وادي سنڌ جو عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ  شهيد نذير عباسي

وادي سنڌ جو عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ شهيد نذير عباسي

طفيل مگسي
پاڪستان جي سرزمين تي ظلم وستم ۽ ڏاڍ جي حاڪميت ۽ جهموريت تي راتاهي جو دستور مارشل لائن سان گڏ شروع ٿيو۔مگر گڏ ئي جهاد جي ريت به هلي پئي هئي ۽ پوء ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي ڳاٽ وڍيا ويا،جنهن منجهان هڪ خاص نانء هيو ڪامريڊ نذير عباسي جو به هو۔ڪيتريون ئي ڳچيون ڦاسيء جي فندن تي لڙڪيون رهيون ۽ ڪيترائي شهيد دفنايا ويا، مگر ضياء شاهيء جو دور ته اڳين شاهي دورن کي به مات ڏئي ويو۔ ۽ هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ شهيدن جو قافلو به مختصر نه رهيو هو،حق جو آواز اڳ کان وڌيڪ بلند ٿيو،مارچ تيز ٿيا،حق وارن جو انگ وڌيو ۽ همت ۽ حوصلو پڻ،تڏهن جبر جي دستورن ۾ وڌيڪ سختي ٿي۔زبان تي دستور جا ڳرا قلف هنيا ويا،قلم ٽوڙيا ويا،هٿ زنجيرن سان ٻڌا ويا،پر آواز ۽ لفظ ختم نٿي سگهيا۔ٿي به نٿي سگهيا هئا۔نيٺ اها ويهين صديء جي آخري گهڙي هئي۔اڄ ڪنهن پرڳڻي ۾ به عوام کي هزارين سال پوئتي ته ڦٽو نٿو ڪري سگهجي۔سو بندق۔توپن جي گجگوڙ جي باوجود آواز بلند ٿيندا رهيا،قلم هلندو رهيو،دارورسن جو داستان لکبو رهيو ۽ نئين سوچ جا جگنو پابندين جون پوکون اورانگهي ڪري ماڻهن جي وسندين ۾ لهندا ويا حق جو ڪلمو چوڻ وارن جا انداز الڳ الڳ رهيا،حق گهرڻ وارن ۽ حق پڪارڻ وارا هڪ بي نانء تحريڪ بڻجي ويا۔ان تحريڪ ۾ ڪٿي مزدور هئا،ڪٿي دانشور هئا،ڪٿي عورتون هيون،ڪٿي ڪارڪن،الڳ الڳ مورچا،ڪٿي سرعام ته ڪٿي انڊرگرائونڊ،انهن مرد مجاهدن ۾ هڪ نذير عباسي به هو۔هن ملڪ جو رهواسي ۽ هن ئي جنم ڀومي واديء سنڌ جو ارڏو ۽ اڏول پٽ۔جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ بڻجي چڪو هو۔هن جي هستي هن جي شهادت کان اڳ هڪ ليجنڊ ٿي چڪي هئي ۽ هو مسلسل جابر حاڪم جي سامهون حق واري ڪلمي سان ويڙھ وڙهي رهيو هو۔
امريڪي سامراجيت جو ڊالري غلام ضياء الحق جنهن80 جي ڏهائي ۾ پاڪستان کي ڪميونسٽن جي لاء ٻيو انڊونيشا بنائڻ جو اعلان ڪيو هو۔اهوئي انڊونيشيا جتي 60جي ڏهائي ۾ غير ڪميونسٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪميونسٽ پارٽي کي چٿڻ جي لاء امريڪي ڊالر جي بدلي جنرل سهارتو نالي فاشسٽ درندي پندرهن لکن کان وڌيڪ ڪميونسٽن کي تباھ وبرباد ڪيو هو۔
اهوئي ضياء الحق جهن 1976ء ۾ اردن ۾ صيهوني سامراج جي خلاف جنگ جوٽيندڙ فلسطيني حريت پسندن جي رت سان پنهنجا هٿ رنڱيا هئا،جنهن جي بدولت ان وقت جي صيهوني وزيراعظم ميري گولڊ سندس مردانگي جي عيوض انعامن و اڪرامن سان کيس کي نوازيو هو۔
انهيء80 جي ڏهائي جي تاريخ جي شروعات وارو دور وڏو ڏڦيڙ وارو دور هو۔ويٽنام،لائوس ۽ ڪمپوڊيا کان وٺي ڪري ايٿوپيا،گني بسائو ۽ انگولا تائين سوشلسٽ انقلاب ۽ قومي آزادي جون سامراج مخالف تحريڪون ڪامياب ٿي چڪيون هيون۔هڪ پاسي ڏکڻ يمن ۾ سوشلزم جو پرچم ڦڙڪي رهيو هو ته ٻيئي پاسي افغانستان جو ثور انقلاب،ظاهر شاهن ۽ دائود خانن کي تاريخ جي ڪچري ۾ ڦٽو ڪري چڪو هو۔ايران جي ڪميونسٽ پارٽي حزب توده ۽ فدائيان خلق جي شاندار انقلابي جدوجهد جي پاچي ۾ امريڪي سامراجيت جو اهم مهرو،شاھ ايران،به پنهنجي انجام تي پهچي چڪو هو.
جيتوڻيڪ ايراني ڪميونسٽ انقلاب پنهنجي منزل کي نه حاصل ڪري سگهيو ۽ فاشسٽ خميني رجيم اقتدار تي قابض ٿي چڪي هئي۔ليڪن۔ايشيا کان افريقا ۽ ڏکڻ امريڪا تائين هڪ انقلابي فضا قائم هئي۔هڪ پاسي ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندڙ ڪميونسٽ بلاڪ هو،ته ٻيئي پاسي سڄي دنيا جا غلام پنهنجيون زنجيرون ٽوڙڻڻ ۾ مصروف هئا۔
پاڪستان جي سرحدن وٽ در کڙڪائيندڙ ڪميونزم جو اهوئي ”ڀوت“هو۔جنهن ضياء الحق جي آقائن جون ننڊون ڃرام ڪري چڏيون هيون ۽ ڪامريڊ ببرڪ ڪارمل جي قيادت ۾ سوشلسٽ افغانستان،علائقي جي محنت ڪش عوام ۽ مظلوم قومن جي لاء هڪ نئين صبڃ جي خوشخبري بڻجي چڪو هو۔افغانستان ۾ سامراجي مداخلت جي لاء ضياء پاڪستان کي هڪ اهڙي اڏي ۾ تبديل ڪري چڏيو،جنهن جو اڳ ۾ ڪو مثال نٿو ملي۔ضياء الحق ،مغربي آقائن کي اهو يقين ڏياري رهيو هو ته هو پاڪستان ۾ ڪميونسٽن کي”پيهين ڪري سرمو بڻائي چڏيندو“مڱر هو هن ڳالھ کان اڻڄاڻ هو ته ڪميونسٽ ديومالائي پکي”ققنس“ڄيان هوندا آهن،جيڪي باھ ۾ سڙڪي ڪري پنهنجي ئي خاڪ کان وري ٻيهر جنم وٺندا آهن۔ڪميونسٽ پارٽي کي ته سندس ورديء وارو ايوب خان به ختم نه ڪري سگهيو هو۔اهوئي ايوب خان جيڪو ضياء جيان امريڪا جو غلام هو۔
پاڪستان جي اميرالمونين بنجڻ جي شوقين ضيا الحق جي ڏوهن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي۔هو هڪ چونڊيل جهموريت جو تختو اونڌو ڪري،وزيراعظم ڀٽو کي ڪوڙي عدالتي قتل جي وسيلي هٽائي ڪري پاڻ اقتدار تي قابض ٿيو۔هن هر جهموري صدا کي چٿيو،سماج ۾ سيڪيولر ۽ ترقي پسند قدرن کي مثايو ۽ مذهبي جنونيت جي وحشيت ناڪ شڪلين جي تخليق جو شيطاني اوزار ثابت ٿيو۔
سياسي ڪارڪنن،صحافين ۽ دانشورن کي قيد و بند،سرعام ڪوڙا،فوجي عدالتون۔ڦاسيون،اهوئي هو ضياء جو پاڪستان جنهن ۾ حميد بلوچ۔اياز سمون،عبدالرزاق جهرنو،ادريس طوطي جهڙا بيشمار مزاحمت ڪار،کلندا ڳائيندا ڦاسين جي ڦندن کي چمندا امر بڻجي ويا۔ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد خان جي مذهبي جنونين جي هٿان شهادت۔جهڙا واقعا ظلم جي ان ڪاري رات جون يادگارون آهن۔جيڪي ضياء نالي وحشي درندي قائم ڪري رکيون هيون۔
ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان خاص طور تي ضيائي مارشل لا جي نشاني تي هئي۔1978ء ۾ پارٽي سيڪريٽري ڄام ساقي کي گرفتار ڪري ٽارچر سيل ۾ پهچايو ويو۔ضياء جون ڳجهيون ايجنسيون پارٽي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي ڳولا۾ بي آرام هيون۔جنهن ۾ اوليت وارو نانء ڪامريڊ نذير عباسي جو هو۔
پارٽي جو سڀ کان ننڍي عمر وارو،مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر،سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس جو اڳواڻ ۽ هڪ زبردست نوجوان انقلابي انسانيت پسند،جيڪو سنڌ ۾ محنت ڪشن جي جدوجهد جي دوران قيد و بند کان وٺي ڪري بلوچستان جي هارين جي طبقاتي جدوجهد ”پٽ فيڊر تحريڪ“ ۾ حصو وٺندي ڪوئٽا جي قلي ڪيمپ جي چهن مهينن جي قيد به اکان تي رکي قبول ڪئي۔
هاء ڪورٽ ۾ درخواس کان پوء جڏهن هن کي آزاد ڪيو ويو ته خبردار ڪيو ويو ته پنهنجيون سرگرميون چڏي ڏيئي نه ته قتل ڪيو ويندو۔آزاديء کانپوء به هو ايجنسين جي نڪ جي هيٺان پنهنجيون سرگرميون جاري رکيون۔
اهو30 جولائي1980ء جو ڏينهن هو،جڏهن ڪامريڊ نذير عباسي کي ٻين ساٿين پروفيسر جمال نقوي۔ڪمال وارثي۔سهيل سنگي۔شبير شر،امر لال۔بدر ابڙو سميت ڪرچي کان گرفتار ڪري ماڙي پور انويسٽي گيشن سينٽر پهچايو ويو۔اهو ٽارچر سيل جنهن جو ان وقت انچارج ليفيننٽ امتياز بلا هو۔
نذير عباسي کي ڪنهن عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو يعني اهو هڪ جبري گم ڪرڻ جو ساڳيوئي سلسلو هو،جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ حسن ناصر سان 1960ء ۾ شروع ٿيو هو،جڏهن ان کي عدالت کان مٿاهون قتل ڪري لاش به غائب ڪيو ويو هو۔برطانوي سامراج ڀڳت سنگھ ۽ سورهيه بادشاه جهڙن وطن پرست انقلابين جا لاش غائب ڪندو هو۔مگر ان جي پٺو آمرن ته زنده انسانن جي جبري لاپتائن ۽ عدالت کان مٿاهن قتلن کي معمول بڻائي چڏيو هو۔جنهن جون ڀيناڪ شڪليون شڪليون اڄ به بلوچستان۔سنڌ ۽ پختونخواه ۾ ڏسي سگهجن ٿيون۔
ڪامريڊ نذير عباسيىء امتياز بلا جي ٽارچرسيل ۾ 9 آگسٽ 1980ء يعني نون ڏينهن تائين فوجي بوٽن جي چهنب تي گهاريا۔هن تي اهي انسانيت سوز تشدد ۽ هٿڪنڊا آزمايا ويا۔جن جي نتيجي ۾ 9آگسٽ 1980ء۾ هو شهيد ٿي ويو۔امتياز بلا هن کي پارٽي کان غداري تي مجبور به نه ڪري سگهيو۔
چيو وڃي ٿو ته هو نذير عباسي جو نانء به نه ڄاڻي سگهيو هو،چوته گرفتاري جي وقت هو”مشتاق“ جي ڪوڊ سان روپوش هو۔تشدد جي وقت بار بار هن کان پچيو ويو ته هو نذير عباسي آهي ته هن چيو:”ها،مان مشتاق ناهيان ،نذير عباسي آهيان،ليڪن هاڻي مون کان ٻيهر پچي ڏس!“۔
اهو هيو سنڌ جو اهو ڪميونسٽ پٽ،جنهن سڄي دناا جي محنت جشن جي انقلابي آدرش تي ثابي قدمي سان هلندو،سوشلسٽ انقلاب جا خواب اکين ۾ سجايون،افغانستان جي سوشلسٽ انقلاب سان دوستي جو عملي مظاهرو ڪيو ۽ دارورسن جي آزمائشن تي پورو لٿو۔
هو سنڌ جي پهرين سوشلسٽ صوفي شاھ عنايت شهيد،هيمون ڪالاڻي شهيد،سورهيه بادشاھ شهيد ۽ فاشسٽ ايوب خان کي للڪارڻ واري ڪامريڊ حسن ناصر شهيد جي روايت جو وارث هو۔هو جرمني جي نازي عفريت هٽلر،اسپين جي فاشسٽ جنرل فرانڪو،انڊونيشيا جي ڪاسائي جنرل سوهارتو،چلي جي فسطائي درندي جنرل پنوشي ۽ بوليويا جي فوجي آمر جنرل باربن توس جي قتل گاهن ، ڪميونزم جي پاسداري رکڻ وارن جيولس فيوچڪ،رالف فاڪس،ڪرسٽوفر ڪارڊويل،تان ملاڪا،وڪٽر چارا ۽ چي گويرا جهڙن مزاحمت ڪارن ۽ انقلابي سورمن جو تسلسل هو ۽ ان جي ابقلابي ميراث جي هيو، جنهن بهادري سان موت کي منهن ڏنو۔
ٽنڊوالهيار جي هڪ محنت ڪش گهراڻي ۾ جن، وٺڻ وارو اهو نوجوان،محنت مزدوري ڪري تعليم حاصل ڪرڻ وارو،مارڪس،يانگلز،لينن ۽ اسٽالن جي انقلابي تعليمات کان متاثر ٿي ڪري طبقاتي جدوجهد جو علمبردار بنجڻ وارو نوجوان جنهن جو لاش به وارثن جي حوالي نه ڪيو ويو ۽ هن کي گمنام قرار ڏئي ڪري عبدالستار ايڌي جي وسيلي ڪراچي جي سخي حسن قبرستان ۾ خاموشي سان دفن ڪيو ويو۔جيتوڻيڪ ڪيترائي ساٿي کيس چڏي ويا،مگر پوء سندس آدرش اڄ زنده و سلامت آهي۔
مون کي يقين آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي تاريخ وري پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي جنهن جي پاداش ۾ اهو ڳاڙهو وڨت ضرور ايندو جيڪو نذير عباسي جو آدرش ۽ خواب هو،بقول شهيد نذير عباسي جي ته:
زندگي منهنجي گيت آهي،
موت منهجي جدوجهد جو سڏ!

پهنجو تبصرو موڪليو