ماڙي جلباڻي معامرو؟تاريخ  ڪنهن  کي بيهي ڏوهي  قرار ڏيندي؟

ماڙي جلباڻي معامرو؟تاريخ  ڪنهن  کي بيهي ڏوهي  قرار ڏيندي؟

عبداش پنهو ر
ماڙي جلباڻي معامري اسان جهڙن ڪيترن ماضي جي آدرشي  انسان کي جوڀن جواني وارا جهيرياد ڏياري ڇڏيا آهن“،جيئي سنڌ ،جيئي سنڌ،جام محبت پيئي سنڌ”جنهن کي وقت جي پاڪستان جي پهرين فيڊرل ڪورٽ  (عرف هاڻوڪي سپريم ڪورٽ جو درجورکندڙ وفاقي عدالتي نظام)تڏهن ثقافتي گيت چئي سنڌهاري ڪاميٽي جي سرواڻ ۽ قومي گيت جي شاعر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي سوڀارو قرار ڏنو هو جڏهن لاڙڪاڻي واري  قاضي ته ٻڪري چوري جي الزام ڪامريڊ جتوئي سوگهو ڪرايو هو،تڏهن  مچ جيل ۾ هڪ وڪيل عيسي ٰ  قاضي قومي گيت جي شاعر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي سان اچي مليو ۽ خواهش پڌري ڪئي ته ”ڇا مان اوهان جي ڪيس جي پيروي ڪري سگهان ٿو“هن وقت سندس موڀي جسٽس جناب جسٽس  قاضي فائز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جوچيف جسٽس آهي،جنهن جي شهرت جو هڪڙو تمام وڏو سبب “فيض آباد” ڌرڻو ڪيس تي ٻڌايل فيصلو آهي پر هاڻ سنڌجا ماڻهو سوال ڪندي انصاف جي گهر ڪري رهيا آهن ته ڇا چڪراڳوٺ واقعي  وانگر سپريم ڪورٽ سڪرنڊ ماڙي جلباڻي واقعي جو پاڻمرادو  نوٽيس وٺندي؟اهو قانوني رستو آهي پر هن سانحي شعوري سنڌکي تمام گهڻو سوڳوا ر ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته جڏهن دولت پور جي ڀنڊ برداري سان واقعو ٿيو ۽ ڪشمور ڌرڻو لڳو اهڙن واقعن تي مون کي ردعمل  اهو اردو جو شعر ذهن تي  تري  آيو ته “تماشا عجب  زندگي ڪا ديکا،مقتول کي ميت ۾ قاتل ڪو ديکا“ڪشمور ڌرڻي ۾ جيڪي شريڪ هئا انهن مان ڪيترن اهو به مطالبو ڪيو هو “سنڌ ۾ ڀلي فوجي آپريش ڪيو وڃي“اخباري رڪارڊ موجودو آهي ته ڪير هئا  اهڙو مطالبو ڪندڙ ڌاڙيلن جا ڌڻي . ؟ (هاڻ وڌيڪ  لوڪ حيران آهي ته ماڙي جلباڻي ڌرڻو ختم ڪرائڻ رڳو سادي ايف آءِ آر جي آڌار  واري عمل تي سوشل ميڊيا ايس يو پي صدر زين شاهه تي صفا مڇريل آهي،ماڻهو سندس ساک تي سوال اٿاري رهيا آهن)ڪير حيران نه ٿئي گذريل ڏيڍمهينو ٿيندو سمورو اخباري رڪارڊ هٿ ڪيو ته پڪا ثبوت ملند اته سنڌ ۾ اهڙي قسم جي آپريشن لاءِ  پهريان ماحول جوڙيو ويو آهي ،جيڪو عمل سنڌ جي جمهوري سوچ خلاف هڪ خطرناڪ سازش آهي. سنڌ ۾ جي ڊي اي سياسي اتحادي اڳواڻن بشمول جي يو آءِ وارا سنڌ ۾ سڻڀي آسري تي پ پ پ مخالفت ۾ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندڙ ن  ته سنڌ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو آهي ڇا اهو سياسي حيران ڪندڙ واقعو ناهي ته جهڙي ريت پ پ پ دشمني ۾ نوازشريف شهيدبشيرخان قريشي تي ڏتي تي آيوهو تهڙي ريت جسقم چيئرمين صنعان قريشي واري جي يو آءِ سنڌ جي هڪڙي اهڙي ماني تقريب ۾ شريڪ ٿيو جتي تاثر اهو جُڙي پيو ته هي سڀ سنڌ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ  پ مخالف ميدان ملاکڙي  ۾ گڏجي لهندا؟ پوءِ جسقم قيادت کان ساو آهي ته ڇا جسقم وارا ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ڇا؟سڀ سياسي اختلاف راءِ جون ڳالهيون آهن جيڪي جمهوري معاشري ۽ سماج ۾ ڪيون وينديون آهن پر پ پ پ مخالف ۾ خاص ڪري ڪرپشن ڪرپشن راڳ آلاپي ڪرپشن مهم دوران سنڌي سرڪاري عملدار جي توهين ڪندڙ ڪير آهن؟حيران ڪندڙ ڳالهيون آهن پريشان ڪندڙ لوڪ پچار آهي ،سياسي جمهوري آزادسماج ۾ اهڙا سوال اٿڻ کپن ته اخري ڪهڙا سبب آهن جو هيترا سال گذري ويا آهن جمهوري انداز سان عوامي مينڊينٽ  جي آڌار تي سنڌ۾ پ پ پ جو متبادل نه جڙي نه سگهيو آهي جيڪڏهن ڪير ڪنهن دليل ۾ جي ڊي اي سميت اهڙن اتحادين کي متبادل جو ردجو ڏئي ٿو ته انهن جو ڪڙيون اڳتي هلي آمريتي سوچ فڪر سان جاگيردار، سردار سيد پرستي پير پرستي قبائيلي ساڙ  پرستي جهڙن سماجي ورتل اوڏوهي کاڌل خيال سان ملي ٿي ،فيصلو پاڻ ڪيو چهرا پاڻ پرکيو.پر تازوئي جيڪو ماڙي جلباڻي سانحو ٿيو آهي تنهن حوالي سان مشهور خابرو اداري ،ڊان نيوز مطابق رينجرز جي پڌري ٿيل خبر  ۾ ڳوٺاڻن کي “شرپسند  “لکيو ويو آهي، ايس ايس پي حيدر رضا ساڳئي بيان ۾ بندش پيل تنظيم“ سنڌريووليشنري آرمي ”جو حوالو ڏنو آهي،ان تنظيم سان واڳيل ماڻهو جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو هو،رينجرز بيان ۾ چيو ته ڳوٺاڻن ڏوهاري ماڻهن رينجرز پوليس گاڏين کي ڏسندي  ئي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي،اهو ساڳيو سرڪاري بيان نگران گهرو وزير حارث نواز پڻ بيان ڪيو ته “آپگهاتي بمبار هجڻ جي اطلاع تي آپريش ڪيو آهي. ( حيران آهيون ته مستونگ کان هنگو تائين بمبار ڪٿي حملا ڪري رهيا آهن ،پاڪ افغان سرهد  پار کان پاڪ فوج تي بندش پيل ڄاتل سُڃاتل ٽحريڪ طالبان پاڪستان  وارا دهشتگرد سڌا حملا ڪري رهيا آهن پر تنگ حالتن جا ابتا پير ا سنڌ۾ ڳوليا پيا وڃن، سوال آهي آخرڇو؟نيشنل سيڪيورٽي ايڪشن پلان جي ساک تي سوال ٿو اٿي ته ڪٿي فني خرابي  آهي جودهشتگرد بمبار ن پنهنجا حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن )تنهن ڪري  ،سرڪاري ٻولي سرڪاري بيان تنهن ڪري به تڙ تڪڙ قبول ڪرڻ جهڙو ناهي ڇو ته جيڪي ڳجها ادار ڪامريڊ ڄام ساقي جي پرس مان ڀارتي ٽينڪ ڪڍي سگهن ٿا ۽ جڙتو الذوالفقار جهڙين تنظيمن جا تخليق ڪاار هجن اهڙي تاريخ رکندڙ هجن ٿا انهن تي ڀلا ڪهڙو ڀروسوڪجي!) هاڻ ته ايف آءِ  آر به داخل ٿي وئي آهي، وڏي وزير جانچ ڪاميٽي به جوڙي ورتي آهي)ياد ٿو اچي نه رڳو قومي گيت جي شاعر باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اهو ڪيس کٽي سوڀارو ٿيو پر مشهور ڪميونسٽ ڄام ساقي بغاوت ڪيس جيڪو اصل ۾  شهيدنظيرعباسي قتل ڪيس سڏبو آهي  ملٽري ڪورٽ ۾ ڳجها ادار ا پنهنجا الزام ثابت ڪري نه سگهيا وڪيل ماما يوسف لغاري جي چرچائي ڀوڳن وارن  بيانن جو جواب ڏيئي نه سگهيا ته ڪهڙي پارٽي  ؟ ٽي پارٽي، لنچ پارٽي يا ڊنر پارٽي۽ ڪامريڊ ڄام ساقي  سميت سمورو ڪيڊر تنهن ڪيس  مان بري ٿي ويو ۽ ڪيترائي ڪردار اڄ به زنده حال حيات آهن، اهو تاريخ پسمنظر تنهن ڪري بيان ڪجي ٿو جيڪڏهن ڳوٺاڻن تي سڌيون گوليون فائر نه ڪيون وڃن  ها ۽ ڳوٺاڻاپاڪستان دشمن الزام   بندش پيل تنظيم“ سنڌريووليشنري آرمي ”واقعي ملوث قرار قانوني سزاجو رستو اختيار ڪيو وڃي ها ته اهو ممڪن آهي الزام تي شڪ جي گنجائش نه رهي ها پر آپريشن ڪندڙ سمورا ادارن قانون انصاف جي اورانگهه ڪندي پنهنجي عمل کي پاڻ شڪي بنائي ڇڏيو آهي،اهم سوال وقت جي چونڊ آهي سمجهڻو پوندو ته وقت جي چونڊ ڪيڏي اهم هوندي آهي مثال طور سکر ۾ شهيدصحافي جان محمد مهر جو قتل واقعو تنهن وقت ڪيو ويو ڇو ٻئي ڏينهن عام موڪل جو ڏينهن 14گسٽ جشن آزادي ڏڻ واري  تاريخ هئي،ماڙي جلباڻي واقعو به تنهن  وقت برپا ڪيو ڇو ٻئي ڏينهن جشن  عيدميلادالنبوي صه جو ڏينهن سبب عام موڪل آهي،ڇا اهو رڳو عجيب اتفاق آهي ته ڳوٺ پنهل خان چنڊيو سڪرنڊ سانحو ايم آر ڊي  تري واري تاريخ 28سيمٽبر  1983ع جي ساڳئي ڏينهن تاريخ تي ماڙي جلباڻي ساڳئي تاريخ ورجائي وئي آهي؟ياد ماضي  عذاب يا رب !  چوڻي وانگر اڄ اڳوڻو آرمي چيف جنرل آصف نوازجنجوه صحب  وڌيڪ ياد ٿو اچي جنهن ٽنڊو بهاول سانحي تي پنهنجي اداري کان سخت پڇاڻو ڪيو هو اڄ به آءِ ايس پي آر جو بيان تاريخ جو رڪارڊ موجود آهي  جنهن جانچ ۾ هڪڙي ملوث ميجرجنرل ا رشد کي سزاقانوني ادارتي پڇاڻي  جي پڪ سان لڳي ڇو ته   مائي جندو انصاف جو در کڙڪايو هو،شهيدن جي امڙ اڄ به زنده آهي.ٽنڊوبهاول  جو سانحو ڪتاب هڪ تحقياتي دستاويز آهي ۽ادارتيآڙ ۾  داٻا ،قانوني اختيارين جي اورانگهه سميت رستا  تنهن ڪتاب ۾ تاريخي حوالن سان ڀريل باب آهي ڇو ته پي ٽي وي نشر ڪيل خبر ۾ تنڊوبهاول  واقعي کي سرڪاري طور اهو رپورٽ ڪيو ويو هو ته “دشمن ملڪ ڀارت جا ايجنٽ ماريا ويا آهن، ٻيو بيانيون اهو آيو ته ڌاڙيل ماريا ويا آهن. شهيدمحترمه بينظير ڀٽو سميت اسان سڀ ٽنڊوبهاول جي شهيدن سان گڏ سينو تاڻي بيهي  رهيا سين،باقي ڪنهن واقعي ۾ ملوث قرار الزام دوران ڪنهن جي پٺيان بارودهٿيار لڳائڻ ڪو هن  ملڪ ۾ وڏو مسئلو ناهي،پر تاريخ جو سچ هو آهي ته ٽنڊو بهاول جا شهيد  نه دشمن ملڪ ڀارت جا ايجنٽ هئا نه وري ڌاڙيل هئا،ڪورٽ مارشل کان ملٽري قانوني گهرج  سان گڏ عدالتي سمورن قانوني رستن کان پوءِ صدر پاڪستان فاروق لغاري جي صحيحي سان ميجرجنرل ارشد کي سزاموت ڏني وئي هئي. سري عام ڦاهي چاڙهيو ويو،پاڪستان ۾ اهو پهريون واقعو آهي ته ملڪ جي شهرين سان ناانصافي تي وقت جي آرمي چيف جنرل آصف نواز جي حڪم تي جانچ ٿي ڏوهاري پڌرا ٿيا ۽  قانون تي عمل ٿيوڏوهاري کي سزا آئي ،ڳوٺاڻن سان انصاف ٿيو،تاريخ ۾ جنرل آصف نواز زنده آباد.ها! بلڪل ڀلي ياد ڪيو ۽ ڪنهن به وسارڻ نه کپي ته تنهن ٽنڊو بهاول واري مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ جو مرڪزي ڪردار وقت جو آرمي چيف جنرل آصف نواز جنجوه آهي،  تنهن  وقت جي وزيراعظم نوازشريف جون 1992ع ۾ ٽنڊو بهاول ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل قرارڏيئي مارڻ ۽ دشمن ملڪ ڀارت جو ايجنٽ قرار ڏيئي قتل ڪرڻ بابت جيڪو سانگهڙ ڪانفرنس ۾ پنهجي خطاب دوران بيان ڏنو هو اهو به خاص ڪري پي ٽي وي کان اي پي پي واري سرڪاري  رڪارڊ طور ضرور ملڻ کپي،جيڪو به انصاف وارو يا جانچ  وارو ادارو جانچ  شروع ڪري ته تاريخي طور اهي رڪارڊ وبه ضرور دليل آڌاربنائي سگهي ٿو   نوي جي ڏهاڪي ۾ هڪڙي ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “ جن  مال کائي ڏٺو ،اهي پال جا ڀاڙيا ٿينداآهن”سارنگ ڄام ڪمال جو تاريخي وڊيو رڪارڊ بيان لوڪ پچاريو آهي سو به تڏهن جڏهن ڪشمور ۾ ڌرڻو لڳل هو وري هاڻ تازوئي ڪمال جو تاريخي ٽڪرو بيان لوڪ پچاريو سارنگ سوچ جي سفر کي اڳتي وڌيو ته “ ڄام ساقي پهريون شخص هو جنهن بنگال آپريشن جي مخالفت ڪئي“ سڪرنڊ سانحي ماڙي جلباڻي  ڳوٺ واقعي تي ا مداد اوڍو جي سربراهي واري خابرو اداري طرفان سوڳوار سنڌجو لوڪ منظر پچاريو پيو وڃي،سوشل ميڊيا صفا ٻڙڪيل آهي ،ڏيهه ڏيساور تائين رنج جي رڙ لوڪ پچارجي رهي آهي تازوئي ڏيساور ي سنڌي صحافي حسن مجتبيٰ لکيو ته “رينجرزمسئلي جو حل ناهي، رينجر خودمسئلو آهي”هڪ ٻئي صحافتي لڙهي جي نوجوان شوڪت زرداري تمام تکي لهجي ۾ ردعمل ڏيندي سوال اٿاريا آهن  ته جن جناح هائوس ، جي ايڇ ڪيو فوج تي 9مئي  تي سڌا حملا ڪيا انهن مان ڪيترن ماڙي جلباڻي  ڳوٺاڻن تي فائر ڪيل سڌيون گوليون هلايون ويون؟ ڇو ته رڳو هڪ شخص جي ڪنهن الزام جي آڙ  ۾ گرفتاري جو بهانو ڪري ڳوٺاڻا  قتل ڪرڻ عالمي انساني حقن پڻ لتاڙ آهي قانون جي پڻ اورنگهه آهي ساڳئي وقت آئين  جي توهين ڇو ته آئين شهرين جي جان مال جو تحفظ يقنيني بنائي جي ضمانت ڏئي ٿو پوءِ ڀلا هي آئين ڪهڙي طاقت ٽوڙيو آهي؟ڳوٺاڻن جا هڪٻئي کا ن سگهڙ سوال ههڙا  آهن  ته  سڪرنڊ ۾ وري ڇاٿيو آهي؟ جواب ۾ اوطاقن  ۾ /واٽ ويندي ۽  هوٽل تي  ويٺل ماڻهو چون ٿا فوج ماڻهو ماريا آهن ،وري ڪٿي؟ ماڙي جلباڻي ۾ ساڳيو سڪرنڊ ساڳيو آهي،هاها اڳي به ٽنڊو بهاول ۾ فوج ماڻهو ماريا هئا مري ۾ ماڻهپ ماريا هئا ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه ۾ ماڻهو ماريا ويا هئا، پنهل خان چانديو ڳوٺاڻن سان جهيڙو ٿيو فوج ماڻهو ماريا هئا پر اهو نه نوازشريف جنرل ضيا جو دور هو،ظلم ڪير به ڪري تنهن کي ظالم سڏبوآهي،ساڳئي شهر جي ڪڇ ۾ سنڌجي سياسي شعوري هلچل جا تاريخ ۾ پيرا ملن ٿا ته سنڌسياسي جدوجهد۽ جاکوڙ ۾  اڃا سُنڍ ناهي ٿي،جڏهن گهرن ۾ اهلڪارداخل ٿي ويا ته ڳوٺاڻا ننگن تان نثار ٿيا،تاريخ وري هڪ ڀيرو ٻيهر منظورسولنگي  جو گيت جهوگاري ڇڏيو ته ”ڇپرن منهن لوڙهن ۾ گوليون  فوج پوليس چئي ته ڌاڙيل پيا ڳوليون“ايم آر ڊي تحريڪ جي ردعمل ۾ سرجيل انقلابي شاعر ي جا ارڏا آواز هن ڀيري وري آلاپجن پيا،سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نئين ٽهي جي نسل موروميهڙ جا ڍول ڪُٺا جهڙا آواز ٻڌي ورتا آهن ۽پنهنجي وڏڙن کان پڇن پيا ته سڪرنڊ مورو ميهڙ ڪي اين شاهه ۾ ڇا ٿيوهو؟تڏهن ظالم ضياءُ جي ڪاري مارشل لا خلاف سنڌجا سپوت وڙهيا هئافوجي  صدر جنرل ضياءُ  جو جهاز به لينڊ ڪري نه سگهيوهو،بدين ۽دادو ۾ اهي ڪتابه  اهلڪارن ماري ڇڏيا ۽ گڏهن به ماري ڇڏيا انهن جانورن کي پڻ گولين جو کاڄ بنايو ويو جن  تي سياسي ڪارڪنن لفظ ڪُتو ۽ گڏهه لکيو هو .ڊاڪٽر اڪاش انصاري کان تاجل بيوس تائين انقلابي شاعرن ڏاڍ ۾ ڏهڪاءُ پکيڙڻ جهڙا گيت گونجاري ڇڏيا هئا هي سوشل ميڊيا تي جيڪي ڏاڍ ظلم جبر  مخالف گيت بڌجن پيا اهي سڀ تنهن دو ر جي  هڪ تاريخ آهي،سنڌللڪار ڪئي اها تاريخ آهي،سنڌ تنهن تاريخ جي مالڪياڻي ڌرتي آهي ساڳيو لوڪ ڏاڍ ڏمر خلاف حق جو عالمي انساني آواز بنجي چئي ٿو ته اسان آپگهاتي بمبار دهشتگرد ناهيون .اسين ماڙي جلباڻي جا هاري مزدور پورهيت ڳوٺاڻا آهيون،هاڻ اسان کي انصاف ڪير ڏيندو؟ڪير اسان سان انصاف ڪندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو