مقابلي وارو مھينو مارچ

مقابلي وارو مھينو مارچ

تحرير عبدالمجيد بروھي

مارچ مھينو پاڪستان جي سياست ۾ اھم ترين مھينو ٿي ويو آھي ھن مھيني ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن چار کان پنجن محاذن تي پاڻ سان ٽڪرائيندا مارچ مھيني جي شروعات ۾ ئي سينيٽ اليڪشنز جو وڏو مقابلو ٿي گذريو جنھن مقابلو ۾ وفاق سميت پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون ھجڻ باوجود وفاقي حڪومت ۽ انجي اتحادين کي اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم پاران عبرتناڪ شڪست ڏني وئي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي سينيٽر جي لاء حڪومتي اتحاد کي شڪست ملڻ بعد وزير اعظم سخت ڪاوڙجي پيو ھيو جنھن فورن قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو جنھن ۾ انھن جي مدمقابل ڪو بـ مخالف نـ ھيو سڀني پي ڊي ايم وارن ان اجلاس کي غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڌيندي ان جو بائيڪاٽ ڪيو جتي بنا ڪنھن مخالف جي وزيراعظم صاحب اعتمادجو ووٽ حاصل ڪري ويو ان ووٽنگ جي دلچسپ صورتحال اھا ٻڌائي پئي وڃي تـ جيئن تـ حڪومتي اتحاد جا ٽوٽل ميمبر 180 آھن بي اين پي مينگل جي پنجن ميمبرن سميت ھڪ سيٽ ڊسڪا واري بـ  پنجاب واري بـ انھن جي ھئي جيڪا ن ليگ وارن انھن کان کٽي آھي پوء پنج ميمبر بي اين پي جا اجلاس ۾  نـ ويا ھيا ھڪ ٻن سيٽن تي اليڪشن اڃا ٿيڻي آھي جيڪي حڪومتي ماڻھن جي فوتگي بعد خالي پيل آھن 180 ميمبرن مان پنج بي اين پي جا ڪڍو ٻـ رھيل اليڪشن جي ڪري رھيل اھي ڪڍو باقي وڃي 170 کان بـ گھٽ بيھن ٿا پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي فخر سان اعلان ڪندي چيو ھيو تـ وزيراعظم عمران خان تي اڳ کان بـ وڌيڪ 178 ميمبرن اعتماد جو اظھار ڪندي کيس ووٽ ڪيو آھي خبر نٿي پوي ايترا ووٽ انھن وٽ ڪٿان آيا اپوزيشن وارن ان تي اعتراض پڻ واريو آھي ھاڻي اچون ٿا مارچ مھيني ۾ ٿيندڙ سڀ کان وڏي مقابلي سينيٽ چيئرمين جي مقابلي ڏانھن ھن وقت حڪومتي اتحاد وٽ اپوزيشن کان سينيٽ ۾ گھٽ ووٽ آھن حڪومت اتحاد وٽ پنجيتاليھ پلس ووٽ آھن جڏنھن تـ پي ڊي ايم وارن وٽ پنجاھ ووٽ آھن انھن ۾ ھڪ اڌ آزاد اميدوار ۽ فاٽا جا اميدوار شامل ڪجن انھن جو تعداد پنجاھ کان مٿي پھچي ٿو مطلب تـ ھن وقت اپوزيشن اتحاد اڪثريت ۽ حڪومتي اتحاد اقليت ۾ آھي حڪومت پاران صادق سنجراڻي کي ٻيھر سينيٽ چيئرمين لاء ميدان تي لاٿو ويو آھي ۽ پي ڊي ايم وارن جو اميدوار ھن ڀيري سيد يوسف رضا گيلاني آھي ھن ڀيري پي ڊي ايم پاران ھڪ مضبوط اميدوار ميدان ۾ لاٿو ويو آھي جنھن کي سياست جي بادشاھ آصف علي زرداري مڪمل سپورٽ ڪري رھيوـآھي جنھن جي لاء وزيراعظم پاڻ ھاڻي ھر اجلاس ۾ ھر وقت چوندو وتي تو ايڪ زرداري سب پر ڀاري اھو وڏو معرڪو آھي ان کان علاوا ڊپيٽي سينيٽ چيئرمين لاء پي ڊي ايم پاران بلوچستان صوبي کي نمائندگي ڏني وئي آھي جي يو آء ف جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري کي ڊپٽي سينيٽ لاء ميدان تي لاٿو ويندو اھو وڏو مقابلو ڏسون ٿا ڪير ٿو کٽي ھوڏانھن حڪومتي ترجمان وفاقي وزيراطلاعات شبلي فراز اھو اعلان ڪيو آھي تـ ھاڻي اسان بـ ھر حربو استعمال ڪنداسين ھر حال ۾ اليڪشن کٽي ڏيڍارينداسين اپوزيشن وارا ووٽ خريد ڪندا تـ خاموش اسان بـ نـ ويھنداسين مطلب تـ حڪومت پاران اھو اعلان ڪيوـويو آھي سرعام اعتراف ڪن ٿا تـ اھي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ پيسو استعمال ڪري يا داٻا ڌمڪيون ۽ ھر حربو استعمال ڪري اپوزيشن وارن جا ووٽ خريد ڪندا بحرحال ھن ڀيري انھن ناڪامي نصيب ٿيندي ڇو تـ ھن ڀيري سياست جو بادشاھ پاڻ ميدان تي نڪتل آھي ۽ ان کي سڀ ڄاڻ آھي تـ ڪھڙو پتو ڪٿي استعمال ڪرڻ گھرجي سنينٽ چيئرمين جي اليڪشن بعد مارچ مھيني ۾ ڊسڪا جي قومي اسيمبلي جي سيٽ تي وفاق پي ٽي آء پنجاب حڪومت ۽ پي ڊي ايم جو اھم مقابلو رٿيل آھي ڊسڪا جي چونڊ ان کان اڳ ٿي ھئي جنھن ۾ پي ڊي ايم جي نـليگي اميدوار چونڊ کٽي رھي ھئي صرف ڪجھ پولنگن جا رزلٽ اچڻ باقي ھيا تـ انھن پولنگن جي چيف رٽرننگ آفيسرن کي رات جو گم ڪيو ويو جن کي ٻئي ڏينھن تي ظاھر ڪيو ويو جن اچي چيو تـ ڪوھيڙي جي ڪري رات نـ اچي سگھيا ھئا جڏنھن انھن کي چيو ويو توھان جا نمبر ڇو بند ھيا تـ انھن وٽ ان جو ڪو بـ جواب نـ ھيو ڊسڪا جي تمام پولنگ اسٽيشنز جو ٽرن آئوٽ ٽيٽيھ پرسنٽ ھيو پر جيڪي ٽيھ رٽرننگ آفيسر زرلٽ سميت گم ڪيا ويا ھئا انھن جي رزلٽ موجب انھن پولنگ اسٽيشنز تي اسي سيڪڙو کان مٿي ووٽرن پنھنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو ھيو جيڪا ڳالھ پڻ ھضم ڪرڻ جھڙي نـ  ھئي ان کان علاوا وزير مشير ۽ حڪومتي ترجمان پابندي باوجود پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪندا رھيا ڪيترائي اڳواڻ تـ پولنگن اندر وڃي زبردستي ووٽنگ جو عمل بـ بند ڪرائيندا رھيا جنھن جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن اھم فيصلو ڪندي ڊسڪا تي ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ان ڊسڪا جي سيٽ تي وڏو مقابلو پڻ مارچ مھيني ۾ ٿيندو اھو معرڪو بـ حڪومت جي کٽڻ جي وس جي ڳالھ نـ آھي جڏنھن وڏو ٽاڪڙو جنھن کي اسين فائنل مئچ بـ۔  قرار ڏئي سگھون ٿا يعني حڪومت ۽ اپوزيشن اتحاد ۾ فائنل مئچ پڻ مارچ مھينين جي 26 تاريخ تي رٿيل آھي جنھن مقابلي ۾ اپوزيشن اتحاد کي پوري پاڪستان جي ڪرائوڊ جو سپورٽ ملڻ جا چٽا امڪان آھن ھوم ڪرائوڊ جو سپورٽ يعني ھن ملڪ جي عوام جنھن عوام کي ھن نا اھل حڪومت صرف ڏک سور ڏنا آھن اھو عوام فائنل مئچ ۾ صرف ۽ صرف اپوزيشن اليون کي سپورٽ ڪرڻ لاء 26 مارچ تي شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ حصوـوٺي ھنن نا اھل عوام دشمن ۽ ملڪ دشمن حڪمرانن کان مڪمل طور تي لاتعلقي جو اظھار ڪري لانگ مارچ ۾ شامل ٿي اسلام آباد ڏانھن عوامي پارٽين سان گڏجي نڪرندا عوام جي طاقت ۽ عوام جي جوش جذبي جي آڏو ھي حڪمران ھن فائنل مئچ ۾ بـ بري طريقي سان ھارائي سگھن ٿا امڪان تـ اھي بـ آھن تـ حڪمران عوامي سمنڊ کي اسلام آباد اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا پر ان سان نقصان بـ سندن جو ٿيندو جيڪڏنھن انھن ائين ڪيو تـ پوء ملڪ پاڪستان جو عوام گھڻو وقت قانون جي دائري ۾ رھي نـ سگھندو اگر حڪومت پاران طاقت جو استعمال ڪيو ويو تـ پاڪستاني قوم بـ۔  انھن کي عوام طاقت ڇا آھن ان جي جھلڪ ڏيکارڻ ۾ دير نـ ڪندا عوام ھن وقت مڪمل طور تي عمران خان ۽ سندس ٽولي مان بيزار آھي تنھنجي ڪري جيڪي مملڪت پاڪستان جا خيرخواھ آھن ھاڻي انھن کي بـ ھن نااھل ۽ عوام دشمن عمران خان مان ھٿ ڪڍڻ جو وقت اچي ويوـآھي انھن کي بـ ھاڻي ملڪ پاڪستان جي عوام جي خوشي۽ ترقي خاطر نااھل وزيراعظم کي گھر ڀيڙو ڪرڻ گھرجي. 

پهنجو تبصرو موڪليو