مٿان جو حڪم يا نمبر گيم !

مٿان جو حڪم يا نمبر گيم !

غلام حسين لغاري
سنڌ جا اتريان علائقا بشمول دادو پاڪستان ٺهڻ بعد به خوشحالي ۽ ترقي کان محروم رهيا آهن ۽ هي علائقا سدائين طاقتور سياسي قوتن، وڏيرن، ڪامورن ۽ وفاق جي ظلم سبب استحصال جو شڪار رهيا آهن.جڏهن به برساتون پون طوفان لڳن يا ٻوڏون اچن ته گهڻو ڪري هنن علائقن جي ماڻهن ئي لوڙيو آهي ۽ انجو فائدو طاقتور سياسي قوتن، وڏيرن ۽ ڪامورن ورتو آهي.
سنڌ ۾ بجلي پاڻي ۽ گئس جا بحران، تلخيون، ذياتيون به ڪي پراڻيون ناهن پر ويجهڙائي کان وفاق جي هڪ طرفي رويي ۽ ذيادتين ڪري سنڌ جو هر ماڻهو ذهني توڙي مالي طور ايذائجي چڪو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو اذيتي لمحو دادو واسين کي تڏهن ڏسڻ وٽان مليو، جڏهن عيد کان ٻه ٽي ڏينهن هڪ طوفان آيو جنهن کي ميڊيا پنهنجي نوعيت جو خوفناڪ طوفان سڏيو. طوفان گهڻو ڪو نقصان ته نه ڪيو البته بجلي مين ٽرانسميشن لائين جا هڪ اڌ ٿنبا ڪريا ۽ فوري طور اترين علائقن بشمول لاڙڪاڻي دادو جي بجلي بند ٿي وئي.بجلي ڇا بند ٿي هڪ قسم جو قهر نازل ٿيو.چون ٿا ته جڏهن سيپڪو جي بجلي جو نظام معطل ٿيو ته لاڙڪاڻي ۾ انوقت ڪا قومي اهميت جي سياسي شخصيت عيد جي موقعي تي اتي ترسيل هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي کي بجلي جي فراهمي يقيني بنائڻي هئي، تنهن ڪري سيپڪو انتظاميه دادو جي بجلي منقطع ڪري لاڙڪاڻي ڏانهن منتقل ڪري دادو ميهڙ خيرپوناٿن شاهه جوهي سميت آسپاس وارا سمورا علائقا مڪمل طور اونداهي طرف ڌڪي ڇڏيا ۽ شهر ۾ قيامت وارو منظر نظر آيو.
بجلي بند ٿي ته پاڻي جي سپلاءِ بند ٿي،گئس وارن به گئس بند ڪري ڇڏي ته متان متاثرين جنريٽر هلائين تنهنڪري طوفان کان وڌيڪ عوامي ضرورتن جو وڏو بحران پکڙجي ويو، جنهن تي دادو جي هڪ رٽائرڊ استاد ۽ سماجي اڳواڻ محمد بخش ڪورائي جي اڳواڻي ۾ شهري روڊ رستن تي نڪري آيا، عيد جي ڀلاري رات ايس ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. مظاهرين جو مطالبو هو ته ڊي سي دادو ۽ سيپڪو جا ڪامورا ڌرڻي ۾ پهچن، ساڻن ڳالهيون ڪن، وضاحت ڪن، پر اهي خوف وٽان ٻرن مان ٻاهر نه نڪتا البته دادو واسي نوجوان اسسٽنٽ ڪمشنر ميراڻي صاحب مظاهرين وٽ پهتو جنهن مظاهرين جي سامهون فون تي سيپڪو عملدارن سان ڳالهايو جتان جواب مليو ته کين مٿان جو حڪم آهي، جنهنڪري دادو جي بجلي لاڙڪاڻي واسين کي منتقل ٿي آهي، جيئن ئي ٿنبن جو ڪم مڪمل ٿيندو ته دادو جي شهرين کي بجلي جي فراهمي ڪئي ويندي.ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ به شهرين ڌرڻا هنيا پر پوءِ به ڪجهه نه وريو.
مٿان ڪنهن جو حڪم مليو، انجي ڪا به وضاحت نه ڪئي وئي ته واپڊا جي ڪنهن وزير حڪم ڏنو يا وري لاڙڪاڻي ۾ ترسيل سياسي سرڪاري شخصيت جو حڪم هو.جيڪڏهن ڪنهن جو به حڪم هو ته سکر، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ٻيا ڀرپاسي وارا علائقا ڇڏي هروڀرو دادو ضلعي جي بجلي ڪهڙي آڌار تي لاڙڪاڻي منتقل ڪئي وئي.ڇا اهو انصاف هو؟ اها ته سنئون سڌو دادو واسين لاءِ ٻه اکيائي جو جيئرو جاڳندو ثبوت هو. اسسٽنٽ ڪمشنر دادو صاحب پنهنجي وسنئون نه گهٽايو. بجلي ته بحال ٿي پر اها به نه هجڻ برابر جو هر ڏهن منٽن بعد بند ٿيندي رهي ۽ اهڙي اکٻوٽ جو سلسلو عيد جي ٻئي ٽئين ڏينهن تائين به جاري رهيو.دادو جي اميرن ۽ ڪامورن لاءِ ايڪسپريس فيڊر ٺاهيل آهي، جيڪو اهڙي طبقي جي ماڻهن ۽ صارفين کي چوويهه ڪلاڪ بجلي فراهم ڪري ٿو، پر عام ماڻهو لاءِ نه.تنهنڪري اهو طبقو عيد ڏهاڙي پوري ريت مطئمن رهيا آرام سان عيد ڪيائون ۽ ستل رهيا جڏهن ته عام ماڻهو دادو ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه ۾ سخت گرمي ۾ نعرا هڻندا رڙيون ڪندا رهيا.
قيامت خيز گرمي ۽ بجلي جي اهڙي پنهنجي وقت جو سنگين بحران ڏسندي وڏي انگ ۾ رهواسي مجبور ٿي نجي گاڏيون ڪرائي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن مٽن مائٽن ڏانهن عيد ملهائڻ لاءِ هليا ويا.اسپتالن ۾ مريض تڙپندا رهيا.ڇا ملڪ جو آئين ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو ته ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا نمبر ٺاهڻ لاء هڪ شهر جي بجلي بند ڪري ٻئي شهر کي منتقل ڪري شهرين کي وڏي عذاب ۾ وڌو وڃي؟.هن مسئلي جو عدالتي نوٽيس وٺي ۽ تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ ملوث سيپڪو ڪامورن جو ظالماڻو احتساب ٿيڻ گهرجي. هن ڳالهه جي جاچ ڪرڻ گهرجي ته مٿان ڪنهن حڪم جاري ڪيو ته دادو شهر جي بجلي لاڙڪاڻي منتقل ڪئي وڃي.ڪير به سياسي ماڻهو اهڙو حڪم ڏئي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته انهن جي بنگلن تي بجلي جون ايڪسپريس لائينون ۽ جنريٽر لڳل آهن.جنهن به ڏنو هوندو تنهن لاڙڪاڻي جي بجلي جي بحالي لاءِ ئي زور ڀريو هوندو نه ٻئي شهر جي بجلي جي منتقلي لاءِ. افسوس جو مقام اهو به آهي جو دادو جا شهري بحراني ڪيفيت ۽ عذاب ۾ هئا پر ڪو به عوامي چونڊيل نمائندو شهرين جي ڌرڻي ۾ نه پهتو نه وري ڪو بروقت بيان جاري ڪيو.
هي ته طوفان ۽ ٿنبن ڪرڻ جو هڪ بهانو هو، پر دادو سميت اتر سنڌ جا سمورا ننڍا وڏا شهر سالن کان سيپڪو ۽ حيسڪو جي عتاب ۾ رهندا پيا اچن، جتي هنن ادارن جا ڪامورا هٿ وٺي هر ماهه اربين روپين جي بجلي چوري ڪرائين ٿا، جنهن جو بار وري عام بيوس صارفين تي ڳرن ڊڊڪشن بلن وسيلي وڌو وڃي ٿو.صارفين خود بجلي چوري نٿا ڪن پر کانئن هٿ وٺي ڪرائي وڃي ٿي.جيڪي صارفين بجلي چوري نٿا ڪن ۽ واپڊا ڪامورن جي آنڪي نٿا ڀرين تن جا يونٽ وڌائي ۽ ڊڊڪشنون هڻي وڏا بل ڀرايا وڃن ٿا.حيسڪو توڙي سيپڪو نجي ملازم رکي ڇڏيا آهن جن کان اهڙا ڪم ڪرايا وڃن ٿا.نتيجو اهو ٿو نڪري ته غير ضروري ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪري عوام لاء مسئلا پئدا ڪيا وڃن ٿا.اهو ڏهاڙو خالي ناهي جو حيسڪو سيپڪو انتظاميه خلاف احتجاج نه ٿيندا هجن.في گهر پنجن کان ڏهه هزار ۽ في ڪارخانو ۽ هوٽلن کان لکن ۾ ڀتو وصول ڪيو وڃي ٿو پوء به بجلي وقت سر مهيا نٿي ٿئي.وفاق هر سال بجلي جي مد ۾ اربين رپيا نقصان جي صورت ۾ ڀري ٿي.
سنڌ جي شهري علائقن ۾ سالن جا پراڻا سڙيل ٽرانسفارمر لڳل آهن جيڪي هر ٻئي ٽئين ڏينهن ڌماڪا ڏئي سڙن ٿا، جنهنڪري به اتي بجلي هفتن جا هفتا ۽ مهينن جا مهينا بند رهي ٿي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو هڪ ته ڪاروبار ٺپ رهي ٿو، بيروزگاري ۾ اضافو ٿئي ٿو پر ان سان گڏ پيرسن بيمار ماڻهو معصوم تازا ڄاول ٻار سخت گرمي ۾ تڙپن ٿا مرن ٿا پر سيپڪو حيسڪو وارن جي مٿي تي جون به نٿي چري.اها ان ڪري به نٿي چري جو انهن جا سربراهه، بورڊ آف ڊئريڪٽرز جا ميمبر سمورا سياسي چهرا آهن ڪڏهن به نه چاهيندا ته سنڌ جو ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي.جيڪڏهن سک جو ساهه کڻندا ته وري اهي مقرر ڪيل ميمبر پاڻ بيروزگار ٿيندا تنهنڪري اهي به مٿين جي حڪم جا پابند رهن ٿا.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي خوشحال ۽ عوام کي مايوسين کان ٻاهر ڪڍڻو آهي ته پوءِ بجلي جا اگهه گهٽايو ۽ لڳايل سمورا غير ضروري ٽئڪس ختم ڪريو جنهن سان بجلي چوري جو رجحان پاڻمرادو ختم ٿي ويندو.لوڊشيڊنگ جو مڪمل طور خاتمو اچڻ سان ملڪ جا ڪارخانا فيڪٽريون ۽ ڪاروبار وسيع ٿيندو،ٻاهريون ناڻو ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو