هن معاشري ۾ شريف انسان جو جيئڻ جنجال ڇو آهي؟

هن معاشري ۾ شريف انسان جو جيئڻ جنجال ڇو آهي؟

ليکڪ   اعجاز علي سوڍر

انسان جون طبيعتون ٻن قسمن جون ٿين ٿيون. انهن منجھان هڪ قابل مدح ۽ ٻيون قابل مذمت هونديون آهن. انسان پاڻ ڀلي ڪهڙي به ڪردار ۽ طبيعت جو رهي پر ٻين جي باري ۾ مدح واري طبيعت ئي چاهيندو آهي. پاڻ پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ڀلي ڪيتروبه ڪِريل ڇو نه هجي پر چاهيندو آهي ته ٻيا سندس گڻ ڳائيندا وتن. پاڻ ڪِريل ڪردار جو مالڪ به هوندو ته به چاهيندو ته سندس اولاد بهتر ۽ سُٺي طبيعت وارو هجي. ڇاڪاڻ ته انساني فطرت سٺي طبيعت کي ئي چاهيندڙ ۽ عزت جي نگاھه سان ڏسندي آهي. ڪنهن ظالم وڏيري، ڪنهن راشي آفيسر، ڪنهن ڪُڌي ڪردار واري ڀوتار، ڪنهن وحشي ماڻهو ۽ ڪنهن ڏاڍي ظالم کي سندس منهن تي جيڪا عزت ڏني ويندي آهي اها عزت نه بلڪه اهو خوف ئي هوندو آهي جيڪو ٻئي کي مجبور ڪندو آهي ته اگر هن جي شَر کان بچڻ چاهين ٿو ته سندس منهن تي سندس تعريف ڪر، سندس تعظيم ڪر ۽ سندس عزت ڪر. حالانڪه ايترو احترام ڪرڻ وقت به سندس ضمير مطمئن نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري سندس دل جي چاهت ان ۾ شامل هوندي آهي، هو نه چاهيندو آهي ته اهڙي گھٽيا قسم جي انسان کي ايتري عزت ۽ احترام بخشجي. بس اهو خوف ئي کيس عزت ڏيڻ تي مجبور ڪندو آهي. ان جي برعڪس جيڪو شخص سُٺي ڪردار، سُٺي طبيعت، سُٺي سوچ، ٻين جي لاءِ دل ۾همدردي، رحمدلي، احساس، ٻين سان ڀلائي ڪرڻ، ٻين کي خوشي ڏيڻ ۽ عمده اخلاق جو مالڪ هوندو آهي ته بلا تمييز ته هو امير آهي يا غريب، وڏو آفيسر آهي يا بي روزگار، وڏيرو آهي يا مسڪين، زميندار آهي يا هاري، وڏو ڊيلر آهي يا ريڙهي هلائڻ وارو ۽ ڪروڙ پتي آهي يا پنهنجي روزي روٽي وارو آهي، ان ماڻهوءَ کي سڀڪو دل جي گھرائيءَ سان عزت ۽ احترام ڏيندو آهي. اهڙي ماڻهوءَ جو سٺو عمل ۽ ڪردار ٻين کي مجبور ڪندو آهي ته هو دل سان سندس عزت ۽ احترام ڪن. دنيا جي شروعات کان وٺي هينئر تائين سُٺي طبيعت واري ماڻهوءَ کي سڀڪو چاهيندو رهيو آهي. اڄ ڪلھه وري معاملو ڪافي الٽو ٿي ويو آهي. ٻين لاءِ دل ۾ احساس رکڻ وارو انسان به پئسي دولت جي اڳيان جُھڪي مفاد خاطر ئي ٻين جي مدد ڪري ٿو. ان ۾ به ماڻهوءَ جي پنهنجي لالچ ۽ حرص شامل هوندو آهي. عزت ۽ احترام سان زندگي گھارڻ وارو اگر گھڻي پئسي ۽ طاقت وارو هوندو آهي ته به کيس کائنس وڌيڪ پئسي ۽ طاقت وارو بي سُڪون ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهي ٿو. غريب اگر عزت ۽ احترام سان جيئڻ چاهي ته به سندس مٽ مائٽ کيس عزت سان جيئڻ نه ڏيندا آهن. کيس هر طرح سان ذهني پريشانين ۾ مبتلا رکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهندا، سندس پَير ڪڍڻ جي پُٺيان هٿ ڌوئي نه بلڪه پورا وهنجي سهنجي ٺهي سنبري ڪَڍ پوندا. شريف طبيعت واري انسان کي شرافت سان جيئڻ لاءِ به تمام گھڻين پريشانين منجھان گذرڻو پوندو آهي. ڏنگي ۽ شرير ماڻهوءَ کان اڪثر ماڻهو لنوائيندا آهن ۽ ساڻس کونس ڪرڻ کان ڊڄندا آهن. جنهن ڪري چوندو آهيان ته ادا هر گھر ۽ هر خاندان جي اندر هڪ ڏنگي ماڻهوءَ جو هجڻ ضروري آهي، ورنه شريف کي اسان جو معاشرو عزت سان جيئڻ ڪونه ڏيندو آهي. انهيءَ ڪري اگر خاندان ۾ ڪو هڪ ڏنگو ماڻهو هوندو ته ان جي بدولت ٻين جي شَر کان اهو خاندان ڪنهن حد تائين محفوظ هوندو. اسان جي معاشري ۾ شرافت سان جيئڻ هڪ جنجال بڻجي وڃي ٿو. شريف طبيعت انسان کي سندس مارا به گھڻا ملن ٿا، کيس لُٽڻ، ڦرڻ، دغا، فريب ۽ ڌوکي سان ستايو وڃي ٿو.

شريف طبع انسان خوف خدا دل ۾ رکي ٻين جي سهائتا لاءِ تيار رهندو آهي پر کيس سندس اڪثر جڳهن تان موٽ ۾ مايوسي ئي ملندي آهي. جيئن چوندا آهن ته “اصل کي نقل کائي ويو” جيان اگر هو سچيءَ دل سان ڪنهن جي ڪابه مدد ڪندو آهي ته مدد حاصل ڪرڻ وارو به وقت اچڻ تي چوندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مفاد خاطر ئي اسان جي ڪم آيو يا وري موٽ ۾ اهي ئي مددگار جا مخالف ٿي بيهن ٿا يا اگر کيس پنهنجي سهڪار ڪرڻ واري کي ڪو ڌوکو ڏيڻ جو موقعو ملي ته هو انهيءَ موقعي جو ڀرپور فائدو وٺندو آهي ۽ کائنس پنهجي محسن جا سڀ احسان وسري ويندا آهن. مطلب ته جيڪو عزت ڀريو انسان آهي ان جا مخالف به گھڻا ٿيندا آهن. اگر ڪو شريف نفس ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي، ٻئي ڪنهن کي نه ڏئي ۽ نه ئي وري ڏکائي ته به سندس ايئن رهڻ ماڻهن جي هنياوَن تي تَؤنر هوندو، کيس ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ الجھائڻ يا ڪنهن فساد ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ها جيڪو ڏاڍن ۽ شرير ماڻهن جي چمچاگيري ڪري، انهن جي چاپلوسي ڪري، انهن جي هيٺاهين ڪري ۽ انهن جي اڳيان هٿ ٻَڌي سائين سائين ڪري اهو ئي شر کان محفوظ رهندو آهي. شريف ماڻهوءَ جي دل ۽ ضمير اهو گوارو ڪڏهن به نه ڪندو آهي ته هو ڪنهن اهڙي جي چاپلوسي ڪري يا ڪنهن اهڙي جي هيٺاهين ڪري. سندس ضمير کيس ايئن ڪرڻ کان بار بار روڪيندو رهندو آهي. هو ٻئي جي سنهي ڪندو ته پنهنجي مامَ ۾ مَري پَوندو. سندس ضمير کيس موت پُڄاڻان به سُڪون سان رهڻ ڪونه ڏيندو. شريف ماڻهو شرافت کي ئي پنهنجو دين ايمان ۽ ڌرم سمجھندو آهي. هو پنهنجي عزت نفس کي ئي پنهنجي ڪُل پُونجي سمجھندو آهي، هو جيئندو ئي انهيءَ شرافت جي سَهاري آهي. جنهن ڏينهن سندس شرافت کسجي وئي يا عزت کي داغ لڳو ته اهو ڏينهن سندس آخري ٿيندو آهي، هو موت کان اڳ مَري پَوندو آهي ۽ پوءِ هو زندھه لاش مثل هوندو آهي. اڄ اسان جي معاشري ۾ شريف ماڻهو رِڍ جيان آهن، جن کي لوڀي لومڙيون هر وقت تاڙي هيسائي رکن ٿيون. شريف ماڻهوءَ کي هر طرف کان فريبي ماڻهو ڦرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. هو ڪنهن شر کان بچڻ لاءِ اگر ڪا قرباني ڏئي خاموش رهي ٿو ته کيس ٺڳڻ وارو اهو سوچي پيو خوش ٿيندو آهي ته هن کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي ۽ آءٌ کيس ڌوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، حالانڪه هو سندس فريب کان چڱيءَ ريت واقف هوندو آهي پر ڪنهن جي خاطر يا پنهنجي عزت نفس جي ڪري خاموش رهي ٿو. aijazsodhar58@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو