مذھب ۽ ملڪي قانون ۽ مسئلا

مذھب ۽ ملڪي قانون ۽ مسئلا

خاصخيلي لطيف راولاڻي
اسان جي ملڪ خاص طور تي ھن پياري پاڪستان جنھن کي اسلامي جمھوريه پاڪستان به چون ٿا ۽ لکن به ٿا پر ھتي نه ئي اسلام تي عمل ٿئي ٿو ۽ نه ئي جمھوريت تي نظر وڌي وڃي ٿي ۔جڏھن کان ھي ملڪ ٻن قومي نظرين ھندو ۽ مسلم جي بنياد تي ٺھيو آھي ته ھتي مسئلا ئي مسئلا پيدا ٿيا آھن پر اڃ ڏانھن تائين ڪوبه ملڪي حڪمران انھي مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو آھي ۽ اھي ننڍا ننڍا مسئلا اڄ وڌي وڻ ٿي ويا آھن جو انھن کي ھاڻي وڍي به نٿو سگھجي ۔ملڪ ۾ جيڪي به قانون ٺھندا آھن اھي ٻارھين سياسي دٻاء تحت ئي حل ٿيندا آھن ۔خاص طور تي ھتي مذھبي مسئلا گھڻا ٿيندا آھن ۽ اھي جنوني ۽ جھالت جي ور چڙھيو وڃن ۽ انھن کي ان بنياد تي ئي حل ڪيو ويندو آھي ۔ان ۾ ڪابه سنجيدگي ۽ قانون جو استعمال ڪونه ٿيندو آھي ۔اڪثر ڪري ڏٺو ويوآھي ته ماڻھن جا پاڻ ۾ رنجش ۽ تڪرار ھوندي آھي ته ان کي بنيادبڻائي ان کي مذھبي رنگ ڏيئي ڪري مسئلي کي حل ڪرڻ جي بجاء اڃان به وڌيڪ ان جي تشريح ڪري وڌايو ويندو آھي جئين اھو مسئلو اڃان به وڌايو وڃي ۔ماضي جي ٿيل واقعن تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان جي معاشري ۾ اھڙا تمام گھڻا واقعا رونما ٿيا آھن جيڪي سڀ ذاتي مسئلن تحت ٿيا ھئا پر ان کي مذھبي رنگ ڏيئي اڀاريو ويو جن جا نتيجا انتھائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ ثابت ٿيا۔۽ اڄ ڏينھن اھڙا واقعا ٿي رھيا آھن رياست جو انھي ۾ ڪوبه ڪردار ڪونھي اھو خاموش تماشائي وانگر سڀ ڪجھ ڏسندو رھي ٿو۔ان جا نتيجا تمام خراب ۽ نقصانده نڪرن ٿا جن ۾ خاص طور تي سريلنڪا جي رھواسي فئڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر ۽ مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جو بيگناه قتل عام سر فھرست آھن ۔قانون جو عمل دخل نه ھئڻ ڪري اھڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن ۔۽ اسان جي ملڪ جو قانون ۽ ان جي رکوالي ڪندڙ حڪمران ۽ ادارا مڪمل طور تي خاموش آھن جو اھي انھن جي خلاف ڪوبه قانون نه پاس ڪرائي سگھيا آھن ۔رياست اندر رياست ٺھيل آھي سياسي ۽ مذھبي جماعتن انھي کوکلي قانون کي يرغمال ٺاھي ڇڏيو آھي ڪوبه شريف ماڻھو پنھنجي ئي گھر ۾ محفوظ ڪونھي ۔مذھب رياست ۽ قانون جو پاڻ ۾ ڪوبه ڳانڍاپو ڪونھي ڇڙواڳي حد کان وڌي وئي آھي ۔۔واضح رھي ته انساني حقن جي پڌرنامي ۾ ھر ڪنھن کي پنھنجي مذھبي آزادي ھوندي آھي ته ھو مسجد مندر ڪليسا ۽ گرجا ۾ وڃي عبادت ڪري سگھي ٿو ۽ پنھنجي دين جي به پرچار ڪري سگھي ٿو ۔حڪومت جي انتظامي نظام ۾ مذھبي رواداري ھوندي آھي اقليت جون سيٽون اسيمبلي ۾ ھونديون آھن ۔انھن سڀني قاعدن قانون جي ھوندي به قانون تي عمل ڪونه ٿو ٿئي ۔ھتي پنمھنجا ھٿ ٺوڪيل قانون ٺاھيا وڃن ٿا ۔ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ ٺٽي جي جامع مسجد ۾ ويڊيو ۽ تصوير ڪڍڻ تان واقعو رونما ٿيو آھي ۔جيڪي عام شھري ھئا۔ان جي جڳھ تي اعکى عملدار ۽ فلمي ڪمپني جا ماڻھو ويڊيو ۽ تصويرون ڪڍرائين ھا ته اھڙو ممڻ نه مچي ھا۔رياست جو قانون سڀني جي لاء ھڪجھڙو ھئڻ گھرجي پر ھتي ائين ڪونھي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون لاڳو آھي ۔انھي سڄي مسئلي ۾ ٺٽي جي انتظاميه ۽ رياست جو قانون خاموش آھي مذھبي تنظيمون ان جي خلاف مظاھرا جلسا جلوس ڪري رھيا آھن جنھن سان امن امان جو مسئلو به پيدا ٿي سگھي ٿو جو اسان وٽ اڃان شعور ۽ سجاڳي جي کوث آھي جنونيت ماڻھن جي دل ودماغ تي ڇانئجي وئي آھي ۔تازو ھڪ ٻيو مذھبي واقعو رونما ٿيو آھي سنڌ ۾ ھنڌو سنڌي نارين جو مسئلو جيڪو انتھائي نازڪ ۽ ڏکائيندڙ مسئلو آھي جنھن مسئلي ۾ به رياست جو قانون خاموش آھي ۔ اھڙا واقعا پوري دنيا ۾ ٿين ٿا ته ڪنھن مذھب کان متاثر ٿي ڪري پنھنجو مذھب ڇڏي ٻيو مذھب اختيار ڪرڻ اھا ڪا خراب ڳالھ ڪونھي ھر انسان کي مذھبي آزادي آھي ۔خاص طور تي اسلام ۾ جبر جو ڪوبه تصور ڪونھي ان ڪري ئي دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ انسان مسلمان ٿين پيا ۽ اھو عمل جاري آھي ۔۽ ان تي اتي جي ملڪ مطابق قانون تي عمل به ٿئي ٿو ۔پر ھتي خاص طور تي سنڌ ۾ قانون تي عمل ڪونھي ۔انھي ڏس ۾ رياست ۽ قانون کي اڳتي اچڻ گھرجي جو مذھب جي تبديلي تي ڪو وڏو ممڻ نه مچي ۽ انھي مسئلي کي قانوني طريقي سان حل ڪيو وڃي ھتي شريعت ۽ اسلامي قاعده قانون موجود آھن ۔وڏا عالم دين مفڪر تفسير ڪندڙ ڏاھا موجود آھن انھن کان به اھڙن مسئلن تي رھنمائي وٺي سگھجي ٿي ۔مسلمان ٿيڻ ڪو ڏوه ڪونھي ھر ڪنھن انسان کي مذھبي آزادي آھي چاھي اھو ڪھڙي به مذھبي گھر ۾ پيدا ٿيو ھجي ۔اھڙو ڪو آسان طريقو ٺاھيو وڃي جو مذھب تبديل ڪرڻ لاء ڪنھن کي پنھنجو گھر ۽ خاندان ڇڏڻو نه پوي ۔پنھنجي ئي گھر ۾ رھندي مذھبي رواداري قائم ڪئي وڃي ۔ته جئين اھڙا مسئلا پيدا نه ٿين جن سان حالتن خراب ٿيڻ جا انديشا ٿين ۔ملڪ جي قانون کي فوري طور تي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي .سنڌي سماج ۾ جيڪي به ريتون رسمون ۽ طور طريقا صدين کان رائج آھن اھي اسلام کان اڳ جا آھن ۽ اڃان تائين ان تي بغير ڪنھن روڪ ٽوڪ جي عمل ٿي رھيو آھي خاص طور تي اسان جي شادين ۽ موت جي موقعي تي جيڪي به رسمون ٿين ٿيون اھي قديم دور کان ھلنديون اچن جئين جو تئين ان تي عمل ٿي رھيو آھي ان تي ڪابه روڪ ٽوڪ ڪونھي ۔نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جھان ۾ ٻري جن ٻاري آء نه جيئندس ان ري ۔جيستائين ھن ملڪ ۾ قانون تي عمل ڪونه ٿو ٿئي تيستائين ھتي اھڙا عمل ٿيندا رھندا.

پهنجو تبصرو موڪليو