قومي ڪافرنس مفاھمت ۽ مزاحمت وارو سوال

قومي ڪافرنس مفاھمت ۽ مزاحمت وارو سوال

حبيب ٽالاڻي
ڪجھ ڏينھن اڳ گادي واري شھر اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي تنظيمن تي ٻڌل تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جي ميزباني ھيٺ قومي ڪانفرنس ٿي گذري جنھن ۾ پي ٽي آـٔي جي اڳواڻن سميت محمود خان اچڪزـٔي سردار اختر مينگل مخدوم جاويد ھاشمي لياقت بلوچ ايمان مزاري سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻ سول سوساـٔٽي جي نماـٔندن شرڪت ڪـٔي مخالف ڌر اتحاد جي ان قومي ڪانفرنس ۾ 26 ھين ۽ ستاويھين آـٔيني ترميم کي رد ڪرڻ سان گڏوگڏ باني پي ٽي آـٔي سندس گھر واري توڙي پي ٽي آـٔي جي ٻين اڳواڻن کي آيل سزاـٔن جي مذمت ڪندي اھڙي سزاـٔن کي سياسي انتقامي ڪاروايون قرار ڏنو ويو ان قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن پي ٽي آـٔي کي صلاح ڏني ته مفاھمت بدران مزاحمت واري آپشن طرف وڃجي ته پي ٽي آـٔي سان گڏجي مزاحمت ڪنداسين پر ان ھوندي به محمودخان اچڪزـٔي جمھوريت خاطر ڳالھيون ڪرڻ جو به حامي ڀريو قومي ڪانفرنس جي حوالي سان انتفاق واري ڳالھ اھا چـٔجي ته جنھن ڏينھن تي گادي واري شھر ۾ مخالف ڌر پاران قومي ڪانفرنس ٿي رھي ھـٔي ٺيڪ ان ـٔي ڏينھن عمران خان سندس گھرواري بشرا بي بي ۽ پي ٽي آـٔي جي ٻين اڳواڻن کي ملڪ جي مختلف عدالتن پاران سزاـٔون ٻڌايون ويون ھاڻي ان شـٔي کي اتفاق چـٔجي يا قومي ڪانفرنس ڪوٺاـٔڻ وارن لاء طاقتور ڌرين جو ھڪ سخت پيغام چـٔجي؟ اصل ۾ اھو اتفاق ھجي يا وري ان کي طاقتورن جو پيغام چـٔجي؟ پرسمجھڻ وارا سمجھي ويا ھوندا اصل مامرو ڪھڙو آھي بحرالحال ان قومي ڪانفرنس جي پڄاڻي بعد ان اتحاد پاران ڪو به حتمي فيصلو ناھي ڪيو ويو ته مفاھمت طرف وينداسين يا مزاحمت طرف ھڪ پاسي اھو چيو ويو ته ڳالھين لاء تيار آھيون ٻـٔي پاسي چيو ويو ته مزاحمت ڪنداسين اصل ۾ ان ڪانفرنس بعد ڪجھ به واضع ناھي ڪيو ويو ته مسقبل ۾ ان اتحاد پاران ڇا ڪيو ويندو بس ھڪڙن چيو جمھوري طريقي سان ڳالھين لاء تيار آھيون ٻين چيو ته مزاحمت ڪنداسين ھاڻي ان سڄي صورتحال ۾ پھريون سوال اھو ٿوپيدا ٿـٔي ته ڇا ھي مخالف ڌر اتحاد تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان مزاحمت ڪرڻ واري پوزيشن ۾ آھي؟ سوال ٻيو ته ڇا ان مخالف ڌر جي اتحاد سان اسٽيبلشمنٽ يا حڪومت ڳالھيون ڪندي؟ سوال پھريون ته ڇا مخالف ڌر وٽ مزاحمت ڪرڻ جيتري سياسي قووت آھي؟ اصل ۾ ڏٺو وڃي ته مخالف ڌر جي تنظيمن تي ٻڌل تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان قاـٔم ٿيڻ کان وٺي ھن مھل تاـٔين صرف بيانن کان وڌيڪ ڪجھ به ناھي ڪري سگھي ھن وقت تاـٔين ان اتحاد پاران موجودا حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ خلاف ملڪ ۾ اھڙي ڪا به طاقتور مزاحمتي تحريڪ ناھي ھلاـٔي وـٔي جنھن سان حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ کي پريشانين کي منھن ڏيڻو پيو ھجي جنھن جو اھم سبب اھو آھي ته ان اتحاد ۾ شامل پي ٽي آـٔي کي صرف ۽ صرف عمران خان جي آزادي گھرجي پي ٽي آـٔي کي ٻـٔي ڪنھن به سياسي اشوء سان ڪا به دلچسپي ناھي ان ڪري مخالف ڌر وارو اھو اتحاد جنھن جو نالو ته تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان آھي پر اصل ۾ ان پليٽ فارم کي صرف باني پي ٽي آـٔي عمران خان کي تحفظ ڏيارڻ لاء استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رھي آھي ان ڪري ان اتحاد ۾ شامل مختلف تنظيمون صرف بيانن تاـٔين محدود رھنديون آيون آھن ان ڪري جو انھن اھو سمھجيو پـٔي ته جڏھن ھي پليٽ فارم صرف عمران خان کي رليف ڏيارڻ لاء استعمال ٿي رھي ھجي ته پوء ھرو ڀرو عمران خان خاطر اسٽيبلشمنٽ سان واسطا ڇو خراب ڪجن ان ڪري مخالف ڌر جو اھو اتحاد صرف بيانن جي حد تاـٔين محدود رھندو اچي پيو ان ڪري ويجھي مستقبل ۾ به ان اتحادپاران ڪا به طاقتور تحريڪ ھلاـٔڻ جو ڪو به امڪان ناھي نه وري ان اتحاد جي سياسي پوزيشن ان قسم جي آھي جو حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ خلاف سڄي ملڪ ۾ ڀرپور مزاحمتي تحريڪ ھلاـٔي سگھي جنھن تحريڪ کان خوفزدا ٿي اسٽيبلشمنٽ يا حڪومت انھن سان ڳالھيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي
ڪا به تحريڪ ھلاـٔڻ لاء وڏي سياسي طاقت ۽ اسٽريٽ پاور جي ضرورت ٿيندي آھي ھتي حالت اھا آھي ته پي ٽي آـٔي جي سڄي قيادت مختلف ڪيسن ۾ گھربل آھي ڪي پي ڪي جي سڀني ايم پيز ايز تي به ڪيس داخل آھي ڪير به جيل وڃڻ لاء تيار ناھي تحريڪ لاء ھڪ اھڙي طاقتور احتجاج جي ضرورت پوندي آھي جو سڄو حڪومتي سسٽم مفلوج بڻجي وڃي ان دوران گرفتاريون ۽ سختيون به برداشت ڪرڻيون پونديون آھن حڪومتي مشينري کي مفلوج بڻاـٔڻ ڪو آسان ڪم ناھي ھوندو ھتي وري صورتحال اھا آھي جو مخالف ڌر جو اتحاد پاڻ مفلوج بڻيل آھي ان ڪري ڪا تحريڪ ھلاـٔڻ ته پري جي ڳالھ آھي چار پنج وڏا جلسا ڪرڻ به ان اتحاد جي وس جي ڳالھ ناھي ھا باقي ڪي پي ڪي ۾ وڃي ڀل جلسا ڪن ان سان حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ مٿان ڪو اثر نه پوندو باقي ٻين صوبن ۾ انھن کي گڏ ٿيڻ به ڪو نه ڏنو ويندو ان ڪري مخالف ڌر جي اتحاد پاران ڪا وڏي سياسي مزاحمتي تحريڪ ھلڻ جو ڪو به امڪان ناھي سوال ٻيون ته ڇا حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ ان اتحاد سان ڳالھيون ڪندي؟ان حوالي سان نوٽ ڪرڻ واري ڳالھ اھا آھي ته حڪومت ته اڳي ـٔي پي ٽي آـٔي کي ڳالھيون ڪرڻ جي آچ ڪندي رھي آھي اڳ به پي ٽي آـٔي وارن تحفظ تحريڪ آـٔين پاڪستان واري اتحاد کي باء پاس ڪري حڪومت سان ڳالھيون شروع ڪيون ھيون پر اھي ڳالھيون بنانتيجي ختم ٿي ويون ھاڻي وري مخالف ڌرجي اتحاد واري پليٽ فارم تان محمودخان اچڪزـٔي ڳالھيون ڪرڻ جي آڇ ڪـٔي آھي پر سوال اھو آھي ته آخر ڳالھيون ڪندا ڪنھن سان؟ ھڪ پاسي مخالف ڌر پاران اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾ مداخلت جي شديد مخالفت ڪـٔي پـٔي ته ٻـٔي پاسي پي ٽي آـٔي ھميشا اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جي خواھمشمند رھي آھي اڳ ۾ محمود خان اچڪزـٔي کي اھو ته طـٔي ڪرڻ کپي ته بابا ڳالھيون ڪندا ڪنھن سان؟ عمران خان حڪومت سان ڳالھيون ڪندو ڪو نه عمران خان ھميشا سڌي طرح اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪرڻ جو خواھشمند رھيو آھي ان ڪري مخالف ڌر جي اتحاد ۾ شامل پارٽين کي اڳ ۾ اھو طـٔي ڪرڻ گھرجي ته ڳالھيون ڪجن ڪنھن سان؟پر ھتي ھڪ سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته ڇا اسٽيبلشمنٽ مخالف ڌر جي اتحاد سان ڳالھيون ڪندي؟ ان سوال جو جواب بلڪل نه ۾ آھي ان ڪري ته مخالف ڌر سان ڳالھيون ڪرڻ مطلب عمران خان جي مامري تي ڳالھيون ڪرڻ آھي پر اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان وچ ۾ اختلاف گھڻو اڳتي وڌي چڪا آھن جتان ھاڻي واپسي جيڪڏھن ناممڪن ناھي ته پوء ڪو سولو ڪم به ناھي فيض حميد کي مليل سزا کان پوء عمران خان سندس گھرواري ۽ پي ٽي آـٔي جي ٻين اڳواڻن کي مليل سزاـٔن مان اھو صاف ظاھر ٿي رھيو آھي ته اسٽيبلشمنٽ ريڊ لاـٔن ڪراس ڪندڙن خلاف سخت ڪارواـٔي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ان ڪري گھٽ ۾ گھٽ ھن وقت اسٽيبلشمنٽ عمران خان سان ڳالھيون ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آھي پس پردا مامرا ٿڌا ڪرڻ جي موڊ ۾ به ناھي اڳ ـٔي اسٽيبلشمنٽ عمران خان کي ملڪي سلامتي لاء خطرو قرار ڏيـٔي چڪو آھي اھڙي صورتحال ۾ ڀلا اھو ڪيـٔن ممڪن آھي ته اسٽيبلشمنٽ ھاڻي ڪنھن اھڙي سياسي اتحاد سان ڳالھيون ڪري جيڪا اتحاد ان عمران خان لاء رليف گھري جنھن عمران خان کي اسٽيبلشمنٽ ملڪي سلامتي لاء خطروقرار ڏنو ھجي ان ڪري ويجھي مستقبل ۾ مخالف ڌر جي اتحاد کي ڪا اھم سياسي ڪاميابي ملڻ جو ڪو به امڪان ناھي ڀل مخالف ڌر اتحاد قومي ڪانفرنس جھڙا ٻيا به ڪيتراـٔي ڪانفرنس ڪري وٺي پر قومي ڪانفرنس جھڙن پروگرامن ذريعي حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ کي سوڙھو نه ٿو ڪري سگھجي باقي اھو ضرور آھي ته سياست ۾ زندا رھڻ لاء اھڙيون سياسي سرگرميون ضروري آھي باقي مزاحمت وارو رستو ڏاڍو اوکو ڪم آھي ۽ تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان وٽ اھا سياسي ۽ عوامي طاقت ناھي جو اھي مزاحمتي تحريڪ ھلاـٔي سگھن تحريڪ تحفظ آـٔين پاڪستان جي قيادت کي مزاحمتي سياست ڪرڻي آھي ته پوء جنرل ضياء ۽ مشرف جي آمريت خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي جي مزاحمتي سياست جي تاريخ پڙھڻ گھرجي يا وري سنڌ جي قومي اشوز تي سنڌي قومپرست تنظيمن جي مزاحمتي ڪردار جو جاـٔزو وٺڻ گھرجي ۽ سمجھڻ گھرجي مزاحمتي تحريڪون ڇا ھونديون آھن ڪيـٔن ھلنديون آھن ڪھڙيون قربانيون ڏيڻيون پونديون آھن باقي وڏن ھوٽلن ۾ ويھڻ سان مزاحمتي تحريڪون ناھن ھلنديون ان ڪري ويجھي مستقبل ۾ مخالف ڌر اتحاد پاران نه ڪا وڏي تحريڪ ھلڻ جو امڪان آھي ۽ نه وري انھـن سان حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ پاران ڳالھيون ڪرڻ جو ڪو امڪان آھي باقي ڪانفرنسون پيون ٿينديون

پهنجو تبصرو موڪليو