لنڊن (ويب ڊيسڪ) واٽس ايپ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي ذريعي صارفين کي ايپ ۾ رنگ تبديل ڪرڻ جي سهوليت ڏني ويندي.ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ صارفين هن فيچر جي ذريعي چيٽ باڪس جو رنگ تبديل ڪري سگهندا ۽ چيٽ جي اسڪرين تي گهري سائي رنگ جي شيڊ جي چونڊ ڪري سگهندا. رپورٽ موجب ڪمپني هن فيچر کي متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان في الحال ڪنهن حتمي تاريخ جو اعلان نه ڪيو آهي.ياد رهي ته واٽس ايپ انتظاميه هن وقت مختلف نون ۽ دلچسپ فيچرز تي ڪم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان اهي رپورٽون ملي رهيون هيون ته واٽس ايپ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي ذريعي صارفين وائس ميسجز جي پلي بيڪ اسپيڊ کي تبديل ڪري سگهندا.










