طفیل مگسی
يونان جي فلاسافر افلاطون واپاري طبقي ۽ خلائي مخلوقي طبقي جي حڪمراني وارن نقصانن بابت ڪيتريون ئي صديون اڳ پنهنجو موقف بيان ڪري ڇڏيو هو .افلاطون جيڪو هڪ مشھور يوناني فلاسافر هو.اٽڪل اڍائي هزار سال اڳ هي چيو هيائين ته جيڪڏھن معاشري جي ٻن طبقن يعني واپاري طبقي ۽ خلائي مخلوقي طبقي منجهان ڪو به هڪ ئي طبقو اڳتي وڌي ڪري حڪمراني تي قبضو ڪري ڇڏي يا قبضو ڪري وٺي ته رياست ۾ هر قسم جي تباهي ضرور ايندي.افلاطون جا خيال اڄ به نهايت ئي اهميت جي لائق آھن ۽ ان جي فلسفياڻي سوچ سياست.معشيت ۽ معاشرتي ڍانچي تي ڳوڙھو اثر وڌو آھي.
واپاري طبقو.
افلاطون واپاري طبقي جي حڪمراني وارن خطرن تي وڌ کان وڌ زور ڏنو هو.ڇاڪاڻ ته سندس جي بقول واپاري طبقا سڀ کان وڌيڪ پنهنجن ذاتي مفادن کي اوليت ڏيندا آھن يا ڏين ٿا.مقصد ته جڏھن واپاري حڪمراني ڪن ٿا ته انهن جي پهرين اوليت پنهنجي دولت ۽ ڪاروبار کي جائز يا ناجائز وڌائڻ ھوندي آھي ۽ ان قسم جي حڪمراني ۾ عوامي مفادن کي پٺي ڏني ويندي آھي ۽ رياست جو نظام دولت جي جهجائپ ڦرلٽ ۽ خود غرضي تي مشتمل هوندو آھي.نتيجي ۾ اڻبرابري وڌڻدي آھي.عوام ۾ اعتماد جو فقدان پيدا ٿيندو آھي ۽ معاشرتي ڇڙواڳي جنم وٺندي آھي.
خلائي مخلوقي طبقو.
افلاطون خلائي مخلوقي طبقي جي حڪمراني جا به نقصان بيان ڪيا آھن.هن جي مطابق خلائي حڪمران جنگ و جدل ۽ طاقت جي استعمال تي وڌ کان وڌ زور ڏين ٿا.جڏھن خلائي طبصو حڪمراني ڪري ٿو ته رياست ۾ ڏاڍ ۽ ڏھڪاء جو ماحول پيدا ٿيئي ٿو.ان ريت جي حڪمراني ۾ عوامي آزادين کي چٿيو ويندو آھي.جهموريت جو خاتمو ٿي ويندو آھي ۽ انساني حقن جي پائمالي ٿيندي آھي.خلائي حڪمراني جي نتيجي ۾ رياست ۾ خوف ۽ دهشت پکڙجي ٿي ۽ عوام جو حڪومت تي اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو.
افلاطون جي مثالي رياست.
افلاطون پنهنجي ڪتاب“جهموريا“( ) ۾ ھڪ مثالي رياست جو تصور پيش ڪيو هو.جنهن ۾ حڪمراني ڪرڻ واري طبقي کي فلسفي بادشاه
( )سڏيو ويندو آھي.ھن جي ويجهو فلسفي بادشاه اهو هوندو آھي.جيڪو عقل و ڏاهپ.اخلاقيات ۽ انصاف تي مشتمل فيصلا ڪندو آھي ۽ ۡو نه ته واپاري جيان دولت جي لالچ رکندو آھي ۽ نه ئي خلئي مخلوق جيان طاقت.فلسفي بادشاه عوامي مفاد کي اوليت ڏيندو آھي ۽ معاشرتي انصاف کي واڌارو ڏيئي ٿو.
موجوده دور جي حقيقت ۾.،.
افلاطون جي اها اڳڪٿي اڄ جي دور ۾َ به درست ثابت ٿي آھي.ڪيترن ئي ملڪن ۾ جتي واپاري طبقو يا خلائي طبقو حڪمراني ڪري رهيو آھي.اتي معاشرتي اڻبرابري.ندعنواني.ڏاڍ ۽ عوامي نهڙا مسئلا ڏسڻ جي لاء مليا آھن.انهن حالتن ۾ افلاطون جي خيالن جي روشني ۾ پاڪستان کي هيء سمجڻ جي ضرورت آھي ته حڪمراني جو اصل ۽ حقيقي مقصد عوامي خدمت ۽ انصاف جو قيام هئڻ گهرجي نه ته ذاتي مفادن جي حاصلات.
افلاطون جا لفظ اڄ به اسان جي لاء راه جي روشني آھن ۽ ان جو شعور۽ ڏات اسان کي اهوئي سيکاري ٿي ته حڪمراني جي لاء اهڙن فردن جي ضرورت آھي جيڪي عقل و ڏاهپ.انصاف و عوامي خدمت جي اصولن تي مشتمل هجن.جيستائين حڪمراني اهڙن اصولن تي مشتمل نه هوندي.تيستائين رياست ۾ حقيقي ترقي ۽ خوشحالي ممڪن ئي ناهي ۽ ڏٺو وڃي ته اها حقيقي ترقي ۽ خوشحالي گهٽ ۾َ گهٽ پاڪستان ۾ ٿيڻ نا ممڪن آھي.ڇوته هتي نه ته اڄ تائين ڪنهن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي پرواه رهي آهي ۽ نه ئي عوام جي خدمت جي ولوڙ رهي آھي بلڪ هتي ته هر حڪمران کي واري واري سان پنهنجي ڀڀ ڀرڻ جي عادت پئجي وئي آھي.جيڪا ڪڏھن ختم ٿيندي ان جي لاء ڪجه به چوڻ في الحال نا ممڪن آھي ؛؛؛










