اياز خاصخيلي اسانجي ڌرتي المعروف صوفين جي سرزمين ۾ جيڪا پنج ھزار سالن کان به پراڻي تھذيب طور سڃاتي وڃي ٿي. جتي انسانيت سان پيار ڪندڙ مھا ماڻھن جو ھڪ اوترو ئي پراڻو تسلسل آھي جيترو سنڌ جي تھذيب. تاريخ گواھ آھي ته ھر دور ۾ انھي دور جي حالتن مطابق صوفي منش انسانيت سان پيار ڪندڙ ۽ محبت جو پيغام ونڊيدڙ شخصيتون جنم وٺنديون رھيون آھن ۽ انھن پنھنجي مخصوص انداز سان انسانيت، دين ڌرم ۽ امن امان جي پرچار ڪئي جنھن جا سڌي اڻ سڌي طرح اڄ به اثر موجود آھن.اڄ ڪلهه جيڏانھن ڏسو مسئلا ئي مسئلا آھن ڪٿي ماڻھو وڙھن پيا ته ڪٿي مرن پيا، ڪٿي ڦرجن پيا ته ڪٿي وري ڦرين پيا. ھڪ پاسي بيروزگاري وڌي ويئي آھي ته ٻي پاسي مھنگائي جو جن آپي کان ٻاھر آھي، ڪڏھن ڪڏھن رشتا لاجواب آھن ته ڪٿ ڪٿ رشتن کي رھڙيو پيو وڃي. امڙ، ادي,ڀائر، سوٽ، ماسات ۽ دوستي جي تعلقن کي ڄڻ ته باھ لڳي ويئي آھي. اخبارون پڙھو، ٽي وي ڏسو، سوشل ميڊيا جو چڪر لڳايو، ھر خبر جھڙوڪ ھارر خبر پئي لڳي، اعتبار ئي ڪونه ٿو اچي ته حضرت انسان جنھن کي سڄي مخلوق ۾ اشرف المخلوقات سڏيو ويو آھي اھو اھڙيون غير انساني ۽ غير مهذب حرڪتون به ڪري سگھي ٿو؟. جيڪڏھن انھن حرڪتن ، ورتائن ۽ انھن جي سببن جو پيڇو ڪريون ته انسان ۾ حيواني جبلتن وقت ء حالتن پٽاندڙ پنھنجي سرگرمين ۾ واڌ آڻيندي اڄ جي انساني روين تي غلبت آڻي ڇڏي آھي. جبلت ھڪ اھڙي انساني صلاحيت آھي جنھن ۾ سکيا ۽ تعليم ھجڻ ضروري ناھي اھا صلاحيت ڪنھن به انسان سان گڏوگڏ پيدا ٿيندي آھي. جبلت جو سفر انساني ارتقا کان وٺي ڪري اڄ ڏينھن تائين مختلف روپن ء رنگن ۾ سفر ڪندو اچي.. انسان ۾ موجود حيواني جبلتن جا رنگ ڏسي دنيا ۾ مضبوط ترين جذبا ڪنٽرول ڪري رکندڙ پيشي سرجري جا ڊاڪٽر به انھي بي حسي تي نه چاھيندي به لڙڪ لاڙي ويھندا آھن جنھن جا مثال ڪنڌ ڪوٽ واسڻ معصوم نينگري معصوم عليشا جي سرجري ڪندڙ چانڊڪا سرجن ۽ تازو ئي دادو ۾ رونما ٿيندڙ واقعي ۾ غير انساني جبلتن تحت حوث جو شڪار ٿيندڙ ٽي ساله نياڻي جو چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي آھي. ھي آھي ڊاڪٽر آھن جن پنھنجي ميڊيڪل ڪيرئير ۾ سوين ھزارين انسان جي چير ڦاڙ ڪئي ھوندي آھي ۽ مجال آھي جو ڪو لڙڪ لڙيا ھجي. ھي ته ڊاڪٽر آھن ، پر اھڙا غير انساني واقعا ڏسيو عام انسان ته ڪيترن ئي لمحن لاءِ مري ويندو آھي. جڏھن ڊاڪٽر ۽ عام انسان جي اھا حالت آھي ته ڪجھ لمحن لاءِ سوچيو ته انھن غير انساني جبلتن جي شڪار انسان جي رت جي رشتن جي ڪھڙي حالت ھوندي. ائين ڪونھي ڪو ته اھڙا واقعا ھاڻ پيا ٿين، اھي واقعا انساني ارتقا کان ئي مختلف نمونن سان رونما ٿين پيا پر انھن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ آئي آھي. گھڻو پوئتي ڪونه ٿا وڃون ليڪن گذريل ڪجھ سالن ۾ انھن غير انساني جبلتن جي ڪري ٿيندڙ غير انساني واقعن اسانجي سماج کي جھنجھوڙيو آھي، انسانيت کي جھنجھوڙيو آھي. اي پي ايس پشاور ۾ دھشتگردي ۾ شھيد ٿيندڙ معصومن وارو واقعو، گذريل سال لاھور موٽروي واقعو جنھن ۾ ٻارڙن جي سامھون سندن ماءُ جي عصمت پائمال ڪرڻ، اپريل ۾ ميرپور بٺورو اندر مست نوجوان جنھن کي نانگ ڏنگيندو رھيو ء دنيا ڏسندي رھڻ جو واقعو، جون 2020 تي ٽٺو ۾ محسن کتري نالي درويش صفت انسان سان پڙھيل لکيل نوجوانن جو غير انساني سلوڪ، نوشھرو فيروز جي علائقي محبت ديرو جتوئي جي حد ۾ 20 سالن جي نوجوان سيد عظيم شاھ کي سندس ئي زمين تي ڦاسي ڏيئي مارڻ بعد تيزاب ھاري لاش جي بيحرمتي ڪرڻ، جولائي ۾ سيوھڻ جي خالد نوحاڻي کي ڪارو ڪري بيدردي سان مارڻ، ڪي اين شاھ واسي پٽن پاران امڙ کي گوليون ھڻي ابدي ننڊ سمهارڻ ، قمبر ۾ ٽن نوجوانن پاران يتيم نياڻي سان گڏيل زيادتي ڪرڻ، مانجھند ڀرسان وزيران ڇڇر کي پٿر ھڻي بي دردي سان مارڻ جو واقعو، ھن سال جي شروع ٿيندي ئي پير ڳوٺ واقعو جنھن ۾ 8 ساله معصوم غريب نياڻي مونيڪا سان زيادتي ڪري ۽ بعد ۾ قتل ڪرڻ، اڄ انھن واقعن جا نقش ذھن تان لٿا ڪونه جو دادو جو واقعو پيش آيو جنھن ۾ ھي نوجوان اياز پنھور پنھنجي حوث کي غير انساني جبلت ۾ بگھڙ جو روپ ڌاريندي ٽن سالن جي نياڻي افشان کي ڏاڙھيو ء ماريو ء اھڙي طرح اھڙا واقعا تسلسل سان پوري پاڪستان ۾ ٿي رھيا آھن. سنڌ ته صوفين جي سرزمين اھي، پيار ونڊيندڙن جي ڌرتي۽ امن امان جي پرچار ڪندڙ معاشرو، پوئي به ھتي اھڙا واقعا وڌي رھيا آھن جنھن جو اصل ۾ اسان سنڌ جي رھواسين جو پري پري تائين تعلق ناھي.حقيقت اھا آھي ته اڄڪلھ انسان مان محسوس ڪرڻ واري سگھ گھٽ ٿيندي پئي وڃي جنھن سبب احساس لفظن ۾ آھي پر حقيقي وجود ۾ ناھي. جيڪڏھن انھن غير انساني يا حيواني جبلتن جي واڌ جي سببن جي پرک ڪجي ته کوڙ سارا عنصر سمجھ ۾ ايندا جن ۾ ڪجھ اندريان ء ڪجھ ٻاهريان آھن. ٻاھرين عنصرن کي ڏسجي ته اسان جو سماج، رھڻي ڪھڻي، ٽيڪنالاجي جو غيرضروري استعمال، عزت ذلت، معاشرتي گھٽ وڌائي، والدين جو اولاد کي گھٽ ٽائيم ڏين سان گڏ اڻپوري تربيت، ناانصافي، منجھيل عدالتي نظام، وقت تي انصاف نه ملڻ، سامراجي لٽڪيل تلوار، سڌي ء اڻ سڌي طرح غير ضروري ۽ غير اخلاقي مواد جي تشھير وغيره. جڏھن ته اندروني عنصرن ۾ ڪٽرپڻو، انا، مادي خواھشن ۾ بي پناھ اضافو، احساس برتري ، احساس ڪمتري، عدم برداشت جھڙا عمل شامل آھن. بلاشبه اسان وٽ قانوني نظام پيچيده آھي جنھن سبب جوابدار يا ته آزاد ٿيو وڃن يا وري ڪيس ھلي ھلي ڪمزور ٿيو وڃن. وقت تي صحي فيصلا نه ٿيڻ، سزائون نه ملڻ به ھڪ وجه آھي جيتوڻيڪ گذريل ڪجھ ڏينھن ۾ اھڙن واقعن جي واڌ سبب ڪافي قانون سازي ڪئي ويئي آھي پر ان جو لاڀ ڪڏھن ملندو اھو وقت ٻدائيندو، في الحال ڪنڌڪوٽ پوليس جي عليشا واقعي ۾ وقتي ڪاروائي جھڙن عملن کي ئي عوامي پذيرائي ملندي رھندي.ٻي طرف اھڙن انسانيت لڄائيندڙ واقعن کان بچڻ لاءِاسان سڀني کي ذميوار والدين ۽ شھري جو ثبوت ڏيڻو پوندو ء پنھنجي ٻارن جو پاڻ خيال ڪرڻو پوندو جئين اھي غير انساني جبلتن جو شڪار نہ ٿين. انھي جي لاءِ ھميشه پنھنجي ٻار جي سرگرمين تي نظر رکو، انھن جي دوستن سان مختلف موقعن تي ملندا رھو، غير ضروري خواھشن کي پورو ڪندي مھل انھن کان انھي خواھش جا سبب ،فائدا ء نقصان ضرور ڊسڪس ڪريو، پنھنجي ٻارن توڙي خاندان جي ماڻھن جو وقت ڏيو ء انھن کي مھيني پندرھين ڏينھن گھمائڻ ڦيرائڻ وٺي وڃو جئين غير ضروري خواھشون جنم نه وٺن. ٻارن کي مصروف رکڻ لاءِ غير نصابي سرگرمين ۾ سرگرم رکون. پنھنجي گھر کان ٻاھر ۽ آڙي پاڙي ۾ مشڪوڪ ماڻھن ۽ غير ذميوار سرگرمين تي گھري نظر رکو. ڪوشش ڪري پنھنجي گلي محلي ۽ ڳوٺن ۾ پڙھيل لکيل نوجوانن ء بزرگن جون ننڊيون ننڊيون ڪميٽيون ٺاھي ڪري ننڊيون ننڊيون سماجي سرگرميون ڪري ٻارن اھڙن واقعن ۽ ملوث ماڻھن جي باري سجاڳي ڏيو جئين اھي اڳتي ھلي ذميوار ٿي سگھي.سوشل ميڊيا تي سرگرم نوجوانن دوستن کي سڀ کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ اھڙين سماجي برائيوارين سرگرمين کي رڪارڊ تي آڻي ڪري انھن کي منتطقي انجام تائين پھچڻ تائين خاموش نه ٿي ويھن. انھن جو اھو سماجي ڪم اسانجي معاشري کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ٿي سگھي ٿو. باقي ڪم رياست ۽ قانوني ادارن جو آھي ته ملڪ ۾ رھندڙ ھر شھري کي مڪمل تحفظ ء آزادي سان رھڻ جو حق ڏنو وڃي. ayaz.khaskheli@gmail.com










