتي سندس دل نه لڳي ۽ ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لڳو ۽ ٺڪريون وڄائي جهر جهنگ ۾ جهونگاريندو هو ۽ آهستي آهستي کيس راڳ ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. جلال چانڊيو اڻ پڙهيل هو سندس ڪابه تعليم نه هئي، پر قدرتي طرح سندس ذهن جو حافظو تمام بهترين هو، سندس ذهن پختو ۽ حافظو ڪمال جو هو، جو ڪنهن به ڪلام کي هڪ دفعو ڪير به کيس پڙهي ٻڌائيندو هو ته کيس بر زبان ياد ٿي ويندو هو. پهريون ڪلام ڦل شهر ڀرسان مقامي ميلي ۾ ڳايائين. لڙي لنگهجان متان نظر لڳئي، تون ٿو لڇڪين اڳئي. هن راڳ سرلئه جي سکيا ميرپور ماٿيلي جي راڳي فنڪار علي گل مهر کان ورتي. جيڪو ڳوٺ جاني گبول گهوٽڪي جو رهواسي هو.جلال چانڊيو ۽ سندس والدين درگاھ نانگو شاھ غلام شاھ جا مريد هئا، پاڻ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ مصر جي واءِ ڀرسان لڏي ويٺا چون ٿا ته دشمني سبب گهر کي باھ لڳي ۽ الھ تلهه سڙي ويو. ان بعد موري شهر ۾ ٻانڌي روڊ تي مسواڙي جڳھ وٺي رهائش اختيار ڪيائين.
موري ۾ رهائش بعد ڊراما نگار استاد محمد صديق پرهياڙ ڊراما ڪرائيندو هو جن ۾ پڻ جلال راڳ ڳائيندو هو، جلال چانڊئي پنهنجو راڳ چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائڻ شروع ڪيو. سنڌي موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ چپڙي ۽ يڪتاري جو استعمال اڪثر ڪري سنڌ جي صوفي درگاهن تي صوفي راڳي استعمال ڪندا هئا. ان دور ۾ فقير خادم حسين، ڍول فقير، فقير عبدالغفور ۽ ٻيا يڪتاري تي ڳائي محفلن ۾ رونقون بخشيندا هئا، اهڙيءَ طرح ٻيا به ان ئي دور ۾ درگاهن، خانقاهن ۽ اوتارن تي چپڙي ۽ يڪتاري تي ڳائيندا وڄائيندا هئا، جلال جي راڳ جي پهرين ڪيسٽ پارس ڪمپنيءَ طرفان 1970ع ڌاري جاري ٿي،جيڪا شاعري افضل سولنگي جي هئي، ڪلام هن طرح هو ـ
1. جهڙي ٿئي مست جواني، تهڙي آ رات سهاني
2. زماني ۾ اويارو، بيوفائيون ٿي ويون، ڇا چوان تقدير کي جاني جدايون ٿي ويون.
جلال چانڊئي جي سنڌي راڳ ٻڌندڙن ۾ خاص طرح سنڌ جو پورهيت ڪلاس هاري ناري، مزدور بسن، ٽرڪن ۽ ٽريڪٽرن جا ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ عام ماڻهون وڌيڪ رهيو آهي.
جلال چانڊئي جي راڳ سکڻ واري عمر ۾ سنڌ اندر پنجابي راڳ ميلن، ملاکڙن ٿيٽرن ۾ پنجاب کان ايندڙ عنايت حسين ڀٽي، عالم لوهار، عطاء الله عيسي خيلوي کي ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهو سال پورو انتظار ڪندا هئا. جيڪي پنجابي ۽ اردو ڪلام ٻڌائيندا هئا ۽ ملڪ اندر 1965 ۽ 1971ع وارين جنگين دوران قوم ۾ روح ڦوڪڻ لاءِ ملڪ ترنم نور جهان وطن جا ترانا ڳايا جيڪي ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا هئا، جيڪي اردو شاعري ۾ پيش ٿيندا هئا ۽ سڄي ملڪ اندر جهرجهنگ ۾ پڻ ٻڌا ويندا هئا. ملڪ ترنم فلم انڊسٽريز تي پڻ ڇانيل رهي ۽ سندس فلمن وارا پنجابي ڪلام پڻ سنڌ اندر عام ٻڌا ويندا هئا. جڏهن ته سنڌ جي صوفي درگاهن، اوتارن ۽ آسودن ماڻهن جي اوطاقن تي ۽ راڳ جي باذوق ۽ شوقين ۽ ڄاڻو پڙهيل لکيل ماڻهون. استاد بيبي خان، استاد منظور علي خان، عابده پروين، استاد فتح علي خان، فقير عبدالغفور ۽ ٻين ناميارن راڳين کي ٻڌندا هئا.
عوامي انداز ۽ عام ماڻهن جي راڳ واري ذوق کي جلال چانڊئي پورائي ڪري سنڌيءَ ۾ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته انهن ئي ميلن ملاکڙن ۾ ايندڙ هزارين ماڻهو جلال کي بيحد ٻڌڻ پسند ڪيو ۽ سندس مداح ٿي پيا. سندس چواڻي ته منهنجي مقبوليت جو سبب مان عام ماڻهن جو عشق ۽ سور انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳايان ٿو،ان ڪري ماڻهون پسند ڪن ٿا. هن سنڌي، اردو، سرائيڪي، بلوچي ۽ براهويءَ زبان ۾ پڻ ڳايو.
جلال چانڊيو 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن لاءِ پهتو، کيس راڳ نه پر مقبوليت ڪري پير اسحاق جان سرهندي پاس ڪيو ۽ مرحوم غلام حسين شيخ پروڊيوسر ۽ محمد انور بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان موسيقار نياز حسين جي موسيقيءَ ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا،سنڌ ۾ ڀٽائي جي فقيرن کانپوءِ يڪتاري کي عوامي ساز جلال بنايو، جلال سينگاريل يڪتارو، سنڌي ٽوپي، شهپر، کليل گلي جو نمونو اڳتي هلي سڃاڻپ طور مشهور بڻجي ويا.جلال يڪتارو، جلال شهپر، جلال ٽوپي جيڪا سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي فنڪار پائين ٿا. سندس نالي پٺيان ڪيترائي فنڪار ننڍو جلال، وڏو جلال، صفا جلال، جوڳي جلال ۽ پٽ جلال سڏرائڻ لڳا. جڏهن ته روبينه حيدري، تاج مستاني عورتون پڻ جلال راڳ ڳايو،جڏهن جلال کان تاريخ پئدائش جو پڇيو ويو ته هن سنڌي مولودن جي وڏي شاعر غلام نبي مهيسر مرحوم وارو جواب ڏنو هو “منهنجي مارو اباڻن کي منهنجي ڄم وقت تاريخ لکڻ جو شعور نه هو” کانئس جڏهن ڳايل ڪلامن جو تعداد پڇيو ويو ته هن ملڪ ترنم نور جهان وارو جواب ڏنو هو ته “مون پنهنجي ڳايل گيتن ۽ ڪيل عشق جو ڪڏهن به حساب نه ڪيو آهي. ڏھ هزار کان وڌيڪ ڪيسٽون ڪڍيائين ۽ 30 کان 40 هزار ڪلام ڳايائين، هن ڪيترن ئي شاعرن جن ۾ شاھ ڀٽائي رح، بلي شاھ، جانڻ فقير، استاد بخاري، علي حسن ٻٻر، ميهر فقير، عبدالغفار تبسم، راشد مورائي، غلام حيدر گجو، انور قمبراڻي، دادن فقير، خوش خير محمد، سيد سليمان شاھ، سيد علي گوهر شاھ کي پڻ ڳايو.
1999ع ڌاري کيس اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد عظيم دائود پوٽي کيس لطيف ايوارڊ ڏنو. ان سان گڏوگڏ کيس قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سچل ايوارڊ پڻ مليا. ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر به فن جو مظاهرو ڪيائين، 1985ع ڌاري سندس زندگيءَ تي شاھ اسد هڪ فلم پڻ ٺاهي. ٽي شاديون ڪيائين، جنهن مان کيس چار پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هئس.
جلال جي عام ماڻهن واري ٻڌندڙ حلقي جو وسيع تعداد ڏسندي ڪيترن ئي ڪيسٽ ڪمپنين مالڪن فائدو ورتو ۽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا، پر افسوس جلال جي موڪلائي وڃڻ بعد انهن ڪابه سار سنڀال نه لڌي. جن ۾ پارس پروڊڪشن، لوڪ فنڪار پروڊڪشن، ٿر پروڊڪشن، سچل پروڊڪشن، ناز پروڊڪشن سندس هزارين ڪلام ۽ ڪيسٽون جاري ڪيون. سڌي پڌري راڳي ڳائندو هو. جيترو ٿلهو آواز اوترو مٿي ڳائيندو هو، ڀيروي، ڪلياڻ، تل، سورٺ، ڪوهياري، سهڻي راڻو ۽ ٻين سرن ۾ ڳايائين. قدرت جي مڻيا رکيل هئس. استاد منظور علي خان چيو ته جلال جو راڳ نه پر ڀاڳ ٿو ڳائي، راڻو جهڙو هن ڳايو اهڙو ڪنور ڀڳت به نه ڳايو. ڪوهياري ڳائيندو هو ته صفا خون ڪري ڇڏيندو هو.
عوامي البيلي شاعر استاد بخاريءَ کان جلال چانڊئي جي مقبوليت ڏسي ۽ هن کان رهيو ڪين ٿيو ۽ جلال چانڊيو سان وڃي پاڻ روبرو مليو ۽ کيس پنهنجي شاعري ڪلام ڳائڻ لاءِ چيائين، جلال کيس چيو ته اوهان پنهنجي شاعري ۽ ڪلام ٻڌايو، ان بعد بخاري کيس جهونگاري ٻڌايو، جيڪو هن خوشيءَ سان قبول ڪري ۽ جڏهن اهو گيت ڳايو
سچ پچ ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ننڍي وڏي شهر، واهڻ وستين، ڳوٺن ٿرن برن ۾ ڄڻ ته ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. ڪيترن ئي عاشقن، البيلن جڏهن محبت ڀريو ميار وارو ڪلام ٻڌو ته سچ پچ جلال ڄڻ سندن سيني ۾ دفن ٿيل عشق کي وري جاڳايو ۽ سندن ترجماني ڪئي. نه رڳو ايترو پر مريضن ۽ موت جي بستري تي پيل لاوارث ماڻهن جا ڇيھ ڇڄي پيا.
جلال چانڊيو ڪيترائي دفعا بيماري جي سبب اسپتال ڀيڙو ٿيو، پر هن بيماري جو ڄمي مقابلو ڪيو، پر بعد ۾ هن جي بيماري ڏانهن بي توجهي سبب سندس گڙدن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ آخر 10 جنوري 2001ع ۾ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس ڦل شهر ۾ سندس گهر ۽ اوطاق سان گڏ هڪ کليل ميدان ۾ دفنايو ويو جتي بعد ۾ هڪ مقبرو به سندس وارثن اڏايو. اهڙي طرح سنڌي موسيقي ۾ هڪ منفرد گائڪي جي هڪ انداز جي پڄاڻي ٿي پر ان جي باوجود جلال جي وڇوڙي سان گڏ سنڌي راڳ جي هڪ منفرد انداز جو بنياد ٿيو. هن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي جلال جي ڇڏيل ورسي کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ محفلون ڪري جلال جي انداز واري راڳ کي وڌيڪ هٿي ڏني جن ۾ گل شير تيوڻو، محمد يوسف پنهور، نورل ماڇي، دلشير تيوڻو، جڏهن ته سندس اولاد مان قلندر بخش چانڊيو دلبر چانڊيو ۽ سندس پوٽو شهزاد عرف جونيئر جلال ڳائي سنڌي موسيقيءَ جي هن انداز کي زنده رکيو پيا اچن.
مرحوم جلال چانڊيو هڪ تاريخ ساز لوڪ گلوڪار هجڻ سان گڏ هڪ بهترين محبتي يارويس مهمان نواز انسان پڻ هيو سندس جي ڦل شهر واري اوطاق تي هر وقت مهمان موجود هوندا هيا پاڻ ڀلن گهوڙن ۽ مينهن جو پڻ شوقين هيو ان ڪري سندس جي وٿاڻ تي هر وقت ڀليون مينهيون ۽ اوطاق تي ڀلا ڀلا گهوڙا پڻ ٻڌل هوندا هيا سندس جي هڪ گهوڙي جو نالو سانول رکيل هيو ۽ سندس جي اوطاق تي آيل ڪنهن به مهمان کي ماني کارائڻ ۽ چانھ پيارڻ کانسواء نه ڇڏيو ويندو هيو اوطاق تي هرهڪ کي مينهن جي گهاٽي کير ۾ گلقند مليل چانھ ضرور پيش ڪئي ويندي هئي ۽ جلال چانڊيو هڪ سخي مرد انسان پڻ هيو ان جي سخاوت جا ڪيترائي قصا مشهور آهن ڪيترائي سندس مداح پنهنجي شادي جي تاريخ کيس کان وٺي پوء ڀت ڪندا هيا مطلب ته جلال چانڊيو هڪ هرفن مولا انسان هيو پاڻ جڏهن ڦل شهر جي غريب آباد محلا ۾ لڏي اچي ويٺو ته اسان شهرواسين کي اهو خيال ٿيو ته هتي اچي الائي ڇا ڪندو الائي ڪهڙا ڪم ڪندو ۽ ٿي سگهي ٿو شهرواسين کي پاڙي وارن تي پنهنجو دٻدٻو ويهارڻ لاء ڪي عوام آزار ڪم نه ڪري پر جلال چانڊيو اچڻ سان ئي شهرواسين ۽ خاص طور پاڙي واسين ۾ پنهنجي دلبر طبعيت وسيلي ائين ته انهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو جو اهي ساڻس پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلال کين پنهنجي اوطاق تي سڏي انهن سان عام ماڻھن وانگر ڪچهريون ڪندي نظر ايندو هيو ۽ سڀني جي لاء ڇپر ڇانو بڻجي ويو جيڪي اڄ به کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪندا آهن جلال چانڊيو جي وڇوڙي کان وٺي ڪري سگا ڦل شاخ جلال چانڊيو يادگار ڪاميٽي ۽ سندس اولاد هر سال 10 جنوري تي سندس آخري آرام گاه ڦل شهر ۾ سندس ورسي تقريب ملهائيندا آهن پر هاڻي ڪجھ سالن کان اهي به ورسي سادگي سان صرف سندس مزار تي چادر چاڙهي ملهائين ٿا پيا جڏهن ته ان کان اڳ سندس ورسي ڀرپور نموني ملهائي ويندي هئي سندس ورسي تقريب ۾ ادبي محفل ۽ محفل موسيقي پروگرام ۾ سنڌ جا ناليوارا راڳي ۽ سگا جا ناليوارا اڳواڻ شاعر اديب شامل ٿي ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪندا هيا ۽ ان ورسي تقريب ۾ هزارين سندس مداح شرڪت ڪندا ھيا پر افسوس جي ڳالھ اها آهي جو هن ڀلوڙ لوڪ راڳي جي ورسي ثقافت کاتي طرفان ڪڏهن به سندس آخري آرام گاه ڦل شھر ۾ ناهي ملهائي وئي پر گذريل ڪجھ سالن کان ثقافت کاتو سندس ورسي مختلف تاريخن تي ٻين شھرن ڪراچي حيدرآباد ۾ ملهائي مڙئي خانه پوري ڪري ٿو پيو جڏهن ته جلال جي مداحن جو مطالبو آھي ته ثقافت کاتو جلال چانڊيو جي ورسي سندس جي وڇوڙي جي تاريخ 10 جنوري تي سندس آخري آرام گاه ڦل شھر ۾ ملهائي ڇوته ان تاريخ تي جلال جا مداح ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان بنا ڪنهن دعوت جي هزارن جي تعداد ۾ پهچي ويندا آھن ۽ ان تاريخ تي ڦل شھر ۾ ميلي جو سمان هوندو آھي ۽ اگر ثقافت کاتو ان تاريخ تي جلال جي ورسي ملهائي ته بهتر ٿيندو باقي سگا شاخ ڦل,۽ سندس فرزندن قلندر جلال,دلبر جلال,معشوق جلال ۽ نادر جلال چانڊيو پاران جيڪا هر سال ڦل شھر ۾ سندس ورسي سادگي سان ملهائي ويندي آھي اها ته ضرور ملهائي ويندي پر اها ننڍي پيماني تي ملهائجندڙ ورسي جلال چانڊيو جهڙي ديومالائي راڳي جي اڳيان ڪجھ به ناهي ان لاء سنڌ ثقافت کاتي کي ان لاء ڪجھ سوچڻ گهرجي .

پهنجو تبصرو موڪليو