ليکڪ عبدالفتاح عباسي
موجودہ سياسي جوڙجڪ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ پي ٽي آء جو سياسي گرائونڊ ڪيترو مثبت ۽ اثر وارو رهندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان تحريڪ انصاف 2018ع کان 2022ع تقريبن پوڻا چار سال جيڪا حڪومت ڪئي، انهيءَ ۾ پي ٽي آء جي سربراهه عمران خان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا هيا. جن ۾ منهنجي حڪومت اچڻ سان ملڪ جي اندر روزگار ڏيئي نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون وينديون، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏنيون وينديون، ٻيو ته ٺهيو پر پرڏيهي ماڻهو به هن نئين پاڪستان ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندا، غريبن کي 50 لک گهر ٺاهي ڏنا ويندا، سستائپ ڪئي ويندي، ڪنهن سان به بجلي توڙي گيس جي بلن جي معاملي ۾ ڪا به رعايت ڪئي ويندي، ملڪ جي عوام مٿان بي انداز لڳايل ناجائز ٽيڪسيون ( غنڊه گرد ٽيڪس) جو خاتمو ڪيو ويندو، مهانگائي کي پاڙون ختم ڪيو ويندو ۽ اهڙي قسم جا بي انداز واعدا ڪيا ويا هئا پر پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان انهن واعدا مان هڪ واعدي جي وفا نه ڪئي ۽ پوڻا چار سال رڳو حوال ڪندي روز بروز پئٽرول، ڊيزل ۽ ٻين روزمره جي استعمال جي شين وارن قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو، پي ٽي آء جي حڪومت کان اڳ جيڪا سون تولي جي قيمت تقريبن 52 هزار کن هئي اڄ انهي سون تولي جي قيمت هڪ لک 34 ٽي سئو روپيا ٿي وئي آهي. پي ٽي آء پنهنجي گرفت عوام ۾ اصل کان ئي مضبوط نه ڪئي هئي. انهيءَ اهڙي آشيرواد تي هليو جنهن جو نتيجو بالآخر اهو ئي ٿيڻو هيو جيڪو ٿي رهيو آهي. عدم اعتماد آئين قانون ۾ هرهڪ اداري لاءِ لاڳو ٿيل آهي. ادارا استحڪام مضبوطي سگهاري انداز ۾ تڏهن هلي سگهن ٿا جڏهن اهي واقعي ڪنهن جي سهاري ۽ بي ساکي تي نه هجڻ. بظاهر ته پي ٽي آء جي سربراهه عمران خان هڪ خط پنهنجي خطاب ۾ ڪڍي جهولايو ۽ واويلا ڪئي آهي ته مون کي آمريڪا عدم اعتماد ۾ ناڪامي بعد به اک ۾ رکڻ يعني للڪاريو آهي، جيڪڏهن واقعي عمران خان کي آمريڪا زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيهاري ڇڏيو آهي ته پوءِ اهو خط پهرين ترجيح ۾ عمران خان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس ڏانهن رجوع ڪرڻ گهرجي ها پر هي شايد انهيءَ خوش فهمي هيو ته مون سان وڏي سرڪار آهي. انهيءَ کي اها خبر ئي ڪونهي ته سڀ کان وڏي طاقت قوت الله رب العالمين عزوجل وٽ آهي. جنهن کي صرف ۽ صرف انصاف پسند آهي، جنهن ذات پاڪ کي ظلم، زيادتي، ڏاڍ، جبر، انسانيت جي لتاڙ ڪڏهن به پسند ناهي، الله پاڪ ظالم کي وڏي ۽ ڊگهي رسي ڏيندو آهي، دنيا جي تاريخ ظالمن، جابرن، لٽيرن سان ڀري پئي آهي. وڏا وڏا آمر، ڊڪٽيٽر جابر ۽ ظالم آيا انهن پنهنجي ڏاڍ ۽ جبر ذريعي تڪبرانه انداز ۾ جيڪا لوٽمار شروع ڪئي. اها هڪ عليحده تلخ ڪهاڻي آهي. پي ٽي آء جي سربراهه عمران خان تبديلي ڪهڙي آندي ۽ نئين پاڪستان ۾ عوام کي ڪهڙو سک، اطمينان مليو اهو سمجهايو ۽ ٻڌايو وڃي ته عمران خان جي دور اقتدار ۾ ڪهڙي شيء پنهنجي درست صحيح رخ طور هلي پئي هجي. پي ٽي آء جي حڪومت ۾ روز روز نوان روزمره جي شين جي استعمال واري شين جا اگهه قيمتون ائين جاري رهيون جو روزانو مزدوري ڪندڙ پورهيت غريب ماڻهو انهيءَ ويچار ۾ مرڻ ۽ جيئن لڳو ته اڄ مان پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪيئن ٻه ويلا ماني کارائيندس. عمران خان لاءِ اڪثر تجزیہ نگارن جو چوڻ آهي ته هو خود دار نه پر جنوني قسم جو ماڻهو آهي. سندس کي دماغ ناهي پر هو رڳو پاڻ ئي پاڻ تي اعتماد ڪري ٻين کي ڪا به اهميت نه ڏيندو آهي. جنهن ڪري انهيءَ کان پراوا ته پراوا پر پنهنجا به منهن موڙي ڇڏي هليا ويا. هو دوستن جو دوست، يارن جو يار ناهي، انهيءَ کان رڳو جمائما خان يا ريحام خان رسيل ۽ ڪاوڙيل ناهن. پر انهيءَ کان سڄو ڏيهه انهيءَ ڪري ڪاوڙيل به آهي ته هو ڪرپشن جي بادشاهن کي عملي طرح لغام نه ڏيئي سگهيو، جيڪو پنهنجي 22 سالا سياسي تاريخ ۾ انصاف ۽ انصاف پسندي تي مبني ڳالهيون ڪندو رهيو اهو نسورو ٺلهو ۽ ڪوڙ تي مبني ڌوڪي جي ديوار مثل کوکلو بت محسوس ٿيڻ لڳو. انهيءَ پنهنجي سياسي تاريخ اهڙي ته ڀيانڪ خوف ڏياريندڙ بڻائي ڇڏي جو انھي جي پوڻا چار سالا تاريخ ۽ خاص ڪري وري ويندي ويندي جيڪا آمريڪا سرڪار سان ڦٽائڻ جي ڳالھ ڪري ويو ۽ پنهنجي سرڪار ۾ رولو وجهي ڇڏيائين، جنهن کان پوءِ اپوزيشن کان وڌيڪ انهيءَ سان اهي ماڻهو ناراض ٿيڻ لڳيس جن انهيءَ کي مهرو ڪري چڱو مڙس ڪري ويهاريو هيو. ڇاڪاڻ ته آمريڪا سان ڪهڙي به طاقت تڪڙو منهن نه موڙيندي رهي آهي پر هن ويندي ويندي ملڪ ۾ رولو وجهڻ جي نئين ٽرڪ سازش جوڙڻ جي ريهرسل پئي ڪئي جيڪا وڏي سرڪار کي ناگوار ۽ پسند نه آئي ۽ هو اپوزيشن جي گوڙ شور جو بظاهر مقابلو نه ڪري سگهيو. عمران خان ڀلي ڪيتريون به هاڻي اٽڪلون چالبازيون ڪري پر هو ناڪام ترين سياستدان ثابت ٿي ويو آهي. انهيءَ وٽ ماڻهن جو قدر نه هيو هو پنهنجي تڪبر، وڏائي ۽ گهمنڊ ۾ رهڻ لڳو انهيءَ کي جيڪڏهن واقعي ٿورو به احساس هجيس ها پنهنجي پارٽي جماعت جي ورڪرن ڪارڪنن جو ته هو اڳ ۾ پنهنجي ورڪرز، ڪارڪنن جو قدر ڪري ها. انهن جي ڏکن، سورن، اهنجن، تڪليفن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي پئي ها ۽ رڳو هڪ ڳالھ تي ڪنٽرول ڪري ها جنهن چوٽ چڙهيل مهانگائي پوري ملڪ جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. پر هي وڏي سرڪار جي آشيرواد ۾ ايترو ته گم رهيو جو پوئتي ڏٺائين نه ته ڇا وهي واپري ٿو. هي اهڙن صلاحڪارن جي رستي تي گامزن ٿيڻ لڳو جيڪي يس سر، او ڪي سر، حاضر ميان ٿيندا رهيا. جنهن ۾ فواد چوڌري، شيخ رشيد جهڙا فضول قسم جا ماڻهو شامل آهن. هن جي پي ٽي آء جماعت ۾ ڪهڙا نالا برجستا هئا هڪ اڌ مخدوم شاهه محمود قريشي، بابر اعوان نہ ته باقي ته ڪت خلق هئي، جيڪي الوٽ قسم جا دادا گير قسم جا ماڻهو هئا. جڏهن ته پ پ ۾ چوڌري اعتزاز احسن، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، قمر زمان ڪائره، فرحت الله بابر، سابق وزير اعظم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، سينيٽر رضا رباني، اهڙي طرح ئي وري نواز ليگ ۾ به شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجه سعد رفيق سميت ٻيا سياسي دماغ موجود آهن. پي ٽي آء پنهنجي پير تي تڏهن ڪهاڙو لڳايو جڏهن هن عدم اعتماد جي تحريڪ دوران 3 اپريل تي غير قانوني طريقه ڪار اپنايو ۽ آئين قانون جي لتاڙ ڪئي. هاڻي پي ٽي آء اپوزيشن جماعتن جو ڪيئن مقابلو ڪندي ڇاڪاڻ ته وڏي سرڪار جي هٿ ڪڍڻ کان پوءِ هي ۽ هن جي جماعت جا چڱا ڀلا ماڻهو استعفائون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ايتري قدر جو انهيءَ جا اتحادي ايم ڪيو ايمي وڪرو ٿيندڙ به ٻولي لڳائي سنڌ جي 40, سيڪڙو شيئر پاڻ وٺڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي 7 ايم اين ايز تحت سنڌ جو واڪ لڳايو ويو ۽ جيئن ٻولي لڳندي آهي تيئن ايم ڪيو ايم وارن سنڌ جي تقدير جي ٻولي لڳائي ۽ جمعيت علماء اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، متحده سربراهه خالد مقبول صديقي، ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي هٿ اکرن سان صحيحيون ڪري معاهدا ڪيا ويا ته سنڌ بگڙڻ حوالي ٿيندي جيڪا ڳالهه انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي. بهرحال ايندڙ وقت جيڪو سال ڏيڍ سال جو آهي جيستائين چونڊون ٿين تيستائين هي اپوزيشن جماعتون پنهنجي سهولت لاءِ اهڙو پيرا گراف جوڙينديون تيار ڪنديون جنهن ۾ پي ٽي آء هميشه لاءِ پاتال جو رخ اختيار ڪري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيهجي پوي ۽ هاڻي ته جيڪا تبديلي آڻيندڙ ڪوڙن واعدن تي ڪو اعتبار به نه ڪندو.
تنهن ڪري ائين سمجهو ته عمران خان جهڙي طرح پنهنجي خيالي دنيا ۾ رهي ڪري پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام سان ڪيل واعدن تي پورو نه لٿو ۽ مهانگائي جو مينهن برسات واهي ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ ملڪ جي هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن هن ڌوڪي جي ديوار کي هڪ ڌڪو ڏيڻ لاءِ شديد نفرت جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ اهي ڳالهيون خلق خدا جو آواز بڻجي ويون ۽ مٿين تائين پهچڻ بعد عمران نيازي منهن ڀر ڪريو ۽ ملڪ جي اڪثريتي عوام ۾ انتهائي خوشي جي لهر ڇانيل رهي. هاڻي اپوزيشن جماعتن جو به امتحان آهي ائين نه ٿئي ته اهي به پنهنجي اقتدار جي نشي ۾ اچڻ بعد فرعون بڻجي وڃن ۽ ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ڏتڙيل ستايل ۽ محرومين جي ور چڙهي ويل عوام کي وساري ويهن ۽ حق، سچ جو علم بلند ڪرڻ بجاءِ لوٽن ۽ لٽيرن جي حامي ڀري سنڌ کي يوم سوڳ جي نالي ۾ معاشي طرح بدحالي طرف ڌڪلڻ لاءِ ڪوششون جاري نه رکيون وڃن سنڌ جي وجود سان اسان جڙيل ۽ آباد آهيون. ڪانئر قسم جي سياسي يتيمن کي ڪڏهن به ايم ڪيو ايم لنڊن جهڙيون سرگرميون ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته انهن جي تاريخ ڀيانڪ ۽ رت ۾ ٻڏل رهي آهي. سياسي يتيم ماڻهو ڪنهن جا به دوست ناهن اهي مفاد پرست ماڻهو آهن انهن گذريل پي ٽي آء جي وفاقي حڪومت ۾ وفاقي حڪومت ۾ وزارتوں به ماڻيون ۽ وري بعد ۾ پلٽو کائي فيصل سبزواري عائشه منزل تي پنهنجا ماڻهو گڏ ڪري پنهنجو شو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ برابري ۽ سراسري جي بنياد تي عوام کي آباد رکڻ جا فيصلا ٿيندا آهن ته سنڌ واقعي محسوس ڪرڻ لڳندي ته اسان سان انصاف قانون مطابق رويو اختيار ڪيو پيو وڃي نه ته ٻه اکيائي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام برداشت نه ٿو ڪري سگهي. پر اها ڳالهه واضح ۽ چٽي ٿي وئي آهي ته ملڪ ۾ جيڪو به حڪمران عوام خلق خدا جي زبان ۽ عوام جي آواز پڙاڏي کي نظر انداز ڪندو انهي جي شڪست يقيني آهي#










