اسحاق سو مرو
قائد اعظم محمد علي جناح اڄ کان اٽڪل ڏيڍ سوءَ سال اڳ 25 ڊسمبر 1876 تي پيدا ٿيو، جناح ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ سنڌ مدرسة الاسلام (هاڻي سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي) بعد ۾ ڪرسچن مشنري سوسائٽي هاءِ اسڪول (ڪراچي ۾ پڻ) حاصل ڪئي.1887ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾ هن بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاسڪيو. هڪ انگريز دوست جي صلاح تي، سندس پيءُ کيس ڪاروباري تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. پر جناح اتي وڃي بئريسٽر بڻجڻ جو فيصلوڪيو. جناح انگلينڊ مان واپس اچي وڪالت ۽ سياست جي شروعات ڪئي. پاڻ هڪ نفيس ۽ آزاد سوچ وارو انسان هو، جيتوڻيڪ پاڪستان جو بنياد هڪ مذهبي ملڪ طور تي ٿيو پر قائد اعظم هڪ لبرل ۽ سيڪيولر سوچ وارو ليڊر هو جنهن جي شاهدي ڪيترن ئي لکڻين ۾ ملي ٿي، سندس جي 11 آگسٽ 1947ع تي جي اُها تقريراهم آهي جيڪا هن دستورساز اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪئي ته پاڪستان ۾ مسلم توڙي غير مسلم جي هڪ جيتري حيثيت هوندي. قائداعظم کانپوءِ آل پاڪستان مسلم ليگ جي صدر چوڌري خليق الزمان خود قائداعظم جي انهيءَ تقرير تي چيو هو ته هاڻي پهرين وارين ڳالهين کي ختم ڪيو ويو آهي ۽ اُهو ڇو ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مسلمانن سان گڏ هندو، سک، پارسي، عيسائي به رهن ٿا. تنهن ڪري هاڻي اسين ڪهڙي قوم آهيون؟ اسين پنهنجي ڪهڙي قوميت سڏايون ۽ لکون، مذهب جو نالي تي اسين اسلامي قوم آهيون! اهو هڪڙو وڏو مونجهاري وارو سوال هو ت ، ”قوم مذهب مان ٺهندي آهي“.قائداعظم جي 11 آگسٽ جي تقرير توڙي سندس طرفان کنيل عملي قدم سڀئي سيڪيولر نوعيت جا هئا.
قائداعظم گورنر جنرل آف پاڪستان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪنهن به مسجد يا مزار تي حاضري ڏيڻ جي بجاءِ 17 آگسٽ 1947ع تي ڪراچيءَ جي ”هولي ٽرينٽي چرچ“ جو دورو ڪري غير مسلمانن کي يقين ڏياريو ته کين پاڪستان ۾ برابر وارا شهري تصور ڪيو ويندو.
هن پاڪستان جي پهرين ڪابينا جي چونڊ پنهنجي سياسي سوچ ۽ سمجهه مطابق ڪئي. هڪ هندو جوگندرناٿ منڊل کي وزير قانون ٺاهيو ته جيئن اهڙي ڪابه قانون سازي نه ڪئي وڃي، جنهن سان غير مسلمانن جا حق غضب ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿئي، هڪ احمدي فرقي سان تعلق رکندڙ سر ظفرالله کي وزير خارجه مقرر ڪيو، پاڪستان جي پهرين وزارت جو ڪوبه وزير مذهبي رهنما نه هو، هن ڪابه مذهبي وزارت قائم نه ڪئي. هن جا ٻئي ملٽري سيڪريٽري انگريز هئا، جيڪي سندس وفات تائين هن سان گڏ ڪم ڪندا رهيا. هن بري، بحري ۽ فضائي فوج جا چيف به انگريز نامزد ڪيا، ٻن صوبن جا گورنر به انگريز هئا. جڏهن ته فوج ۽ سول سروسز جا پنج سؤ آفيسر به انگريز هئا. مسلم ليگ، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي عهدي لاءِ هڪ عيسائي ديوان بهادر ايس پي سنگها کي نامزد ڪيو. معرف تاريخدان پروفيسر طاهر ڪامران جي تحقيق جي مطابق اڳتي هلي قائداعظم جي خيالن جي ابتڙ ”قرارداد مقاصد“ جي منظور ٿيڻ جو ايس پي سنگها کي شديد صدمو رسيو ۽ صدمي جي ڪري کيس دل جو دورو پيو ۽ ان دوري ۾ ئي هو وفات ڪري ويو.
قائداعظم سرڪاري آفيسن ۽ پاڪستاني سفارتخانن لاءِ پنهنجي جنهن پورٽريٽ جي چونڊ ڪئي هئي، اها شيرواني ۽ جناح ڪئپ واري نه هئي. بلڪه اُها ”ٿري پيس سوٽ ۽ هٿ ۾ سگريٽ“ واري هئي. قائداعظم جا اُهي قدم مذهبي نه پر لبرل نوعيت جا هئا..
جڏهن ت سيڪيولر لفظ جي معنيٰ ڪافر يا ملحد ٻڌائي وئي آهي، سيڪيولراز جي معني روشن خيالي آهي، سيڪيولرازم ڪنهن به مذهبي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ، انسان کي برداشت ۽ رواداري سيکاري ٿو. مذهب کي حڪومتي معاملن کان الڳ ڪري ٿو. سيڪيولرازم ۾ اُها تعليم ڏني وڃي ٿي ته مذهب انسان جو ذاتي معاملو آهي.
مشهور صحافي قيوم نظامي پنهنجي مضمون ”قائداعظم بحيثيت گورنر جنرل“ ۾ لکي ٿو ته قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير مڪمل طور تي هڪ سيڪيولر سياستدان جي تقرير هئي ۽ هن بحيثيت گورنر جنرل جيڪي قدم کنيا اُهي به سيڪيولر نوعيت جا هئا ، هن (قائداعظم) کي احساس ٿي ويو هو ته قوم مذهب سان نه پر وطن سان بڻجندي آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني مذهبن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني به هڪ قوم آهن ۽ هن کي واضح ٿي ويو هو ته قوم کي مذهب جي نالي تي تشڪيل ڏيڻ واري ٿيوري/ سوچ قابل عمل نه آهي ۽ اهڙو تجربو فضول آهي.
اسان جي ملڪ ۾ وري ”سيڪيولر“ لفظ جي معني ”ملحد ۽ لادين“ ڪري پيش ڪئي پئي وڃي. ايستائين جو باباءِ اردو مولوي عبدالحق به اردوءَ ۾ تيار ڪيل لغت ۾ سيڪيولر لفظ جي معنيٰ به ڪجهه اهڙي ئي طريقي سان لکي آهي. روزنامه نواءِ وقت جي مالڪ ۽ ايڊيٽر مجيد نظاميءَ لاهور ۾ ”نظريه پاڪستان“ جي نالي سان هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو آهي ۽ نظريه پاڪستان جي نالي سان هڪ ماهوار رسالو به شايع ٿيندو رهيو آهي. ان رسالي جي سيپٽمبر 2012ع جي شماري ۾ مضمون نگار احمد سعيد جو مضمون ”ڇا قائداعظم سيڪيولر هو؟“ جي عنوان سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن صاحب، قائداعظم جي سيڪيولر نه هجڻ کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فلاڻي فلاڻي جڳهين تي ميلاد جي محفلن ۾ شريڪ ٿيو ۽ هن مختلف ڪتابن ۽ حوالن سان قائداعظم جون پڙهيل ڏهه نمازون ڳولي لڌيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري عيد جي موقعن يا جمعي جون نمازون ئي آهن.
قائداعظم جو هڪ نهايت ئي قريبي ساٿي يوسف هارون هو، جيڪو پنجاب جو گورنر به رهيو، جنهن روزنامه پاڪستان لاهور کي هڪ پينل انٽرويو ڏيندي چيو هو ته قائداعظم لبرل سوچ وارو هو. (هيءُ انٽرويو روزنامه پاڪستان لاهور جي سنڊي مئگزين ۾ 12 آڪٽوبر 2008ع تي ٻيهر ڇپيو).
قائداعظم جي هڪ ويجهي ساٿي صادق ايم اقبال پنهنجي سوانح عمري ’گونج چند يادين‘ جي صفحي نمبر 133 تي لکي ٿو ته هڪ دفعو تنهن وقت ڊان اخبار جي ايڊيٽر الطاف حسين سان گڏ هارڊنگ روڊ تي واقع لياقت علي خان جي ڪوٺيءَ تي وڃڻ ٿيو، جتي مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو اجلاس هلي رهيو هو. مغرب جي نماز جو وقت ٿيو ته ملازمن نماز لاءِ فراسيون وڇائڻ شروع ڪيون ته سڀني وضو ڪرڻ شروع ڪيو. خبر ناهي ته ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ڪيترا ميمبر باقاعدگي سان نماز پڙهندا هئا. پر ان ڏينهن لياقت علي خان، حسين امام، عبدالقادر سيٺ، ايوب کهڙو وضو ڪري مولانا عثمانيءَ جي امامت ۾ نماز پڙهڻ ۾ شروع ٿي ويا، پر قائداعظم نماز ۾ شريڪ نه ٿيو ۽ ڊرائينگ روم ۾ اڪيلو ويهي ڪنهن سوچ ويچار ۾ ويٺو رهيو.
بهرحال انهن سڀني حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ت مسٽر جناح روشن خيال ۽ لبرل اڳواڻ هو. سيڪيولرزم ۾ مذهبي معاملن کي فرد جو ذاتي عمل سمجهيو وڃي ٿو. تنهن ڪري سيڪيولرزم جي لفظي معنيٰ جي ڊڪشنريءَ ۾ درستگي ٿيڻ کپي، جڏهن ته هاڻي ٻه قومي نظريي اڳيان سواليه نشان اچي چڪو آهي. تجربي اهو ئي ثابت ڪيو آهي. قومون مذهبن سان نه پر ڪلچر، تهذيب تمدن، وطن ۽ ڌرتيءَ سان سڃاتيون ۽ پرکيون وينديون آهن.اڄ قائد اعظم محمد علي جناح جي 74 ورسي جو ڏينهن آهي، ملڪ تمام گهڻن دهشتگردي جهڙن مسئلن کي منهنڏئي رهيو آهي وقت جي ضرورت آهي ت سندس جي 11 آگسٽ 1947 تي ڪيل تقرير تي عمل ڪري ملڪ کي مظبوط ۽ مستحڪم بنايو وڃي.
ishaksoomro@yahoo.com










