ياد مخلص ماڻھوءَ جي

ياد مخلص ماڻھوءَ جي

علي اصغر ميراسي
سنڌ جي ڏاهي ۽ سياسي رهنماءُ عبدالواحد آريسر هڪ دفعي تقرير ۾ راءِ ڏني هئي ته نج سنڌي ماڻھن جو شھر ڀان سيد آباد ۽ نج سياسي ماڻھن جو شھر وارھ آھي ۽ ايئن ئي رسول بخش پليجي وارھ کي ويٽنام جو لقب ڏنو هو انهن ٻنهي سياسي عالمن طرفان وارھ کي اهڙا اعزاز ڏيڻ پُٺيان هن شھر جي سياسي سجاڳيءَ جي ڊگھي تاريخ آھي. شايد ڪو ترقي پسند، قومپرست ۽ جمھوريت جو فڪر هجي جنهن جي ڦھلاءَ ۾ وارھ جو ڪردار شامل نه هجي پر رڳو جمهوري جدوجهد جي تاريخ جا پنا اٿلائجن ٿا ته جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جو پھريون شھيد مير ميرجت به وارھ جو هو اڄ ان تاريخي تسلسل جي هڪ سياسي ڪردار محمد مراد چانڊيي جي ورسيءَ جو ڏينهن آھي جنهن پنهنجي سياسي عمل ۽ مسلسل جدوجھد جي ذريعي سنڌ جي سياسي عالمن جي وارھ بابت راءِ کي هٿي ڏني.
محمد مراد پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 80 جي ڏھاڪي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي پر 1990 جي ڏھاڪي ۾ جڏھن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سياسي سفر شروع ڪيو ته محمد مراد چانڊيو پنهنجي چاچي حريف چانڊيي سان گڏ پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو ۾ شموليت ڪئي جيڪو شھيد مير جي ويجھن ساٿين ۾ شامل هيو. محمد مراد چانڊيو ڪُل وقتي سياسي ڪارڪنن هيو صبح سان سوير اٿي پنج ست اخبارون پڙھڻ، سياسي اُٿل پٿل تي نظر رکڻ تجزيو ڪرڻ ۽ دوستن کي گڏ ويهاري پنهنجي سياسي نظريي بابت ٻڌائڻ سندس شيڊيول ۾ شامل هيو. گذريل ٻن ڏھاڪن دوران وارھ شھر ۾ قومپرست سياست جو ڌاڪو رهيو آھي جنهنڪري سنڌ جي دائري کان اڳتي واري سياست ڪرڻ واري ماڻھوءَ کي وطن دوست ۽ عوام دوست سياست جي دائري کان الڳ ڪري پيش ڪيو ويندو هو پر اهڙي ماحول ۾ محمد مراد چانڊيي نه رڳو پ پ شھيد ڀٽو کي سياسي سگھ ڏني پر نوجوانن ۾ پارٽي کي مقبول ڪري مثبت رايو به جوڙيو جنهن پٺيان سندس سياسي ڏاهپ، سهپ ۽ رواداريءَ سان گڏ سندس ذاتي ڪردار ۽ خوش اخلاقي شامل هئي. وارھ شھر کي اهو اعزاز به حاصل آھي ته شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ احتجاج وارھ ۾ ٿيا جنهن ۾ بنيادي ڪردار به محمد مراد چانڊيي جو هو جيڪو ڪارڪن ساٿين سان هر وقت جُڙيل هيو گرمي هجي يا سردي رات هجي يا ڏينهن مراد دوستن جي هر ڏک سُک ۾ فوري طور پهچي ويندو هيو سياسي عمل ۾ ماڻھوءَ جي شرڪت، تعلقات کي نڀائڻ جو کيس وڏو ڏانءُ هيو ساڻس منهنجو سياسي ۽ ذاتي تعلق 19 ورهين کان هيو هر روز صبح سان هُو منهنجي دڪان تي ايندو هيو جتي دوستن سان گڏ ڪچهري پڻ ٿيندي هئي هن ۾ هڪ مڻيا هي به هئي ته هُو ڪنهن به دوست کي ميار نه ڏيندو هيو ۽ درگذر ڪندو رهندو هيو هڪ دفعي مون کيس چيو ته يار فلاڻا ماڻھو توسان دلي طور سچا ناهن انهن کي ايتري اهميت نه ڏيو ته جواب ۾ چيائين يارَ سڀني کي گڏ کڻي هلڻو آھي اسان جو ڪم آ چڱائي ڪرڻ سٺو رستو ڏيکارڻ سياسي ورڪر بڻائڻ جيئن معاشرو بهتر ٿئي شھر علائقا سياسي ورڪرن سان ٽمٽار هجن اهو تڏھن ٿيندو جڏھن اسين سندن غلطين کي نظرانداز ڪنداسين هو هڪ ڏينهن نيٺ سمجهي ويندا مون سان ڀلي سچا نہ ٿين پر پاڻ پختا تہ ٿيندا آء سوچيان ٿو هتان جو وڏيرو جاگيردار چور لوفر ڪنهن سان زيادتي ظلم نہ ڪري اهو تڏهن ٿيندو جڏھن اسان ۾ شعور ايندو پاڻ سياسي ورڪر هونداسين تہ هنن وڏيرن ڀوتارن ڪرپٽ ڪامورن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائي سگهنداسين ،
محمد مراد ۾ اڳواڻي ڪرڻ جا ڏانءُ هيو مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي هجي يا ڪو تنظيمي پرگرام هجي هو ايتري تائين نہ نڪرندو هيو جيسيتائين غريب ۾ غريب ورڪر نہ پهچندو جيڪڏھن رابطي نہ ٿيڻ سبب رهجي بہ ويندو هيو تہ سندس پريشان نظر ايندو هيو چوندو هيو يار فلاڻو غريب دوست ورڪر رهجي ويو هڪ دفعي مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي هئي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو شروع ٿيڻ 10 بجہ ٽائيم رکيل هيو اسان کي وارھ ۾ 11 ٿي ويا هڪ کان ٻہ ڪلاڪ جو سفر هيو ڳوٺ ڪڙيو سبڙ خان لاشاري جا ٻہ چار ڪارڪن نہ پهتا اسان سڀني دوست عهديدارن چيو محمد مراد کي چيو ته نڪرو دير ٿي وئي آھي هنن جو جلسي ۾ نہ پهچڻ سان جلسو خالي ڏيک نہ ڏيندو چيائين يار اوهان اهو ڇو نٿا سمجهو تہ هو مير جا ورڪر آھن متان ڪنهن مجبوري سبب دير ٿي وئي اٿن جيڪڏھن اسين هليا هلئو انهن جي دل تي ڇا گذرندو ؟ بهرحال اسان تمام گهڻي زور تي مجبور ٿي قافلو ڪڍيائين آءُ ساڻس گاڏي ۾ گڏ ويٺو هئس هي رهجي ويل ساٿين لاءِ سخت پريشان رستي ۾ اوچتو کيس ان ئي دوست جي ڪال آئي ته مان هاڻ ڳوٺان شھر پھتو آھيان مراد کيس سُتت ئي چيو ته توهان ڪار ڪري جلدي لاڙڪاڻي پھچو ڀاڙو آئون ڀريندس مطلب هُن کي پنهنجي ساٿين جو ايترو اونو هوندو هيو.
محمد مراد مالي طور پاڻ به ڪمزور هيو پر هُو دل جو امير هيو ۽ ڪهڙي به مونجهاري ۾ هجي پر لَکاَ نه ڏيندو هو. هڪ دفعي آئون ذوالفقار ڇٽو ۽ جاويد چنو ساڻس لاهور اسلام آباد ڪوھ مري گھمڻ وياسين ته ڪوھ مري ۾ وارھ جا ديوان دوست مليا جن چيو ته جيڪڏھن مزو وٺڻو اٿو تہ ناران ڪاگان وڃو يار چيو سڀاڻي اوڏانهن هلنداسين مون ۽ ذوالفقار چيو ڏوڪڙ ته ٿورڙا بچا آهن ته يڪدم چيائين ڏوڪڙن جي پرواھ نه ڪيو منهنجي اڪاوئٽ ۾ پئسا هوندا اهي ڏوڪڙ خرچ ڪنداسين واپس ڳوٺ جيڪڏھن الللہ ڏيئوَ ڏجو نہ ته به خير آھي سندس سوين سفر ٿيا انهن سفرن ۾ مختلف دوست گڏ هوندو هيو جن سان مون سميت هڪ ٻئي سان سفر دوران ناراضگيون ٿينديون هيون پر محمد مراد ڪنهن سان ڪنهن ڳالھ تي ناراض نہ ٿيندو هيو ناراض ٿيندڙ دوستن کي هدايتون ڪندو هيو ته برداشت ڪيو.
هن جي سياسي زندگي هجي يا ذاتي زندگي هُو ٻنهي ۾ ذميوار رهندو هيو ۽ دوستن کي تسبيح جي مڻين وانگر پوئي هلندو هيو هن پنهنجي ٽن ڏھاڪن کان وڌيڪ سياسي سفر ۾ سنڌ جي قومي ۽ علائقائي مسئلن تي ڀرپور جدوجهد ڪئي سوين احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون ۽ سياسي سرگرميون ڪيون هن جي زندگي جو سفر 27 آگسٽ 2022 تي بيماريءَ سبب پورو ٿيو ۽ اڄ سندس ٻئين ورسي وارھ ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ ڀيٽائون ڏنيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو