محمد اسماعيل لانگاھ
روڊن جي ناقص نظام ۽ انجي انتظامي نگراني لاء لاڳاپيل کاتن جي لاپرواهي سبب جيترا حادثا سنڌ ۾ ٿيا آھن شايد ڪٿي به نه ٿيا هوندا, عام روڊن کان ويندي وڏين شاهراهون تي ٽرانسپورٽ لاء قانون نه هئڻ ڪري نيشنل هاء وي جهڙا رستا به مسافرن لاء ڄڻ موت جو ڄار وڇايل هجن دنيا جي پوئتي پيل ملڪن ۾ به روڊن جو نظام ٽرئفڪ لاء پرسڪون ٺاهيو ويندو آهي پر هتي جا رستا هروقت موت جو خوف ڏيارين ٿا جنهن ۾ سڄي ذميواري سرڪار تي ئي عائد ٿئي ٿي جيڪا هڪ ته وڏين شاهراهن تي مقرر موٽر وي پوليس يا ٽرئفڪ پوليس انتظاميه کي فرض شناس نٿي بڻائي جيڪي چند ڏوڪڙن عيوض ٽرئفڪ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪاروائي نٿي ڪري جيڪي پنهنجن لاپرواهين سبب مسافرن کي موت جي منهن ۾ اڇلائين ٿا ۽ انھن ۾ پ پ حڪومت جي سنڌ ۾ روڊن جي حوالي سان ڪابه بهتر رٿا بندي ,نظام ۽ ڪارڪردگي ڪٿي به نظر نه پئي اچي جنهن جو سبب آهي هرروز ٿيندڙ خوفناڪ روڊن جا حادثا آھن, سنڌ ۾ ننڍن ڳوٺن جا روڊ هجن يا شهرن جو شاهراهون جيڪي هن وقت انسانن لاء موت جي ڪوڙڪي مثل بڻيل آهن جتي مسافرن جو سفر ڪرڻ سمجھ زندگي تان هٿ کڻڻ آ, ننڍن ڳوٺن ۽ ٻھراڙي سنڌ ۾ روڊن کي ته نٿو ٺاهيو وڃي جو انهن روڊن تي آمدرفت گهٽ ھُجي ٿي ۽ انهن روٽن جي ٽرانسپورٽ توڙي مسافر ڏُکين سُکين حالتن ۾ سفر ڪري وڃن ٿا پر نيشنل هاويز رستا ڪرپشن سبب ڇو نه ٿا مڪمل ڪيا وڃن آخر ان جا سبب ڇو نٿا ظاهر ڪيا وڃن يا انهن هاء ويز کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ وڏي ٽرانسپورٽ لاء متبادل رستن جو نظام ڇو نٿو ڪڍيو وڃي جي نٿو ڪڍيو وڃي ته انهن جي وڏين گاڏين جي اچ وڃ لاء انتظاميه سميت ٻيون ذميواريون ڇو نٿيون ادا ڪيون وڃن جيڪي نااهلي جي صورت ۾ انسانن لاء موت بڻجي رهيون آهن شهرن جي وڏن شاهراهن کي ايتري رولڙي ۾ ڇو ٿو وڌو وڃي آخر ان جا سبب ڪهڙا آهن ورهين جا ورهين روڊن کي مرمت جي آڙ ۾ رلايو ٿو وڃي دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان پوئتي پيل ملڪن جي نظام کان به اسانجو ٽرئفڪ نظام ايترو ناڪاره ڇو بڻايو ويو آهي جو ايمرجنسي حالتن ۽ حادثن ۾ مرندڙ معصوم انساني زندگين جون ميتون کڻڻ لاء ڪو عملو يا ايمبولينس عين ٽائم ميسر نٿي ٿي سگهي
تازو اهڙو حولناڪ حادثو نوابشاھ دوڙ روڊ تي ٻن مسافر ڪوچن جي آمهون سامهون ٽڪر سبب اٺ ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي ماڻھون سيريس ٿيا فوتين جي لاشن کي حڪومتي انتظاميه نه پر آس پاس جي ماڻھن کڻي اسپتالن تائين پهچايو ايڏين وڏين شاهراهن تي تيز رفتار مسافر ڪوچن جو آمهون سامهون روٽ ايئن کڻي سمجهجي ته موت جي منهن ۾َ سفر ڪرڻو آهي هڪ ته ڊرائيور حضرات ٽائم جا پابند هوندا آهن ته مقرر ٿيل وقت تي ڪنهن به صورت پهچڻو آهي پوء هو مسافرن کي موت جي منهن ۾ اڇلائين ٿا ۽ دوڙ حادثو به انجي ڪڙي آهي ڀلا جيڪڏھن ڊرائيورن کان ڪوتاهيون ٿين ٿيون ته سرڪار وٽ ايمرجنسي ۾ ڪهڙا انتظام ٿيل آهن جتي اسپتالن ۾ ڊاڪٽر نه هجي جتي مريضن کي کڻڻ لاء ايمبولينس نه ملي عين ٽائم سرڪار جو ڪوبه ماڻھون موجود نه هجي ڇا انکي حڪومتي ذميواري چئجي
۽ اصولي طرح سنڌ ۾ نيشنل هاء وي اٿارٽي جون ڪي به ذميواريون نه هئڻ ڪري هرنئين ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان ڀيانڪ روڊ حادثن جون خبرون ڏسندي ٻڌندي ئي هانءُ ڏري ۽ جُهري ٿو پوي ترقي پذير ملڪن جي نظام کان متعارف اسان جا حڪمران پنهنجي ادارن ۽ کاتن جي ڪارڪردگين کي آخر ڪڏھن بهتر بنائيندا جو خاص طور روڊن جي نظام کي جن تي حادثن وسيلي ڪيترائي بيقصور انسان موت جي ابدي ننڊ ۾ سمهاريا ويندا رهيا آهن
خاص طور ٽائم جي پابندين کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ ڊرائيور مسافرن جي جان جي پرواه بغير هنن کي پنهنجي مقرر وقت تي پهچڻو هوندو آهي, ياته معمولي حادثن گاڏين جي ڪلٽي ٿيڻ ۽ ايمرجنسي صورت ۾ تڪڙ سبب گاڏين جي تيز رفتاري سبب اهڙا حولناڪ حادثا ٿين ٿا ۽ اهي حادثا صرف ئي صرف انڪري ٿي رهيا آهن ٽرئفڪ ڪنٽرول جا ڪي به جوڳا انتظام ناهن اوور لوڊ ٽرانسپورٽ کي نه روڪڻ , تڪڙ ۾ منزل تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندڙمسافر گاڏيون جيڪي حادثن جو سبب ٿين ٿيون جيڪڏھن موٽر وي پوليس ۽ ٽرئفڪ پوليس پنهنجو ڪم چڱي نموني ڪن ته شايد اهڙن واقعن کان بچي سگهجي ٿو
جديد ٽيڪنالاجي نظام هئڻ جي باوجود اسان وٽ اڃا تائين روڊ تي ٽرئفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاء روڊ عملي کان ڪم ورتو ويندو رهيو جنهن جي لاپرواهي سبب سنڌ جون شاهراهون حادثن کان محفوظ ناهن انهن سڀني مسئلن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار شاهراهن تي ايندڙ ويندڙ ٽرانپسورٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪمپيوٽر نظام نافذ عمل آڻي جنهن وسيلي, اوور ٽيڪنگ ڪندڙ, اوور لوڊ کڻندڙ, حد کان وڌيڪ تيز رفتاري هلندڙ گاڏين سميت ٻين مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو جنهن سان انساني جانيون به بچائي سگهبيون










