وچ اوڀر ۾ پاڪستان جا اسٽريٽجڪ ارادا

وچ اوڀر ۾ پاڪستان جا اسٽريٽجڪ ارادا

ليکڪ: خرم عباس
غير يقيني صورتحال جا بادل آهستي آهستي ختم ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ⁠ته پاڪستان جي چڱيءَ طرح ٺهيل وچ اوڀر يعني مڊل ايسٽ واري حڪمتِ عملي هاڻي واضح ٿي رهي آهي. اسلام آباد وچ اوڀر ۾ پنهنجي سيڪيورٽي ڪردار کي وِسعت ڏيڻ لاءِ ٻطرفي ۽ گهڻ پاسي سطح تي نئين سيڪيورٽي تعاون سان چاهه ظاهر ڪيو آهي. هي ڳالهه سعودي عرب سان ٿيل گڏيل دفاعي معاهدي، جنهن ۾ ’عرب-اسلامي ٽاسڪ فورس‘ ٺاهڻ جي تجويز به شامل آهي؛ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت؛ غزه تي ٻڌل بين الاقوامي اسٽيبِلائيزيشن فورس (ISF) ۾ شرڪت؛ ۽ قطر کي گڏيل دفاعي معاهدو آڇڻ مان واضح ٿئي ٿي.
اسلام آباد جو وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي فرنٽ تي متحرڪ ڪردار هاڻي ان جي نئين اهميت جو سڪو بڻجي چڪو آهي. پر هتي اهم سوال اُڀري ٿو ته اسلام آباد وچ اوڀر جي ڏکڻ-اولهه واري جاگرافيائي سياست ۾ پنهنجو وڌايل ڪردار ڇو چاهي ٿو؟
پهريون سبب
پاڪستان اڳ ئي ڪيترن ئي عرب خليجي ملڪن سان اداراتي سيڪيورٽي تعاون قائم ڪري چڪو آهي. مثال طور، فوجي اهلڪارن جي تعيناتي، نيوي ۽ ايئر فورس جي آفيسرن جي تربيت، هٿيارن جي خريداري، گڏيل فوجي مشقون وغيره، اهي سڀ ڳالهيون اڳ ئي اداراتي تعاون جو حصو آهن. پر هاڻي انهن موجوده فريم ورڪن کي وڌائي نون سيڪيورٽي قدمن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن سان پاڪستان وچ اوڀر ۾ پنهنجو اسٽرٽيجڪ ڪردار وڌائڻ چاهي ٿو. ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت ۾ اها به گڏيل سوچ پيدا ٿي آهي ته ماضي ۾ پاڪستان يَمَن جنگ ۾ سعودي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ سان هڪ اسٽرٽيجڪ موقعو وڃائي ڇڏيو هو.
هاڻي اسلام آباد سمجهي ٿو ته وچ اوڀر جي تڪرارن ۾ غيرجانبدار پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري پاڪستان کي اسٽرٽيجڪ، معاشي ۽ سياسي نقصانن کي منهن ڏيڻو پيو. ان پاليسي پاڪستان جي اسٽرٽيجڪ اهميت کي گهٽايو ۽ ان کي قابلِ اعتماد پارٽنر طور شڪ جي نظر سان ڏٺو ويو. تنهن ڪري اسلام آباد هاڻي پنهنجن عرب ساٿين سان نئون اعتماد بحال ڪرڻ چاهي ٿو.
ٻيو سبب
اسلام آباد جو وڌايل سيڪيورٽي ڪردار ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته مستقبل ۾ به اقتصادي مدد، تيل جي فراهمي، ۽ دفاعي پيداوار ۾ واڌ جاري رهي. گڏوگڏ گڏيل تحقيق ۽ هٿيارن جي ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به وڌندو.
ٽيون سبب
اسلام آباد حساب لڳايو آهي ته ان جا هي سيڪيورٽي قدم آمريڪا جي مفادن سان به هم آهنگ آهن. مثال طور، سعودي-پاڪستان معاهدو ۽ ISF ۾ پاڪستان جي شموليت ذريعي آمريڪا پنهنجي ڪجهه ذميدارين کي هڪ قابلِ اعتماد علائقائي ساٿي ڏانهن منتقل ڪري سگهندو. ان سان گڏ پاڪستان جو ڪردار آمريڪا-دوست سيڪيورٽي اسٽرڪچر کي مضبوط ڪندو.
بائيڊن انتظاميه سمجهندي هئي ته پاڪستان چين کي ترجيح ڏني آهي، پر ٽرمپ جي مثبت اشارن ۽ وچ اوڀر واري سيڪيورٽي اسٽرڪچر ۾ پاڪستان-آمريڪا مفادن جي ويجهڙائپ اسلام آباد کي فريم ورڪ واضح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
چوٿون سبب
پاڪستان کي هندستان جي وڌندڙ اثر بابت به ڳڻتي آهي. نئين دهلي جا عرب خليج ملڪن سان وڌندڙ لاڳاپا پاڪستان لاءِ خطرا سمجهيا وڃن ٿا. اسلام آباد چاهي ٿو ته وچ اوڀر جي سيڪيورٽي ڍانچي ۾ پنهنجو وڏو ڪردار برقرار رکي، ته جيئن نئين دهلي جو اثر گهٽائي سگهجي.
ممڪنه چيلينجز
اسلام آباد جو وڌايل ڪردار ڪيترن ئي پيچيده پرڏيهي پاليسي مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو:
1. خليجي ملڪن کي هڪ جهڙو سمجهڻ غلطي آهي
ڇهه GCC ملڪن جون پاليسيون هڪ جهڙيون نه آهن. ڪجهه ننڍا عرب ملڪ سعودي عرب جي وڌندڙ مرڪزيت بابت پريشان آهن. رياض سان گهڻي ويجهڙائپ ڪجهه ملڪن لاءِ منفي ثابت ٿي سگهي ٿي.
2. غيرجانبداري جي شبيهه متاثر ٿيندي
فعال سيڪيورٽي ڪردار اسلام آباد کي وچ واري ثالثي ڪردار کان پري ڪري سگهي ٿو، جيڪو پاڪستان قطر بحران دوران ادا ڪيو هو.
3. اسرائيل پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي پسند نه ڪندو
اهو ممڪن آهي ته اسرائيل هندستان سان وڌيڪ ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪري، جنهن سان نئين دهلي کي پاڪستان خلاف وڌيڪ جارحاڻي پوزيشن وٺڻ جا موقعا ملي سگهن ٿا.
4. ايران بابت پيچيدگيون
ايران هن وقت 1979 کان پوءِ سڀ کان ڪمزور پوزيشن تي آهي. سعودي-پاڪستان جو وڌايل دفاعي تعاون ايران جي ريجنل مفادن کي دٻائي سگهي ٿو، جنهن سان ايران جو ردعمل اسلام آباد لاءِ نوان چيلينجز پيدا ڪري سگهي ٿو.
5. داخلي فرقيواريت جا خدشا
وچ اوڀر واري منافقتي سياست ۾ گهڻي شموليت پاڪستان جي اندروني فرقيوار حساسيتن کي وري وڌائي سگهي ٿي.
پاڪستان کي هاڻي ڏاهپ سان فيصلو ڪرڻو پوندو: ڇا وچ اوڀر جي سيڪيورٽي تڪرارن ۾ گهرو ٿيڻ جو قيمت اُن کان گهٽ آهي، جيتري پري رهي اقتصادي طريقي سان لاڳاپا رکڻ جي قيمت هئي؟
ليکڪ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاملن جو تجزيه ڪار آهي.
X: @itskhurramabbas
(نوٽ هي مصمون 2 ڊسمبر تي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا، ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو