ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ڳوٺ صوبدار سرگاڻي ۾ مرحوم الطاف انڙ جي ياد ۾ نائيٽ والي بال ٽورنامنٽ منقد ڪرائي وئي جنهن ۾ ضلع دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلع جي 15کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو. جن ۾ الحسيني ڪلب راڌڻ، اورنگزيب واڍو ڪلب راڌڻ، خير پور، ميهڙ، عالماڻي، جهتيال ڪلب حصوورتو جڏهن ته راند جي ميزباني ۽ آرگنائيزڪندڙ ياسر علي سرگاڻي، علي بابا سرگاڻي، صداقت سرگاڻي، اوشاق سرگاڻي ۽ شاعر عاقب امر سرگاڻي ڪلب جي آيل ٽيم کي آجياڻو ڏنو جڏهن ته فائنل والي بال ۾ راڌڻ الحسيني جي ٽيم کي ميزبان سرگاڻي ڪلب جي ٽيم شڪست ڏئي فائنل جي راند پنهنجي نالي ڪئي. جڏهن ته مهمان سردار لعل حسين خان سرگاڻي، سڪندر علي خان سرگاڻي، عابد علي جانوري، عامر علي سرگاڻي، صحافي محمدرفيق سرگاڻي، فدا حسين جوڻيجو، محمد بچل، صوفي ڪرم حسين سرگاڻي کٽيندڙ رانديگرن کي ڏھ ھزار روڪ انعام ۽ اعزازي ٽرافي انعام طور ڏنا جڏھن ته ھارائيندڙ ٽيم کي پنج ھزار روڪ انعام ۽ رنر ٽرافي ڏني وئي.










