ٽيم جي مفاد لاءِ هر رول ادار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، رضوان

ٽيم جي مفاد لاءِ هر رول ادار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، رضوان

پشاور (ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ون ڊائون نه کيڏڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 18 اپريل تي کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي آخري ميچ 27 اپريل تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ايندڙ مهيني شروع ٿيندڙ سيريز جي حوالي سان گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي محمد رضوان بابت خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته رضوان نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ون ڊائون پوزيشن ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.هاڻ ان حوالي سان محمد رضوان جو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن انهن سمورن خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته کيس نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ ون ڊي وڃڻ کان منع ناهي ڪئي وئي.وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين چيو ته هو قومي ٽيم جي مفاد لاءِ هر ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ وڪيٽ ڪيپنگ به ڇڏي ڏيان ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو