هاڻي ته مهانگائي صفا ساه ٿي ڪڍي آخر ڪنهن در دانهن ڏيون

محمد خالد ميمڻ
هڪ سال اڳ پي ٽي آئي جي حڪومت خلاف ملڪ جي تقريبن سڀني پارٽين گڏجي هڪ اتحاد پي ڊي ايم جي نالي سان ٺاهي حڪومت طرفان ڪيل مهانگائي خلاف اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو اهم رول رهيو ۽ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ سنڌ کان اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪيو جنهن کي نالو ئي مهانگائي مارچ جو ڏنو ويو هيو ۽ ائين لانگ مارچ سان گڏوگڏ روزانه جلسا ۽ جلوس پڻ ڪڍيا ويا ۽ انهن سڀني جلسن جلوسن ۾ هڪ ئي نقطو کنيو ويو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آھي ان ڪري ملڪ ۽ ملڪ جي عوام کي خطرو آهي ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي وڃي ته جيئن اسان سڀ پارٽيون گڏجي ملڪ کي خطرن مان ٻاهر ڪڍون ۽ مهانگائي ختم ڪري عوام کي سک سان رهايون ۽ انهن جلسن جلوسن مهانگائي مارچ کان بعد عمران خان جي حڪومت خلاف قومي اسيمبلي ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي ان جي حڪومت ختم ڪئي ۽ پي ڊي ايم پنهنجي حڪومت ٺاهي ورتي ته عوام کي ان حڪومت مان اها اميد هئي ته هي حڪومت ملڪ مان مهانگائي سميت ٻيا سڀ مسئلا حل ڪري اسان عوام کي سک سان رهڻ جو موقعو فراهم ڪندي ڇوته هنن جلسن جلوسن ۾ اهي ئي ڳالهيون ڪيون هيون پر عوام جي بدقسمتي چئجي يان هن پي ڊي ايم سرڪار جي پلاننگ چئجي جو هنن اچڻ سان ئي مهانگائي جي اسڪيليٽر تي پير ايترو ته زور سان رکيو جو هڪ سال جي اندر مهانگائي وڃي آسمان سان لڳي آهي اگر شيون ٿوريون گهڻيون مهانگيون ٿين هان ته به خير هيو ڇوته مهانگائي دنيا جي هر ملڪ ۾ ٿئي پئي پر هتي ته مهانگائي جو ريشو تمام گهڻو ٿيڻ سبب هاڻي مهانگائي صفا ساه ٿي ڪڍي مهانگائي سبب خرچ چوٽ چڙهي ويا آهن ۽ آمدني اها ساڳي جي ساڳي آهي بلڪه پيٽرول گيس ۽ ٽيڪس وڌڻ ڪري ڪيتريون ئي فيڪٽريون ڪارخانه بند ٿيڻ سبب بيروزگاري ٿيڻ ڪري آمدني اڳ کان به گهٽجي وئي آھي ۽ اسان جا موجوده حڪمران جن مهانگائي جا الزام هڻي عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي انهن وري ايتري مهانگائي ڪرڻ جو ذميوار به عمران خان کي ڄاڻائين ٿا جڏهن ته عمران خان جي حڪومت ۾ پيٽرول 140 روپيا لٽر هيو ۽ هنن جي حڪومت ۾ 280 تائين پهتو آهي ۽ اڃان به وڌائڻ جو چون پيا اٽو ان وقت 40 کان 60 روپيا ڪلو هيو ۽ هاڻي 140 کان به مٿي ڪلو ٿي ويو آهي عمران جي دور حڪومت ۾ ڊالر 140 کان 160 تائين هيو ۽ هاڻي 270 کان به مٿي ٿي ويو آهي ۽ اڃان به وڌڻ جا آثار ڏسڻ ۾ اچن پيا ۽ تازو قومي اسيمبلي جي هڪ اجلاس ۾ ڪورم پورو نه هجڻ باوجود وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊالر مني بجيٽ پيش ڪندي 170 ارب روپين کان به مٿي ٽيڪس هڻي ڇڏيا جنهن جي ڪري تقريبن ضرورت واريون سڀ شيون ايتريون ته مهانگيون ٿي ويون آهن جو هاڻي غريب مسڪين عوام جي لاء سٺو کاڌو کائڻ رهڻ لاء گهر ۽ اچڻ وڃڻ گهمڻ ڦرڻ ڄڻ ته هڪ خواب بڻجي ويو آهي ۽ مهانگائي سبب بيروزگاري ۾ اضافو ٿيڻ ڪري چورين ڦرن ڌاڙن ۾ اضافي سميت نفسياتي بيمارين ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي ۽ ان ڪري روزانه خودڪشين جا واقعا به وڌي ويا آهن جڏهن ته پاڪستاني ڪرنسي جي ويليو گهٽ ٿيڻ ڪري مقدس مقامات جهڙوڪ سعودي عرب ايران عراق ڪربلا جا پيڪيج پڻ مهانگا ٿي ويا آهن جنهن ڪري هاڻي مقدس اسلامي ملڪن جي جڳهين جو ديدار ڪرڻ به ڄڻ ڏکيو ٿي ويو آهي مطلب ته مهانگائيء هر طرف کان عوام کي گهيري سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي پر سياستدانن کي عوام جو ڪوبه فڪر ناهي اهي هڪٻئي خلاف بيان بازي ڪرڻ کان نه ٿا مڙن کين عوام جي تڪليفن دردن جو ڪوبه فڪر ناهي هنن کي رڳو پنهنجي ڪرسي جو فڪر آهي ته اها نه کسجي وڃي ان ڪري هنن جو روز جهيڙو لڳو پيو آهي ۽ ٻئي پاسي عوام مهانگائي سميت ٻين مسئلن جي چڪي ۾ اٽي وانگر پيسجي رهيو آهي ۽ عوام انهن بنيادي مسئلن جي هوندي به گهرن کان ٻاهر نڪري احتجاج به ان جي ئي ڪري نه ٿو ڪري جو هنن سڀني سياستدانن سڀني پارٽين کي آزمائي ڏٺو آهي ته اهي صرف عوام کي استعمال ڪري ڪرسي حاصل ڪري پنهنجا مفاد پورا ڪن ٿا ڪنهن کي به ڪرسي ملڻ بعد عوام ۽ عوام جا مسئلا ياد نه ٿا رهن ۽ پاڪستان ٺھڻ کان 75 سالن تائين هر حڪمران هر دفعي ساڳي ڳالھ دهرائيندو ٿو اچي ته عوام قرباني ڏئي ۽ ائين 75 سالن تائين سياستدانن عوام کان قربانيون وٺي انهن جا گهر خالي ڪري پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ اهو سلسلو رڪيو ناهي بلڪه هلي رهيو آهي ان ڪري هاڻي عوام جو آسرو الله پاڪ ۾ آهي ته ان طرفان ڪو مسيحا اچي جيڪو اسان جي اهڙن عوام دشمن حڪمرانن مان جان آجي ڪرائي ۽ عوام جي لاء فلاح بهبود ترقي لاء ڪي اپاء وٺي ته جيئن پاڪستان جو غريب مسڪين عوام ڪو سک جو ساه کڻي#

پهنجو تبصرو موڪليو