ليکڪ مهر فقير
اسان جو سماج خاص ڪري سنڌي سماج ڏاڍو ظالم ۽ نهايت ئي بي حس سماج آهي جتي انساني قدر نهايت ئي تمام گهڻي تيزيء سان بغير ڪنهن طبل وڄائڻ جي قتل ٿي رهيا آهن ۽ اهڙي قتل عام تي قانون ته ستل ئي ستل آهي پر اسان جهڙا پهچ رکندڙ به پاسو ڪندي مذمت , سخت مذمت , افسوس , صد افسوس جهڙا عام رواجي لفظ استعمال ڪري پاڻ کي پاڻ ئي آجو قرار ڏئي ايئن سڪون ۽ آرام سان ننڊ ڪندا آهيون ڄڻ ته ڪوما ۾ هجون .
ها اسان صدين کان ئي ڪوما ۾ پيل قوم آهيون هڪ ٻئي کان ايئن نفرت ڪندا آهيون جيئن ڪو چڱو ڀلو انسان ڪوڙھ يا ڪرونا واري مريض کان پاسو ڪري پري رهندو آهي ته ڪٿي اها بيماري کيس کي به بي پاڙي ول يا وڻ ويڙهيء وانگيان وڪوڙي نه وڃي . آخرڪار انهيء جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ڪٿي ايئن ته ناهي جو اسان تبديل ٿيڻ نٿا چاهيون يا ڪٿي ايئن ته ناهي جو اسان ڪنهن مردي وانگر آڪڙجي ويا آهيون جڏهن ته قرآن شريف ۾ الله پاڪ جو فرمان آهي ته زمين تي آڪڙ ڪري نه هلو آڪڙجي هلڻ سان زمين کي ڦاڙي نه سگهندا پر افسوس جو ان جي باوجود به اسان آڪڙجي هلڻ کي ئي ترجيح ڏيندا آهيون مگر حقيقت ۾ آڪڙ سبب ئي اسان هڪ ٻئي جي حقن جو قتل ڪري هڪ ٻئي کي محروم ڪري جيئري ئي مرحوم سڏبا آهيون جيڪو عمل نهايت ئي غير انساني ۽ غير مهذب عمل آهي جيڪو اسان جي ترقي ۾ رڪاوٽ جو سبب پڻ بڻجي ٿو .
اسان جي سنڌي سماج ۾ اڄ جي جديد ۽ تعليم يافته دور منجھ به خاص ڪري عورت سان اسلام کان اڳ وارو رويو ۽ ظلم روا رکيو پيو وڃي اهڙو رويو هر عورت سان به ناهي ڇو ته تعليم جي زيور سان سلهاڙيل عورتون اڄ به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي باعزت , باپردھ ۽ آزاد زندگي گهارڻ سان گڏوگڏ مردن تي حڪمراني ۽ اعلا عهدن تي فائز رهي اهو ثابت ڪري رهيون آهن ته اهي ڪنهن به قيمت تي ڪنهن کان به گهٽ ڪين آهن .
عورت شهر ۾ رهندي هجي خواھ ٻهراڙيء ۾ رهندڙ هجي پر عورت سان اڄ به انياءُ جاري آهي سو جي هوء انهيء ظلم جي خلاف اڪيلي سر بغاوت ڪري آواز اٿاري انقلاب جو آغاز ٿي ڪري ته راتورات موت جي ننڊ سمهاريو ٿو وڃي ڇو ته هن وٽ ساٿ جي سگھ نه آهي کيس ڪا مدد ميسر ناهي پر تعجب انهن عورت تنظيمن تي به آهي جيڪي هلن ته عورت جي نالي تي ٿيون پر اهي ڪو به عملي ڪم ڪندي نظر نٿيون اچن سواء عورتن جي عالمي ڏينهن جي جنهن ڏينهن تي رڳو وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍي يا مهانگن هوٽلن ۾ عورت ڪانفرنسون گهرائي فارملٽي پوري ڪئي ويندي آهي جنهن جي خبر عام عورت کي نه هوندي آهي ته ڪي تنظميون سندن جي لاء به متحرڪ آهن .
شهر ته شهر آهي پر شهرن ۾ به عام عورت اڄ به محفوظ ناهي توڙي جو شهرن ۾ هر قسم جي ميڊيا آهي پر افسوس جو هر خبر به هر ميڊيائي اداري تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن اسان ٻهراڙيء جي عورت تي نظر وجهنداسين ته ايئن محسوس ٿيندو ته ٻهراڙيء جي عورت ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جيڪا زندگي گهاري ٿي سا ڪم ئي ڪم بس ڪم ئي ڪم .
ٻهراڙين ۾ عورت مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنت ڪش آهي پوء به هوء مرد جي عتاب جو شڪار رهي ٿي ۽ مٿس بي بنياد الزام لڳائي کيس گولين سان پروڻ ڪري نه داد نه فرياد تحت لاش ئي لوڙهيو ٿو وڃي ته ڪٿي جاهلانه قبيلائي جنگ ۾ ماريو ٿو وڃيس ( ڪجھ ڏهاڙا اڳ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جاري قبيلائي تڪرار تحت 03 گهر ڌياڻيون قتل ٿيون هيون جيڪي ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا خوني تڪرار تان گولين جو کاڄ بڻيون هيون ) افسوس صد افسوس . اهي اهڙا واقعا ڪي نوان واقعا ناهن ڇو ته ڪافي واقعا منظر تي اچڻ کان اڳ ئي مٽيء جي دز ۾ دفن ٿيو وڃن ٿا . تازوئي سانگهڙ ضلعي جي کپري شهر ۾ ديا ڀيل نالي عورت سان به ڪجھ ايئن ٿيو جو کيس بيگناھ قتل ڪري سر ڌڙ ڌار ڪري جسم تان کل به لاٿي وئي پر پوء نتيجو اهو نڪتو ته جاچ جاري آهي ۽ آخر ۾ قصو مختصر ۽ ختم شد .
ڪُونجن جو ڪُرلاءُ تون ڇا ڄاڻين
دل جو گهرو گهاءُ تون ڇا ڄاڻين
روز ڪسن ٿيون پاڪ پويتر ناريون
مٿن نه ڪو ڪهڪاءُ تون ڇا ڄاڻين
واه لاجواب زبردست شاعر کي داد
عورت سان سو سڀاءُ تون ڇا ڄاڻين
(مهر فقير )
ڪم ڪار جي حوالي سان جيڪڏهن تفصيلي لکبو ته لکت مختصر نه پر ڊگهي ٿيندي ويندي ڇو ته عورت شهرن ۾ به مزدوري ٿي ڪري اوهان ڪراچي جو سروي ڪندا ته اوهان کي لاتعداد عورتون پورهيو ڪندي نظر اينديون چونڪن , چوسولن , چورنگين , چوواٽن ۽ چوراهن تي پيٽ جي دوزخ جي باھ اجهائڻ ۽ اولاد جي خاطر مختلف شيون وڪندي نظر اينديون ۽ ٻهراڙين منجھ گهر جي ڪم ڪار سان گڏ زمين جو سڄو ڪم عورت ئي سنڀالي ٿي ته وري ڍنڍن ڍورن ۾ ٻيڙي هلائي مڇي به ماري ٿي انهيء جو آخر ڪهڙو سبب آهي ها سبب اهو آهي ته اڪثر عورتن جا مرد نوڪرين سانگي گهر کان پري رهن ٿا ته وري ڪئي عورتون مڙسن جي مرڻ بعد ۽ اولاد جي ننڍي هجڻ سبب اهي ذميواريون کڻي جيون جي جنگ وڙهن ٿيون ايئن ئي ڪيتريون ئي عورتون لاوارث هجڻ ڪري پورهيو ڪن ٿيون ڇو ته اهي پنڻ کي عيب سمجهن ٿيون ها بيشڪ پورهئي ۾ عظمت آهي ايئن ئي لاتعداد عورتون نشئي , موالي ۽ ڪوڪڙي مردن جي ضرورت پوري ڪرڻ خاطر پراين گهرن ۾ پراين زمينن منجھ محنت مزدوري ڪري انهن عياش مردن جو ڀڀ ڀري پنهنجي زندگي ڳاري ۽ گهاري ٿيون ڇڏين جن کان شهرن ۾ قائم ايئر ڪنڊيشن وارين آفيسن منجھ ويٺل عورت حقوق تنظميون بي خبر آهن ته اهڙيون عورتون ڄمڻ کان ويندي مرڻ تائين ڪهڙي نه عذاب سان سورائتا ساھ ٿيون کڻن ۽ سندن جو هڪ هڪ پل ڪيئن ٿو گذري اهي ٻهراڙين جون عورتون ڏاٽي کان ويندي ڪوڏر جو ڪم به مردن وانگر ڪن ٿيون هو جيون ۾ ايتري سڪون جي ننڊ ناهن ڪنديون جيترو عذاب ۽ تڪليف سان گرمين سردين منجھ گهر ۽ زمين جو ڪم ڪنديون آهن .
ڪالھه وڪاڻي ناري ڪنهن جي
هوء جا هئي پياري ڪنهن جي
آيا گراهڪ وڏو هليو واڪ
ويا وٺي ته واپاري ڪنهن جي
ڀائر رنا پڻ رنيون ڀينر هاء
هليو نه وس ۽ زاري ڪنهن جي
پيء چيو بس پيسا ٿا گهرجن
کڻندس ڪين اڌاري ڪنهن جي
گهڻائي ڪڍيائين پار ڏٺم لا
هڪ نه ٻڌي ماري ڪنهن جي
محبت ۾ مهر فقير چئي هل
اجڙي دنيا ڪنواري ڪنهن جي
ٻهراڙيء جي عورتون حقيقت ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهادر , بردبار ۽ محنت ڪش آهن جيڪي توهان کي سج جي تپش ۾ رونبو ڪندي ۽ سردين منجھ لاب ڪندي نظر اينديون ته وري ڪانبو ٻڌي ڦٽين جي چونڊي سان گڏ کرپي يا ڪوڏر کڻي وکر جي گڏ ڪندي نظر اينديون ها سلام آهي اهڙين عورتن کي جيڪي طوفانن ۽ زلزلن سان مهاڏو اٽڪائي درياهن جي لهرن کي چيري پار پون ٿيون جس آهي اهڙين سورمين کي جيڪي پيٽ سان پڌر ٻڌي مڙس جي خدمت ڪندي صبر ۽ شڪر سان زندگي گهارين ٿيون ۽ گڏوگڏ اولاد کي تعليم جي زيور سان منور ڪري سندن جي جيون ۾ روشنيء جو بندوبست ڪن ٿيون .
اسان جي هن معاشري ۾ جيڪڏهن حڪومت , سماجي تنظيمون يا سرندي وارا ٻهراڙين جي عورتن کي سندن جي پيرن تي بيهارڻ ۽ سگهارو ڪرڻ خاطر هٿ جي هنرن کي صنعت ۽ ڪاروبار جو درجو ڏئي شهرن تائين رسائي کي يقيني بڻائين ته هوند ٻهراڙيء جي ڪا به مجبور عورت ڪٿي به هٿ ٽنگي وقت گهارڻ کان نفرت ڪري ڇو ته سرڪار جيڪي امدادي سرگرميون شروع ڪيون آهن سي حقيقت ۾ عورتن جي تذليل ڪرڻ برابر آهن جن کي چند نوٽن خاطر سرڪاري دفترن ۾ ويٺل غير مهذب عملو مختلف ۽ بي بنياد بهانن سان خوار ڪندو ٿو رهي جيڪو عمل سچ ته نهايت ئي اذيت ڏيندڙ عمل آهي . سچ اهو به آهي ته ٻهراڙي جي عورت هٿ جي هنر جي حوالي سان هڪ بهترين ڪاريگر عورت آهي جيڪا رليون , ٽوپيون , وهاڻا , ڀرٿ جا ڪپڙا , پنڊيون ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون ٺاهي ٿي پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ اهڙي عورت جي ڪا پوئواري ناهي ڪا اڳواڻي ناهي ڪا رهبري ۽ رهنمائي ناهي سو جي اهڙي عورت کي سرڪاري سرپرستي ڏني وڃي ته هوند ٻهراڙي جي عورت شهر جي عورت وانگر ڪامياب عورت ليکجڻ لڳي مگر ان جي باوجود به ٻهراڙي جون اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جن پنهنجي ڏاهپ و سگھ ۽ تعليم و هنر سان خود کي مڃرائي پنهنجو ڳاٽ سدائين بلند رکيو آهي جن کي وقت سدائين سلام ڪندو آهي بيشڪ اهڙيون عورتون مهان عورتون آهن . سو اميد ٿي ڪجي ته سرڪار سان گڏ سماجي تنظيمون ۽ سرنديء وارا ٻهراڙيء جي عورتن جي سرپرستي ڪري کيس عزت ۽ وقار سان جيئڻ ۾ سندس ساٿ ڏيندا جيڪو هن جو بنيادي , اسلامي , قانوني ۽ اخلاقي جائز حق آهي تنهن ڪري حقدار کي حق ڏئي کيس محرومين ۽ مايوسين کان آجو ڪري سگهجي ٿو سو اچو ته ٻهراڙي جي عورتن خاطر منظم ٿي ڪري ڪو لاڀائتو قدم کڻون .










