تحرير زوار حسين شاهه
نيٺ اهو ئي ٿيو جيڪيو اڪثر ٿيندو ، اليڪشن ٿي ۽ سرپرائيز پڻ آيو ،سينٽ چيئرمين اليڪشن ٿي گذري جنهن ۾ صادق سنجراڻي 11 جمعاتن جي اتحادي اميدوار کي عبرت ناڪ شڪست ڏيئي ثابت ڪيو ته پاڪستان م ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ، جنهن بعد چيئرمين صادق سنجراڻي حلف کڻي ورتو جڏهن ته پي ڊي ايم پاران بار بار احتجاج ٿيندو رهيو ، پرزائيڊنگ آفيسر اعلان ڪري ڇڏيو پولنگ بوٿ مٿان ڪيتريون ئي ننڊيون ننڊيون ڪيئمرائون لڳيل هيون اهڙي انڪشاف بعد اپوزيشن واويله شروع ڪري ڏني احتجاج ٿيا سوشل ميڊيا تي به وٺ سٺ ٿي ، صادق سنجراڻي کان فوري سينٽر شپ جي عهدي تان دستبرداري لاء چيو ويو سوال ته اهو به ته پوء هي اليڪشن ڪميشن جي به وڏي ناڪامي نظر اچي رهي آهي جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان پهريان ئي اليڪشن ڪميشن مٿان تنقيد ڪندي چيو ته هي اليڪشن صاف شفاف ناهي ٿي هن ۾ سينٽرس کي خريد ڪرڻ سان گڏ انهن جون پارٽي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاء دٻاء وجهندا رهيا پر منهنجي ذاتي نظر ۾ اليڪشن مشڪوڪ آهي ، سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن بي ضمير ماڻهن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ڪروڙين رويپا وصول ڪري پنهنجو ضمير وڪرو ڪيو آهي هي پهرئين مرته ناهي ، پهريان به جڏهن به اليڪشن ٿي اهڙا الزام هڪ ٻئي مٿان عائد لڳندا رهيا آهن ، مان عرض ڪندس ته پاڪستان جو آئين موجود آهي جنهن تحت چونڊيل نمائينده حلف به کڻن ٿا قسم به کڻن ٿا ته پوء اداره انهن خلاف ايڪشن ڇو نه ٿا کڻن اهڙي صورت حال به جيڪڏهن ڪو بزنس مين آهي ته هو ڪنهن سياسي پارٽي کي ڪروڙين روپيا ڏيئي هو آرام سان سينيٽر به ٿي سگهي ٿو ته قومي صوبائي اسيملي جو ميمبر به ٿي سگهي ٿو ، اسان جا اداره هن وقت سياسي ٿي چڪا آهن هر اداري اندر جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته اڪثر سياسي پارٽي سان ئي انهن آفيسرن جو تعلق آهي پوء ڪرپٽ ماڻهن خلاف ايڪشن ڪيئن ٿيندو ، اهرا ڊراما اسان پهريان به ڏسندا رهيا آهيون ، جڏهن ته مان اڪثر اهو ڏٺو ته جيڪو به اميمبر کٽي ايوان م پهچي ٿو ، انهن کي هڪ هوٽل ۾ بند ڪري ، يا هڪ ئي گاڏي ۾ وجهي ووٽ حاصل ڪرڻ لاء ايوان ۾ پهچائين ٿا انهن کي پنهنجي ڪامياب ٿيل نمائندن تي به اعتبار ئي ناهي ، پاڪستان جي دستور جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته خاص طور جيڪي ڪنهن به اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي حلف کڻي خدا پاڪ کي حاضر سمجهندي پاڪستان سان وفاداري جو قسم کڻن ان سان گڏ ملڪ دشمن خلاف ڪنهن به سازش ۾ شامل نه ٿيڻ ، سچ ڳالهائڻ ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ ، عوام جي خدمت ڪرڻ ، دستور پاڪستان جو دفاع ڪرڻ ، ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ، پنهنجي عهدي سان سڄو رهڻ ، ان سان گڏ ڪيترائي اهم نقطا آهن جن تي هر حال م آئين سان وفادار رهڻو آهي پر انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه ته خاص طور پاڪستان اندر جيتري ٺڳي چونڊيل نمائندا خواه هو سينيٽ جو هجي ، قومي يا صوبائي اسيمبلين جو هجي انهن هر قدم تي عوام جي رت کي چوسيو آهي جيڪا حقيقت آهي پر دستور پاڪستان آئين قانون جي عزت احترام ڪرڻ لاء انهن مٿان به ساڳيو ئي قانون آئين لاڳو ٿئي ٿو ، پر حيرت انگيز ڳالهه ته غريب جيڪو پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاء چوري ڪري ته ان کي پوليس ٽنگي لاڪب ڪندي اهڙي ته ايف آئي آر ڪٽي ويندي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ ان چور کي ڪجهه سال ته جيل ۾ رهڻو پوندو ان غريب لاء ڪا به عدالتي به رعايت نه هوندي ان لاء مان عرض ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن خلاف پڪا ثبوت گواه شاهد موجود هوندا ته پوء لازمي ان کي عدالت سڳوريون اهڙي ئي سزا ڏينديون پر پاڪستان ۾ ڇا پيو ٿئي ان تي ڪافي ڪجهه مان تبصرو به ڪندس بي نڪاب به ڪندس ته عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي ، هن وقت تائين جيڪڏهن مان اليڪشن ڪميشن جي ڳالهه ڪيان ته پهريان به جيڪو به اليڪشن ۾ ٿيندو رهيو آهي اهو به اسان جي اڳيان آهي برحال هن وقت جي صورت حال سوشل ميڊيا لائيو پئي ڏيکاري ، جنهن تي اسان کي فخر آهي مان سمجهان ٿو ته هي جديد کان جديد دور آهي ڪنهن جي ننڊي وڏي ڪوتاهي به نه ٿي لڪي ، صحافت جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙن جا دڪان به سوشل ميڊيا بلڪل بند ڪري ڇڏيا آهن ، پر هن وقت به بي ضمير ماڻهن آئين جي بار بار تذليل ڪندڙ ماڻهن اهي سياستدان جن کي عدالتن سزائون ڏنيو جيڪي نااهل ٿيا هاڻ اهو ئي چيئرمين سينٽ جي سيٽ تي مقابلو ڪري رهيو آهي جڏهن ته رياست پاڪستان جي ڪنهن اداري به ان کي نااهل قرار نه ڏنو جتي ضمير جو سودو ووٽ جو سودو چند روپين تي ٿئي اتي ان مان ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي ته هو پاڪستان جي لاء بهتر سوچيندا يا پاڪستاني عوام جي قسمت تبديل ڪندا ، هي پاڪستان ٺاهيو به غريبن هو جوتا به غرب پيا کائين بي انصافي به غريبن سان پئي ٿئي ، چيئرمين سينٽ اليڪشن جي چند گهڙيون اڳ وڏو اسيڪينڊل اڳيان اچي ٿو ته پولنگ بوٿ تي ڪيتيون ئي مائيڪرو ڪيئمرائون لڳل آهن جڏهن راز افشان ٿيو ته به سياستدان سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانل ميڊيا اڳيان صرف ڏند ڪڍي بي حيائي جو کلندا رهيا حسب دستور هڪ ٻئي مٿان الزام هڻندا رهيا ، پر انهن کي شرم نه آيو ته سڄي دنيا ۾ هي لائيو پروگرام ٿي رهيا آهن اسان وٽ ڇا ٿي رهيو آهي ، اسان جا چونڊيل نمائنده اڪثر ڪوڙ ڳالهائين ٿا ، ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوء وري ووٽر ڏانهن ڏسن به نه ٿا اهڙي صورت هال ۾ به وري مونکي اهو تعجب ٿئي پيو ته جڏهن اليڪشن بلدياتي هجي يا ڪا ٻي دهل وڄندو پوء دوسو ڪيئن مڙي ، جهمرين جا سٽڪا ، واٺن جا نعره ، ۽ اهو جنهن کي چونڊيل ميمبر سلام به نه ڪندو ڪنهن ڊبل ڪيبن ، پيجاري م، پهرئين سيٽ تي وٺي هٿ هٿ ۾ ملائي لوڏ سان ڪنهن پنڊال ما ن ايندو پوء ان لوسي جو قردار ڏسو جيڪو سدائين لٽجندو رهيو آهي هاڻ به جيڪا هي اليڪشن ٿي يا جيڪا سينيٽرس جي اليڪشن تي لٽ مار ٺڳي جاري رهي ، ۽ نيٺ ڪامياب ٿيندڙ حيران ڪن نتيجا ڏنا بس هڪ دعا ته بس مالڪ هن ملڪ مٿان عوام مٿان ڪا خاص ٻاجهه ڪري رحم ڪر جيئن بس انهن لٽيرن کي به عوام مٿان رحم اچي باقي ڇا ڇا لکجي ، بس الله سائين قلم جو هٿ ۾ ڏنو آهي ته سچ لکون سچ ڳالهايون جيڪو فرض آهي ، برحال مان سمجهان ٿو ته ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري ٿي سگهي ٿو ، برحال ڪپتان جي جيت آهي ۽ هڪ مرتبه ڪپتان ٻيهر اهو ثابت ڪيو آهي ته مان ملڪ جي سياست کي سمجهي ويو آهيان ته ڪيئن ڪامياب ٿيڻو آهي ، جيڪڏهن هاڻ اڃان به پي ڊي ايم کي سمجهه ۾ نه آئي آهي ته اهو سمجهي وڃن ، برحال مان سمجهان ٿو ته نيب هاڻ وڌيڪ ايڪشن ٿي سگهي ٿي










