مديني جي رياست وارو خواب ۽ عوامي مسئلا !

مديني جي رياست وارو خواب ۽ عوامي مسئلا !

ملڪ ۾ ٻيا ته مسئلا گهڻا ئي آهن پر گذريل ڪافي ڏينهن کان سڄي ملڪ ۾ ٽماٽن جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽماٽا هر گهر ۾ رڌ پچاءُ لاءِ روزاني جي بنياد تي ضرورت ۾ هوندا آهن، پر هن وقت جڏهن مارڪيٽ ۾ رڳو ٽماٽا ٽي سئو کان چار سئو رپيا في ڪلو ملي رهيا آهن ۽ اهي غريب ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي چڪا آهن. ان ڪري حڪومت لاءِ عام ماڻهن تائين ٽماٽن جي سستي ۽ مناسب اگهه تي رسائي تمام وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، اهڙي موقعي تي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا حڪومت عوام جي پريشانين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪي قدم به کڻي رهي آهي يا صرف دعوائن تي ڀاڙي پئي، موجوده حڪمران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ چونڊ مهم دوران جيڪي به واعدا ڪيا، خاص ڪري عوام کي مديني جي رياست قائم ڪرڻ جا خواب ڏيکاريا ويا، ڇا هِن وقت اسين اِهڙي رياست طرف اڳتي وڌي سگهيا آهيون!؟ ان جو جواب هر باشعور فرد هر شئي انتظامي ڪنٽرول مان نڪرندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ سان حاصل ڪري سگهي ٿو.

بنيادي طور تي حڪومت جو ڪم هوندو آهي ته عوامي مسئلا پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي انهن جو حل ڳوليو وڃي ۽ پوءِ ان حڪمت عملي کي اختيار ڪيو وڃي، پر هتي ته عوام کي رليف ڏيڻ جون ڪيئي ڀيرا دعوائون ڪيون ويون آهن، احتساب کان ويندي ٽئڪس رڳو ملڪ جي شاهوڪار طبقي کان اوڳاڙڻ سميت عوام کي عام واهپي جون شيون مناسب اگهه تي ڏيارڻ جا اعلان ڪيا ويا. ايتري تائين جو ملڪ ۾ مديني جي رياست قائم ڪرڻ جهڙا ڏٽا ڏنا ويا پر انهن اعلانن تي عملدرآمد توڙي واعدن کي نڀائڻ کان ائين ڪيٻايو پيو وڃي ڄڻ ته حڪومت جو هن ملڪ جي عوام سان ڪو واسطو ئي ناهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ حڪومت جي ڪا رِٽ نظر نٿي اچي، جيڪو واپاري ۽ دوڪاندار ڪنهن شئي جو اگهه مقرر ڪري وڪرو ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن ان ساڳي شئي جي قيمت وڌيل ملي ٿي، اهو لڪاءُ ڪنهن هڪڙي هنڌ نه پر سڄي ملڪ جي مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ لڳو پيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته واپاري ماڻهو ته موقعو ملڻ تي وڌ کان وڌ نفعو ڪمائڻ جو سوچيندو آهي، پر ڇا حڪومت جو رويو به انهن واپارين جيان ٿي چڪو آهي؟ جهڙي ريت هو وڌيڪ نفعو ڪمائڻ لاءِ ذخيره اندوزي ڪندا آهن ته ساڳي ريت حڪومت به انهن جي پاليسي اختيار ڪري ورتي آهي جو تقريبن عوام کي ڪيئي ڏينهن تائين پريشان ڪرڻ بعد نيٺ حڪومت جاڳي پئي ۽ هاڻ ايران وٽان ٽماٽا درآمد ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جيڪڏهن گهڻا ڏينهن اڳ حڪومت انتظام ڪري وٺي ها ته اڄ شايد عوام کي ايتري ڏکيائي ۽ پريشاني محسوس نه ٿئي ها. ان ڪري سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته مخالفن لاءِ به احتساب ڪرڻ سولو هوندو آهي پر مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي دعويدار حڪمرانن کان سندن غلطين ۽ بي حسيءَ جو ڪير حساب وٺندو!؟ اسلام جي تاريخ ۾ ته اسان کي اهو مثال به ملي ٿو ته امير المومنين حضرت عمر فاروق رضه کان هڪ شخص هڪڙي قميض جو حساب گهُريو، ڪپڙي جا ٽُڪر، جيڪي مالي غنيمت مان ماڻهن وٽ آيا هئا، انهن مان ڪنهن هڪڙي ٽُڪري مان ڪپڙي جي ايتري ڊيگهه ۾ قميض ٺهرائڻ ممڪن نه هئي، پر پنهنجي وقت جو طاقتور حڪمران هوندي به پاڻ انهيءَ شخص کي نه ڇڙٻ ڏين ٿا ۽ نه ئي ڪاوڙ منجهان سندن نراڙ تي ڪو گُنج اچي ٿو، بلڪه حضرت عمر فاروق رضه وضاحت ڪندي ٻُڌايو ته سندن پٽ عبدالله کين پنهنجي حصي جو ڪپڙو ڏنو هو. ان مثال ڏيڻ جو مقصد ته اسلامي تعليمات به اسان کي احتساب جو درس ڏي ٿي، ڀلي پوءِ اهو احتساب ڪنهن وقت جي حڪمران کان وٺڻو پوي يا ڪنهن حڪومت مخالف ڌر جي ڪنهن اڳواڻ يا ڪارڪن کان، احتساب صاف ۽ شفاف تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن اهو بنا فرق جي هوندو ۽ جنهن نظام ۾ عوام ۽ ان جي راءِ کي سڀ کان وڌيڪ مقدم رکيو وڃي. اسين سمجهون ٿا ته اقتدار ڌڻي ته سڀ کان وڌيڪ ذميوار هوندا آهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اسلام جي اصولن کي اڳيان رکندي آئين ته ٺاهيو آهي پر ان پوري نظام کي هلائڻ لاءِ آئين جي دائري ۾ ئي رهڻو پوندو، ان کان علاوه مديني جي رياست ۾ جهڙي طرح حڪمران ۽ مخالف ڌر سان هڪجهڙو سلوڪ اختيار ڪيو ويو، اسان وٽ به مديني جهڙي رياست جو تصور تڏهن ئي حقيقي نموني قائم ٿي سگهندو، جڏهن حڪمران پاڻ کي جوابده سمجهندا ۽ جڏهن به عوام کي ڪا تڪليف پهچي ته ان جي فوري حل ۽ ازالي لاءِ قدم کڻندا.

پهنجو تبصرو موڪليو