وڌيل عوامي مسئلا، سياستدانن ۽ ڪامورن جو ڪردار

شاهد راڄپر
ڏٺو وڃي تہ پاڪستان بيروني ۽ اندروني ڪيترين ئي سازشن کي منهن ڏئي رهيو آھي پاڪستان جي آزادي کان وٺي موجوده حالتن ۾ ڪافي فرق آھي ۽ موجوده حالتون ڳنڀير صورتحال تي پهتل آھن قيام پاڪستان ۾ سويلين جو اهم ڪردار آھي هيئر تہ پاڪستان جي آزادي جا گهڻا داعويدار آھن ۽ سنڌ جو پاڪستان جي آزادي ۾ اهم ڪردار آھي،
ڏينهون ڏينهن دنيا جا ملڪ ترقي ڪندي ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي رهيا آھن پاڪستان کان علاوه دنيا جي هر ملڪ ۾ انسان ذات سميت هر جاندار جي حقن ۽ تحفظ جي ذميوارين کي ڀرپور نموني نڀايو پيو وڃي هر ملڪ ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم آھي قانون جي رٽ قائم آھي پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آھي جتي جيڪو ڏاٺو سو گابو آھي پاڪستان ۾ واعده ماڻهن جي اڪثريت آھي هتي هرڪو ماڻهون واعدو ڪري وساري ڇڏيندو آھي ۽ اسان جي سنڌ ۾ ھاڻي اها چوڻي مشھور ٿي رهي آھي تہ واعدو ڪرين تہ پورو ڪجان متان پاڪستاني سياستدانن وانگي وساري ڇڏين،
سنڌ ۾ هينئر بلدياتي اليڪشن جو موسم شروع ٿيو آھي روپوش ٿيل اڳوڻا بلدياتي چھرا سامهون اچڻ شروع ٿيا آھن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهي نمائنده عوام کان هيل ڪيئن ووٽ وٺڻ ايندا جن ڪورونا وبا دوران پاڻي جي شديد بحران دوران ننڍن آبادگارن جا پاڻي وارا شاخن مائينرن ۽ واهن تا دروازا بند ڪرائي پاڻي پنهنجين زرعي زمينن ڏي لوڙھي ڇڏيو هو ۽ ڪورونا وائرس دوران پنهنجن ووٽرن سان اهو چئي ملاقاتون بند ڪري ڇڏيون تہ ڪورونا وائرس وڌي نه وڃي جنهن لاء سوشل ڊيسيٽنس تي عمل ڪيو ۽ مسئلا ٻڌائڻ بجائي پنهنجن گهرن ۾ محدود رهو،
پاڪستان ۾کوڙ سارا مسئلا آھن پر سنڌ ۾ تہ مسئلن جا انبار آھن عوام جا اهنج تہ لکڻ تي ويهبو تہ ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا پر اهنج ڪونہ کٽندا پر سنڌ جا سرڪاري ننڍا ملازم بہ انيڪ مسئلن ۾ ڦاٿل آھن اڳوڻي وزير اعظم ڪيترائي ڀيرا مهانگائي کي نظر ۾ رکندي ملازمن جون پگهارون ۽ الئونس وڌائڻ جااعلان ڪيا جن تي وفاقي ملازمن سميت ٽنهي صوبن ۾ عمل ڪيو ويو پر سنڌ ۾ ملازمن جي پگهارن ۽ الائونسن ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ سيڪريٽرريٽ ۽ مٿين ليول جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين مراعتن ۾ اضافو ڪيو ويو پر سڄي سنڌ جي ڪنهن به کاتي جي ننڍن ملازمن جي پگهارن ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو موجوده وزيراعظم جناب شھباز شريف حڪومت جون واڳون سنڀاليندي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو تہ ننڍن ملازمن جي مرجهيل چھرن تي مرڪون اچي ويون ۽ چيائون ته هي ڪو معجزو ٿي ويو آھي ۽ اپريل کان پگهارون وڌنديون پر ڪجھ ئي ڏينهن کان پوء قلابازين جي ماهرن قلابازي ڏيندي چيو ته پگهارون ڪجھ مهينا پهرين اڳوڻي حڪومت وڌايون هيون وڌيڪ بار هي حڪومت برداش نه ٿي ڪري سگهي جڏهن ته وفاقي ملازمن سميت ٽنهي صوبن جا ملازم وڌيل پگهارون کڻي رهيا آھن پر سنڌ جا سيڪريٽ کان علاوه ٻيا ملازم رهيل آھن ۽ گذريل سال 2021ع جي جون واري بجيٽ کان علاوه ڪنهن به وڌيل پگهار يا الائونسن کان محروم آھن ۽ صرف ملين ته ڊسمبر واري انڪريمينٽ.
ڏٺو وڃي تہ سنڌ ۾ وڌيل عوامي ۽ ملازمن جي مسئلن جو ذميوار پوليٽيشن، بيوروڪريٽ يا بيوروڪريسي آھي.؟! ڇالاء ته بيوروڪريٽ ۽ بيوروڪريسي جون پگهارون ۽ مراعتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آھن ۽ حڪمران رڳو اعلان ڪري ٿو ته ان تي عمل ٿي وڃي ٿو ۽ ننڍن ملازمن لاء نوٽيفڪيشن جي جاري ٿيڻ جو انتظار ڪيو وڃي ٿو ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ وارا به اسان جا بيوروڪريٽ آھن جيڪي ڪهڙن سببن ڪري نوٽيفڪيشن جاري نٿا ڪن ڪا خبر نه ٿي پوي ۽ هاڻي تازو وزير اعظم پاڪستان ميان شھباز شريف سرڪاري ملازمن جي ٽائيم اسڪيل جي سمري منظور ڪئي آھي ۽ اسڪيل پروموشن سان گڏ پگهار ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو سمري مطابق ڊگهي عرصي کان اسڪيل پروموشن رکندڙ ملازمن کي فائدو ٿيندو ۽ ڊگهي عرصي کان هڪ ئي اسڪيل ۾ رهندڙ سرڪاري ملازم کي ترقي ملندي سمري تحت ڏهن سالن تائين هڪ ئي اسڪيل ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم اڳئين اسڪيل ۾ پروموٽ ٿي ويندا ۽ پروموٽ ٿيڻ کان پوء اٺن سالن بعد اڳلياسڪيل ۾ پروموشن ملي ويندو ۽ اها سمري وزارتي ڪميٽي ۽ ملازمن جي گرينڊ الائنس وچ ۾ ٿيل معاهدي کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آھي ۽ هاڻي ڏٺو ويندو ته هن عمل تي اعلان ڪڏهن ٿيندو جڏهن ته ذريعن وٽان اهو پڻ معلوم ٿيو آھي ته سنڌ ۾ ڪاليج ايجيوڪيشن کاتي اندر ليب اسٽاف کي پڻ ڪيترن ئي سالن کان پروموشن نه مليا آھن ۽ ليب اسٽاف جي حقن جي حاصلات لاء سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر اسيوسئيشن پاڻ پتوڙي رهي آھي ۽ ذريعن مطابق ان ۾ به بيوروڪريٽ ئي رڪاوٽ بڻيل آھن،
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ اندر عوام ۽ ننڍن ملازمن سان انصاف ۽ همدردي ڪري مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي، سنڌ جي عوام ۽ ننڍن ملازمن سان همدردانه طور يڪجهتي ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي صوبائي کاتن پوليس ، صحت، تعليم، سميت ٻين کاتن جي ملازمن ۽ پنجاب جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪافي فرق آھي جڏهن ته ملڪ هڪ آھي ته قانون به هڪ هجڻ گهرجي ۽ ان سان گڏوگڏ مهانگائي ۽ پاڻي مسئلي جو حل ڪڍيو وڃي ۽ سنڌ جي عوام ۽ ملازمن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي جيئن مهانگائي جو پيڙھيل عوام پنهنجي روز مرھ جي زندگي سٺي ۽ سولي نموني گذاري سگهي ۽ پهنجي گهٽ آمدني باوجود عزت وارو گذران ڪري سگهي ۽ ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بچي سگهي ۽ پاڻي مسئلي جو حل ڪڍي پاڻي ورڇ صاف شفاف بڻائي وڃي ۽ بنا فرق جي پاڻي ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي جيئن ننڍا آبادگار به پهنجي فصلن جي پوکائي وقت سر ڪري سگهن جيئن آبادگارن جي ڀلائي ۽ سنڌ جي زراعت مفيد ٿي سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو