ماني مھانگي موت سستو

مير ذوالفقار چانڊيو
دنيا جي خطي تي سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي تيل گيس ڪوئلو سون لوھ سميت زرعي حوالي سان سنڌ صوبو وڏي اھميت وارو آھي جتي کائڻ پيئڻ جي ھر شيءِ سبزي فروٽ ميوات سڀ سنڌ جي خطي جو حسن آهن جنھن سان سنڌ ترقي خوشحال بڻيل صوبو آهي ائين کڻي چئجي تہ قدرت جي ھر نعمت سنڌ سڳوري ۾ موجود آهي پر ھن خوشحال صوبي جي غريب عوام جو حال بيان ڪجي تہ ائين ٿو محسوس ٿئي تہ ھي خوشحال ڌرتيءَ جا رهواسي نہ پر پٿر دؤر جا رھندڙ ماڻھو آھن سندن ذاتي زندگي تمام گھڻي مشڪل مصيبتن واري گذرندي رهي ٿي کين وقت جي حڪومتن طرفان بنيادي سھولتن سميت ڪي بہ سھولتون نہ ملڻ ڪري ويچارا نڌڻڪا دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن جيڪڏهن سندن ڏکن سورن جو ذڪر ڪجي تہ اخبارن جا پيج ڀرجي ويندا پر ھن خوشحال ڌرتيءَ جي ماروئڙن جا اھنج ختم نہ ٿي سگهندا سڀني سورن تڪليفن کي ڇڏي جيڪڏهن غريب مسڪين ماڻهن جي صرف ھڪ ڏينھن جي سورن دردن جو داستان بيان ڪجي تڏهن بہ دل دانھون ڪوڪون ڪندي روئندي تڙپندي رهي ٿي تہ ھي منھنجي ديس جي ماڻهن سان ڪيڏو ظلم ۽ ناانصافي ٿي رهي آهي جو اڄ ڪلھ غريب مسڪين ماڻهو اٽي جي لپ ماني ڳڀي لاءِ پريشان ۽ دربدر ٿي رهي آهي سرڪاري اسٽالن توڙي فلور ملز اڳيان اٽو خريد ڪرڻ لاءِ وڏي رش ۽ قطارون نظر اچن ٿيون ھي ڪھڙو دجالي دؤر اچي ويو آهي جو خوشحال صوبي سنڌ جا ماڻهو اٽي جي لپ ماني ڳڀي لاءِ پريشان ۽ نڌڻڪا لڳا پيا آهن ھر جڳھ تي ڌڪا ٿاٻا کائڻ تي مجبور آهن جتي کين تذليل جو نشانو بڻائي اٽي جي لپ ملي رهي آهي پر ھاڻي صورتحال ايتري خطرناڪ ۽ مشڪل واري بڻجي وئي جو اٽي جي لپ خريد ڪرڻ پويان ماڻھن جي مرڻ ۽ جسم کان معذور ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي صرف ھڪ ڏينھن اندر سنڌ ۾ 2 افسوسناڪ واقعا سامھون آيا آهن جنھن نازڪ دل رکندڙ ماڻهن کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي تہ ھي منھنجي خوشحال ديس جي غريب مسڪين ماڻهن سان ڪيڏو وڏو ظلم ٿي رهيو آهي جيئن گذريل ڏينهن ميرپورخاص ۾ اٽو خريد ڪرڻ دوران رش وڌي وڃڻ ڪري ھڪ مسڪين پورهيت ھرسِن ڪولھي چيڀاڙجي فوت ٿي ويو اھڙو افسوسناڪ واقعو سامھون وقت جي حڪمرانن جي منھن تي زوردار چماٽ آهي ھي صرف ھڪ غريب مسڪين جو قتل نہ پر سڄي سنڌ جي غريبن مسڪينن جو قتل آهي جنهن کي ماني ڳڀي لاءِ ايترو دربدر ۽ پريشان ڪيو پيو وڃي صرف ايترو نہ پر منھنجي ادبي علمي شھر سڪرنڊ ۾ اقبال فلور ملز تي اٽو خريد ڪرڻ دوران رش ۾ لتاڙجڻ سبب ٻن عورتن سميت ھڪ معصوم ٻارڙيءَ جي ٽنگ ڀڄي پئي آهي خوشحال سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن کي اٽي جي لپ پويان پنھنجي زندگي جي بازي هارائي رهيا آهن ڪي وري نياڻيون نماڻيون اٽي جي لپ لاءِ معذور اپاهج بڻجي رھيون آھن نياڻي نماڻي ھوندي آھي جنھن کي سنڌ ۾ ست قرآن جي برابر سمجھيو ويندو آھي پر نااھل حڪمرانن جي غلط فيصلن نياڻين نماڻين کي اٽي جي لپ پويان معذور بڻائي ڇڏيو آهي اھڙي قسم جا واقعا دل کي جھير ڏيندي سوال ڪري رهيا آهن تہ آخر عوام جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ عوام جا ھڏڏوکي سياستدان حڪمران غريب عوام کي نڌڻڪو ڇڏي ڪٿي گم ٿيل آھن اھڙن واقعن جو ڪو داد فرياد ٿيندو يا وري سنڌ اندر غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ماني مھانگي موت سستو بڻيل آهي جنھن جي ڪري بس سنڌي ماڻهو نڌڻڪا بڻجي مرندا رهندا حقيقت ۾ اھڙن واقعن جو ڪيس وقت جي حڪمرانن سميت چونڊيل نمائندن مٿان داخل ٿيڻ گھرجي جيڪي عوام جي ووٽن تي چونڊجي اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن جڏهن تہ غريب مسڪين ماڻهو سخت تڪليفن پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن

پهنجو تبصرو موڪليو