فٽبال ٽورنامينٽ شدو اليون کٽي ورتو، انعام تقسيم

روھڙي(رپورٽ امان الله سومرو)ريلوي فٽبال گرائونڊ لوڪوشيڊ ۾ جاري پهرين شھزاد عرف شدو شھيد ٽورنامينٽ جو فائنل پڄاڻي تي پهتو شدو اليون ستار اليون کي شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي. ٽورنامنٽ جو فائنل ستار اليون ۽ شدو اليون ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ مقرر وقت تائين ٻنهي ٽيمن جا رانديگر زبردست راند ڪرڻ باوجود ڪوئي گول نه ڪري سگهيا. جنهن بعد پينالٽي ڪڪ ذريعي شدو اليون فائنل کٽي وئي. ان موقعي تي ميچ جي مهمان خاص پي ٽي آئي اڳواڻ حاجي ديدار علي جتوئي ۽ اعزازي مهمان ڪاشف حسين قاضي، غوري بابا، ۽ استاد ابراهيم مغل ڳالهائيندي چيو ته ٽورنامينٽ جي ڪاميابيءَ تي ۽ راندين جي بحالي تي روهڙي واسين ۽ راند سان چاھ رکندڙ تمام دوستن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ روهڙي جي گرائونڊن کي آباد ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي رانديگر جي محنت جوش جذبو ڏسي ڏاڍو مزو آيو ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن تمام بهترين انداز ۾ راند پيش ڪئي هار جيت راند جو حصو آهي ڪامياب ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو ۽ رنر ٽيم کي بهترين راند ڪرڻ تي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ کيس ايندڙ ميچن ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ پاران ونر ٽيم جي رانديگرن توڙي رنر ٽيم کي نقد انعام ڏنا ويا ۽ چيو ته اوهان پنهنجي شوق ۽ دلچسپي سان راند جا ميدان آباد رکو اسان اوهان جي هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو