مذهب، تهذيبون ۽ ثقافتون۔

مذهب، تهذيبون ۽ ثقافتون۔

طفيل مگسي
انسان جيڪو مختلف مذهبن۔تهذيبن ۽ ثقافتن ۾ جيئندو آيو آهي ۽ اهوئي قسم انساني تاريخ جي اصل حقيقت ۽ سچائي آهي۔پر ڏٺو وڃي ته مسئلو قسم جو به ناهي بلڪ انهيء کي برداشت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو رويو آهي۔اٽڪل سمورن الاهي مذهبن جو هڪ گڏيل ۽ بنيادي اصول هيء آهي ته ايمان ڏاڍ سان پيدا نٿو ٿيئي بلڪ اسلام ته ان اصول کي نهايت چٽن لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري چڏيو”دين ۾ ڪو ڏاڍ ناهي“ اها صرف هڪ اخلاقي هدايت ناهي بلڪ الاهي ضابطو به آهي۔
اسلام واحد مذهب آهي جيڪو دعوت ڏيڻ جو پابند بڻائي ٿو۔فيصلي ڪرڻ جو نه۔پيغام پهچائڻ انسان جو فرض آهي۔پر دلين کي ڦيرائڻ الله جو ئي اختيار آهي ۽ اهائي اهڙي حد آهي جنهن جو فهم نه هجي ته تبليغ ڏاڍ ۾ بدلجي وڃي ٿي۽ دين رحمت جي بجاء ٽڪراء واري صورت اختيار ڪري وٺي ٿو۔جڏهن انسان پاڻ کي هدايت جو مالڪ سمجهڻ لڳي ٿو ته هو لاشعوري طور تي الله جي اختيار ۾ مداخلت ڪرڻ لڳي ٿو۔
اهو اصول اصل ۾ انسان کي انسانيت جي دائري ۾ رکي ٿو۔جڏهن اسان اهو مڃي وٺون ٿا ته هر دل جو حال الله ڄاڻي ٿو ته پوء اختلاف رکڻ وارو انسان دشمن نٿو رهي بلڪ هڪ مختلف رستي جو مسافر بڻجي وڃي ٿو۔اهوئي شعور مذهبن جي وچ ۾ نفرت جي بجاء احترام ۽ معاشرن جي وچ ۾ ٽڪرائن جي بجاء تعاون جو بنياد رکي ٿو۔
الله تعالي جي ان” مصلحت“ ۾ انسانيت جي لاء محبت جا دروازا انهيء وقت کلن ٿا جڏهن دعوت ۽ ڏاڍ جي وچ ۾ لڪير چٽي ٿي وڃي۔مذهب جو ڪم ضمير کي جاڳائڻ آهي۔زبردستي رستو بدلائڻ ناهي۔جڏهن اهو فهم سمجھ ۾ اچي وڃي ته مذهب سڃاڻپ جي جنگ نٿو رهي بلڪ اخلاق۔عدل ۽ انصاف جو وسيلو بڻجي وڃي ٿو۔
اهوئي اهڙو نڪتو آهي۔جتي دين اسان کي وهائي نٿو بلڪ ڳنڍي ٿو۔جتي اختلاف دشمني ۾ نٿو پوئجي ۽ جتي ايمان پنهنجي اصل صورت ۾ ظاهر ٿيئي ٿو۔هڪ آزاد دل جي چونڊ، نه ڪي پريشر ۾ ورتل فيصلو۔

پهنجو تبصرو موڪليو