موجودهه سياست جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

موجودهه سياست جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟

لکندڙ : محمد اظهر رند

2018ع ۾ تحريڪ انصاف جي گڏيل حڪومت نئي سرڪار کي چار سال ٿي ويا آهن نئي ووٽنگ ۾ هڪ سال جو مدو باقي آهي هن وقت اپوزيشن جون وزيراعظم عمران خان کي هٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون اپوزيشن جي عوامي لانگ مارچ جي پڄاڻي کانپوءِ پي ڊي ايم جي گڏيل حڪمت عملي سان عدم اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ کانپوءِ حڪومت به سياسي پريشاني کي منهن ڏي رهي آهي هن ته وفاقي وزير شيخ رشيد سميت شاهه محمود قريشي سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ وزيراعظم کي مشورو ڏي رهيا آهن ته هن سياسي هلچل کي بند ڪرڻ لاءِ هڪ ئي رستو گورنر راڄ ئي آهي جتان اقتدار جي ڪرسي جو بچاءُ ٿي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته آسلام آباد ۾ قائم ٿيل سنڌ هائوس ۾ حڪومت جا ناراض قومي اسيمبلي جا ميمبر ترسيل واريون مقامي ميڊيا ته خبرون گردش کانپوءِ وزيراعظم عمران خان انهن ڳالهه جو نوٽيس وٺندي انهن باغي گروپ خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم ڏنو ڪالهه سنڌ هائوس ته جهڙي ريت حڪومتي عهديدار ۽ عملي ان سنڌ هائوس جو در کي لتون لٺيون هڻي در کي ڀڃي ڇڏيو جهانگير ترين جا ساٿاري راجه رياض اها دعواع ڪئي ته 24 ميمبر جو تعداد آهي جيڪو عمران خان کان ناراض آهي ٻئي طرف سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان اڪثريت ووٽ کڻندڙ تنظيم ايم ڪيو ايم به پ پ سان هٿ ملائي ڇڏيو آهي هن نئين سياسي ڊوڙ ۾ ڪاميابي ڪنهن کي ملندي ۽ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪري سگهندا ان جو فيصلو 28 مارچ جي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ذريعي خبر پوندي وجهڙائي تاريخ ۾ گورنر راڄ بلوچستان ۾ 2013 ع ان وقت جي ملڪي صدر آصف علي زرداري ان صوبائي حيثيت ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو هو جيڪو آئين جي آرٽيڪل 234 جي تحت لڳايو ويو جنهن جي وجهه ان وقت ڪوئيٽه ۾ شعيه مظاهرين جو ڌرڻو لڳل هو جيڪو هڪ ئي برادري  جي ٻن خودڪشن حملن ۾ 100 کان مٿي ماڻهون مارجي ويا هئا  هن کان اڳ پنجاب ۾ به گذريل صدر آصف علي زرداري 2009 ع ۾ گورنر راڄ قائم ڪيو هو جنهن ته وزيراعلي جي عهدي ته شهباز شريف کي نااهل ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيڻ واري ڪشدگيءَ واري صورتحال کان بچائڻ لاءِ اهڙو قدم کينو جنهن جا انتظامن جا اختيار گورنر سلمان تاثر کي منتقل ڪيا ويا آئين جي هن ملڪ قانون ۾ ڏهين باب جي ٻن شقن اهڙيون آهن جيڪي صوبي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪري سگهجي ٿو ان ۾ آرٽيڪل 232  ۽ 234 شامل آهن سدائين جنهن جي حڪومت هوندي آهي اهي پنهنجو اقتدار کي بچائڻ لاءِ هارس ٽريڊنگ ڪري ميمبرن کي خريد ڪيو ويندو آهي پر هتي ڳالهه ان جي ابتڙ آهي هاڻي سنڌ هائوس ۾ موجود ميمبرن مٿان اهي الزام آهن ته انهن کي اپوزيشن سربراهن ايم اين اي کي خريد ڪرڻ لاءِ 25 ڪروڙن روپين ۾ خريد ڪرڻ جون خبرون گرديش ڪري رهيون آهن انهن سان موجودهه وفاقي سرڪار کي 75 سيڪڙو گهرڀيڙو جا امڪان ٿي ويا آهن ان ڪري وفاقي سرڪار جي ڪابينا ۾ به بيچيني پکڙيل ڏسڻ وٽان آهن هن صورتحال ۾ جيڪڏهن هي وفاق جي سرڪار ٽٽي ٿي ۽ اهي تجزيا نگار جو چوڻ آهي ته نئون وزيراعظم مسلم ليگ ن جو وزيراعظم منتخب ٿيندو ان جو فيصلو قومي اسيمبلي جا ميمبر ڪندا ته هاڻي ڪهڙي پاسي ٿا ووٽ ڪن هن ملڪ جي عوام کان سروي ڪئي وئي آهي ته اهڙو وزيراعظم سليڪڊ ٿي جيڪو عوام جي امنگن ته پورو لهي ان سان ئي ملڪ بهتري جي رستي ته اچي سگهندو. azharrind1@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو